Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 4:23 - Sindhi Bible

23 تڏهن چيائينس تہ اوهين ضرور مون کي هيءُ مثال ڏيندا تہ اي طبيب، پاڻ کي تہ ڇُٽاءِ: جيڪي اسان ٻڌو آهي تہ تو ڪفرناحوم ۾ ڪيو آهي، سو هت پنهنجي وطن ۾ بہ ڪري ڏيکار.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين ضرور اها چوڻي مون کي چوندا تہ ’حڪيم! پاڻ کي تہ ڇٽاءِ‘ ۽ هيئن بہ چوندا تہ ’هتي پنهنجي ديس ۾ بہ ائين ئي ڪري ڏيکار جيئن ڪفرناحوم شهر بابت ٻڌون ٿا.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 تنهن تي عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اوهين ضرور اها چوڻي مون کي چوندا تہ ’حڪيم! پاڻ کي تہ ڇٽاءِ‘ ۽ هيئن بہ چوندا تہ ’هتي پنهنجي ديس ۾ بہ ائين ئي ڪري ڏيکار جيئن ڪفرناحوم شهر بابت ٻڌون ٿا.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

23 येशुअ उनन खे चयईं, “तवां ज़रूर इया कहावतअ मुखे चवंदव ‘हे डोक्टरअ, पहेरयों पांजे पाण खे त ठीक करे डे॒खार ऐं तवां मुखे इयो बी चवंदव जेके कमअ तूं कफरनहुम में कया आइन उहे कमअ तूं हिते पांजे नगरअ में बी करे डे॒खार’।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين ضرور اھا چوڻي مون کي ٻڌائيندا تہ ’ڊاڪٽر، پاڻ کي تہ ڇٽاءِ،‘ ۽ ھيئن بہ چوندا تہ ’ھتي پنھنجي وطن ۾ بہ ائين ڪري ڏيکار جيئن ڪفرناحوم بابت ٻڌون ٿا.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 4:23
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ پنهنجي وطن ۾ اچي ماڻهن کي سندن عبادتخاني ۾ تعليم ڏنائين، جنهنڪري هو عجب ۾ پئي چوڻ لڳا، تہ هن ماڻهوءَ کي هيءَ دانائي ۽ معجزا ڪٿان آيا؟


۽ ناصرت ڇڏي اچي ڪفرناحوم ۾ رهڻ لڳو، جو سمنڊ جي ڪناري تي زبولون ۽ نفتاليءَ جي حدن اندر آهي:


۽ يسوع ساري گليل ۾ هنن جي عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، ۽ بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو، ۽ سڀني قسمن جي مرضن، ۽ سڀني قسمن جي بيمارين کان ماڻهن کي ڇُٽائيندو گهمندو رهيو.


پوءِ هو اُتان نڪري پنهنجي وطن آيو، ۽ سندس شاگرد پٺيانئس آيا.


۽ جڏهن هو خداوند جي شريعت موجب سڀ ڪجهہ پورو ڪري رهيا، تڏهن گليل ملڪ ۾ پنهنجي شهر ناصرت ڏانهن موٽي ويا.


پوءِ هو ساڻن گڏجي ناصرت ۾ آيو؛ ۽ سندن چئي ۾ رهيو: ۽ سندس ماءُ اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي دل ۾ سانڍي رکيون.


۽ هو ناصرت شهر ۾ آيو، جتي پاڻ نپنو هو، ۽ پنهنجي دستور موجب سبت جي ڏينهن عبادتخاني ۾ ويو، ۽ پڙهڻ لاءِ اُٿي بيٺو،


۽ هو ڪفرناحوم نالي گليل جي هڪڙي شهر ۾ آيو، ۽ سبت جي ڏينهن ماڻهن کي ويٺي سيکاريائين:


پوءِ يسوع دڙڪو ڏيئي چيس تہ ماٺ ڪر، ۽ هن مان نڪري اچ. تنهن تي ڀوت هن کي وچ ۾ ڪيرائي ڪنهن بہ ايذاءُ رسائڻ کانسواءِ منجهانئس نڪري آيو.


يا ڪيئن تون پنهنجي ڀاءُ کي چوندين، تہ ادا، مون کي تنهنجي اک مان ڪٽر ڪڍڻ ڏي، جڏهن تنهنجي اک ۾ جو شهتير پيو آهي سو نٿو ڏسين؟ اي رياڪار، پهريائين تون پنهنجي اک مان شهتير ڪڍ، تہ پوءِ پنهنجي ڀاءُ جي اک جو ڪٽر صاف ڏسي ڪڍي سگهندين.


پوءِ زال پنهنجو دلو ڇڏي شهر ڏانهن ويئي، ۽ ماڻهن کي چوڻ لڳي تہ


تنهنڪري هن کانپوءِ اسين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي جسماني طور نٿا سڃاڻون، جيتوڻيڪ اسان مسيح کي بہ جسماني طور سڃاتو هو، پر هاڻي اسين هن کي ائين نٿا سڃاڻون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ