Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 4:25 - Sindhi Bible

25 پر آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ايلياہ جي ڏينهن ۾ جڏهن ساڍا ٽي ورهيہ آسمان پوريو پيو هو، ۽ سڄي ملڪ ۾ ڏڪر هو، تڏهن اسرائيل ۾ گهڻيئي بيوهہ زالون هيون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ جي ڏينهن ۾ ساڍن ٽن سالن تائين آڪاش مان برسات جي هڪ ڦڙي بہ نہ پيئي، ايتري قدر جو پوري اسرائيل ملڪ ۾ سخت ڏڪار پئجي ويو. ان وقت توڙي جو ملڪ ۾ ڪيتريون ئي وڌوائون هيون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ الياس نبيءَ جي ڏينهن ۾ ساڍن ٽن سالن تائين آسمان مان برسات جي هڪ ڦڙي بہ نہ پيئي، ايتري قدر جو پوري اسرائيل ملڪ ۾ سخت ڏڪار پئجي ويو. ان وقت توڙي جو ملڪ ۾ ڪيتريون ئي رنون‌زالون هيون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

25 मां तवां खे सच तो चवां, के एलिय्याह भविष्यवक्‍ता जे डी॒ंहन में जड॒ऐं साढे टिन सालन ताईं बरसात न पई हुई ऐं सजे॒ मुल्कअ में डा॒ढो वडो॒ डु॒कड़ पेजी वयो हो, उन वक़्त इज़राएल में डा॒ढियूं विधवाऊं हुयूं,

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جڏھن الياس نبيءَ جي ڏينھن ۾ ساڍا ٽي سال آسمان مان بوند نہ پيئي ۽ ملڪ ۾ سخت ڏڪار پئجي ويو، تڏھن جيتوڻيڪ اسرائيل ۾ بہ ڪيتريون ئي رنون⁠زالون ھيون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 4:25
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ايلياہ تشبي، جو جلعاد جي رهاڪن مان هو، تنهن اخي آب کي چيو تہ خداوند اسرائيل جي جيئري خدا جو قسم آهي، جنهن جي اڳيان آءٌ بيٺو آهيان، تہ منهنجي چئي بنا هنن ورهين ۾ ماڪ يا مينهن نہ پوندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ منهنجا خيال اوهان جا خيال نہ آهن، نڪي اوهان جا رستا منهنجا رستا آهن.


مون کي اهو حق ڪونهي ڇا تہ پنهنجي پئسي سان جيئن وڻيم تيئن ڪريان؟ ڇالاءِ جو آئون ڀلو آهيان، تنهنڪري تون برو ٿو سمجهين ڇا؟


انهيءَ گهڙيءَ هن پاڪ روح ۾ سرهو ٿي چيو، تہ اي ابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ، آئون تنهنجو شڪر ٿو ڪريان تہ تو هي ڳالهيون ڏاهن ۽ سمجهہ وارن کان ڳجهيون رکيون آهن، ۽ ٻارڙن کي ظاهر ڪري ڏيکاريون اٿيئي: هائو، ابا، ڇالاءِ جو تنهنجي نظر ۾ ائين چڱو آيو.


ڇالاءِ جو هو موسيٰ کي چوي ٿو تہ ”جنهن تي رحم ڪرڻو اٿم، تنهن تي رحم ڪندس ۽ جنهن تي ترس ڪرڻو اٿم، تنهن تي ترس ڪندس.“


اي انسان، ڀلا تون ڪير آهين جو خدا جي سامهون جواب ٿو ڏين؟ جڙيل شيءِ ڪا جوڙيندڙ کي چوندي ڇا تہ تو مون کي ههڙو ڇو جوڙيو؟


انهي ۾، جيڪو پنهنجيءَ مرضيءَ جي مصلحت موجب سڀ ڪجهہ ٿو ڪري، اسين بہ سندس ارادي موافق اڳيئي مقرر ٿي ميراث ٿياسين؛


جيئن تہ هن پنهنجي مرضيءَ جو راز انهي پنهنجي چڱي ارادي موجب اسان تي ظاهر ڪيو، جو هن پاڻ ۾ ٺهرائي ڇڏيو هو،


ايلياہ بہ اسان جهڙيءَ طبيعت جو ماڻهو هو، ۽ هن دل و جان سان دعا گهُري تہ مينهن نہ وسي؛ پوءِ ساڍا ٽي ورهيہ برابر زمين تي مينهن نہ وسيو.


انهن کي اختياري آهي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين، تان تہ سندن نبوت جي ڏينهن ۾ مينهن نہ پوي. ۽ پاڻيءَ تي بہ کين اختياري آهي، تہ انهي کي بدلائي رت ڪري وجهن، ۽ جيترا ڀيرا مرضي پوينِ، اوترا ڀيرا زمين تي هر طرح جي آفت آڻين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ