Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 4:2 - Sindhi Bible

2 ۽ چاليهہ ڏينهن تائين شيطان کيس پئي آزمايو. ۽ اُنهن ڏينهن ۾ ڪجهہ بہ نہ کاڌائين: ۽ جڏهن ڏينهن پورا ٿيا تڏهن بک لڳيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

2 उते चालीअन डी॒ंहन ताईं शैतान येशुअ जी आज़माइश कंदो रयो। उनन डी॒ंहन में हुन कुछ बी न खादो ऐं जड॒ऐं चालीअ डीं॒हं पूरा थ्या, त संदस खे डा॒ढी भुखअ लगी॒।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 جتي شيطان ھن کي آزمايو. انھن ڏينھن ۾ ھن ڪجھہ بہ نہ کاڌو، پر جڏھن اھي ڏينھن گذري ويا تہ پوءِ ھن کي بک لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 4:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ تنهنجي ۽ زال جي وچ ۾ دشمني، ۽ تنهنجي نسل ۽ زال جي نسل جي وچ ۾ دشمني وجهندس: هو تنهنجو مٿو چٿيندو ۽ تون هن جي کڙي ڏنگيندين.


۽ هن اُٿي ويهي کاڌو ۽ پيتو، ۽ اُنهيءَ کاڌي جي زور تي چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون خدا جي جبل حورب تائين هليو.


جيڪي يهودي هن وقت سوسن ۾ آهن سي سڀ گڏ ٿيو، ۽ منهنجي لاءِ روزو رکو، ۽ ٽن ڏينهن تائين، رات جو توڙي ڏينهن جو، نڪي کائو نڪي پيئو: آءٌ ۽ منهنجون سهيليون بہ ساڳيءَ طرح روزو رکنديونسين؛ پوءِ اُنهيءَ حال ۾ آءٌ بادشاهہ وٽ وينديس، جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ قاعدي موجب نہ آهي: پوءِ جي آءٌ مُيس، تہ ڀلي مران.


۽ موسيٰ ڪڪر جي وچ ۾ گهڙي جبل تي چڙهي ويو؛ ۽ موسيٰ جبل تي چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون هو.


۽ هو اتي خداوند وٽ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون هو؛ هن نڪا ماني کاڌي، نڪو پاڻي پيتائين. ۽ هن انهن تختين تي انهي عهد واريون ڳالهيون يعني ڏهہ حڪم لکيا.


۽ هن اشتهار ڪڍيو، ۽ سڄي نينوہ ۾ بادشاهہ ۽ سندس اميرن جو حڪم پڌرو ڪيو ويو، تہ ڪوبہ ماڻهو يا جانور، ڌڻ يا گلو، ڪابہ شيءِ نہ چکي: اُهي نڪي کائن، نڪي پيئن.


هاڻي صبح جو جڏهن هو شهر ڏانهن ٿي موٽيو، تڏهن بک لڳس.


۽ هن چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون روزو رکيو، پوءِ کيس بک لڳي.


تنهن تي شيطان چيس تہ جي تون خدا جو فرزند آهين، تہ هن پهڻ کي حڪم ڪر تہ ماني ٿي پوي.


۽ اتي يعقوب جو کوهہ هو. پوءِ يسوع، جو مسافريءَ تان ٿڪجي آيو هو، سو ائين جو ائين کوهہ تي اچي ويٺو، اُهو اٽڪل ٻنپهرن جو وقت هو.


۽ آءٌ اڳئين وانگر، چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون، خداوند جي اڳيان سجدي ۾ پيو هوس؛ ۽ مون نڪا ماني کاڌي نڪي پاڻي پيتم؛ ڇالاءِ جو اوهان وڏو گناهہ ڪيو هو، ۽ جيڪي خداوند جي نظر ۾ بڇڙو هو سو ڪري، اوهان خداوند کي ڪاوڙايو هو.


انهي ڪري آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون خداوند جي اڳيان سجدي ۾ پيو هوس؛ ڇالاءِ جو خداوند فرمايو هو تہ هو اوهان کي برباد ڪندو.


۽ جڏهن پٿر جون تختيون، يعني جيڪو عهد خداوند اوهان سان ڪيو هو، تنهنجون تختيون وٺڻ لاءِ آءٌ جبل تي چڙهي ويس، تڏهن آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون اتي جبل تي رهي پيس؛ ۽ مون نڪا ماني کاڌي، نڪو پاڻي پيتم.


ڇو جو جڏهن هو پاڻ آزمايو ويو ۽ ڏک سَٺائين، تڏهن ٻيا جيڪي آزمائش ۾ پون ٿا، تن جي بہ مدد ڪري ٿو سگهي.


ڇالاءِ جو اسان جو سردار ڪاهن اهڙو ناهي جو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان سان همدردي ڪري نہ سگهي، پر اهڙو آهي جو سڀني ڳالهين ۾ اسان وانگر آزمايو ويو، تہ بہ بيگناهہ رهيو.


۽ اهو فلستي صبح ۽ سانجهيءَ جو پيو ويجهو ايندو هو، ۽ چاليهن ڏينهن تائين پاڻ ڏيکاريندو رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ