Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 3:14 - Sindhi Bible

14 ۽ سپاهين پڻ پڇيس تہ ڀلا اسين ڇا ڪريون؟ تن کي چيائين، تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ سان زور زبردستي نہ ڪريو، نڪي ڪنهن تي ڪوڙي تهمت آڻي ناحق وٺو، ۽ پنهنجي پگهار تي راضي رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 سپاهين بہ پڇيس تہ ”ڀلا اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ تن کي چيائين تہ ”ڪنهن کي دٻائي ڌمڪائي زوريءَ پئسا نہ وٺو، پر پنهنجي پگھار مان پورت ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 سپاهين بہ پڇيس تہ ”ڀلا اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ تن کي چيائين تہ ”ڪنهن کي دٻائي ڌمڪائي زوريءَ پئسا نہ وٺو، پر پنهنجي پگھار مان پورت ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

14 सिपाहिन बी हुन खां पुछो, “असां छा कयऊं?” यूहन्ना उनन खे चयईं, “केंखां बी दबा॒ए, धमकाए यां कूड़ो इल्ज़ाम हणी करे पैसा वसूल न कयो परअ पांजी पगारअ में हीं संतुष्‍ट रहो।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 سپاھين بہ پڇيس تہ ”ڀلا اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ تن کي چيائين تہ ”ڪنھن کي دٻائي ڌمڪائي زوريءَ پيسا نہ وٺو، پر پنھنجي پگھار مان پورت ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 3:14
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي نہ ڀر.


تون ڪوڙي خبر نہ پکيڙج: ڪوڙي شاهدي ڀرڻ لاءِ شرير ماڻهن سان شامل نہ ٿج.


اوهين چوري نہ ڪجو، نڪي هڪٻئي سان ڪپت ڪجو، يا ڪوڙ ڳالهائجو.


۽ جڏهن هو ڪفرناحوم ۾ آيو، تڏهن وٽس هڪڙو صوبيدار آيو، ۽ منٿ ڪري چوڻ لڳس تہ


پوءِ زڪي اُٿي بيٺو، ۽ خداوند کي چيائين تہ ڏس، اي خداوند، آئون پنهنجو اڌ مال غريبن کي ٿو ڏيان، جي ڪنهن ماڻهوءَ کان ڪي ناحق ورتو اٿم، تہ انهي کي چئوڻو ڪري موٽائي ٿو ڏيان.


تنهن تي ميڙاڪن پڇيس، تہ تڏهن اسين ڇا ڪريون؟


تڏهن انهن کي چيائين تہ جيڪي اوهان کي ٺهرائي ڏنو اٿن، تنهن کان زيادہ ماڻهن کان پيڙي نہ وٺو.


۽ جنهن ملائڪ ساڻس ڳالهايو، سو جڏهن هليو ويو، تڏهن هن پنهنجي ٻن نوڪرن کي، ۽ جيڪي سپاهي هميشہ سندس خدمت ۾ رهندا هئا، تن مان هڪڙي ديندار سپاهيءَ کي سڏيو،


تہ اوهين بي قصور ۽ بي ضرر ٿيو، ۽ انهن ڏنگن ۽ نرڄن جي زماني ۾، اوهين خدا جا بي عيب ٻار ٿي رهو، جنهن جي وچ ۾ اوهين اهڙا ٿا ڏسجو جهڙا دنيا ۾ چراغ؛


ائين نہ آهي تہ گهُرج جي ڪري آئون ائين ٿو چوان: ڇالاءِ جو آئون ايترو سکيو آهيان تہ ڪهڙيءَ بہ حالت ۾ هجان تہ انهيءَ ۾ راضي رهان.


ساڳيءَ طرح پيرسن زالون بہ هلت چلت ۾ پاڪ ٿيلن وانگر هجن، نہ گلا غيبت ڪندڙ، نہ شراب جي عادت واريون، پر چڱيون ڳالهيون سيکارڻ واريون هجن؛


۽ مون آسمان ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ هاڻي اسان جي خدا جي نجات، ۽ قدرت، ۽ بادشاهت، ۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آهي: ڇالاءِ جو اسان جي ڀائرن تي الزام آڻڻ وارو، جو رات ڏينهن اسان جي خدا جي اڳيان مٿن الزام پيو آڻي، سو هيٺ اُڇلايو ويو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ