Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 22:70 - Sindhi Bible

70 پوءِ اُهي سڀيئي چوڻ لڳا تہ تڏهن تون خدا جو پٽ آهين ڇا؟ هن چين تہ اوهان پاڻ ويٺا چئو تہ آئون آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

70 انهن سڀني چيو تہ ”پوءِ تون ايشور جو پٽ آهين ڇا؟“ هن جواب ۾ چين تہ ”اوهين پاڻ ئي چئو ٿا تہ آءٌ آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

70 انهن سڀني چيو تہ ”پوءِ تون خدا جو فرزند آهين ڇا؟“ هن جواب ۾ چين تہ ”اوهين پاڻ ئي چئو ٿا تہ آءٌ آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

70 तैंते सबनिन ज॒णन चयो, “छा तूं परमेश्वरअ जो पुट आईं?” हुन जवाबअ में चयईंन त, तवां पाण हीं ता चओ के मां आयां।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

70 انھن سڀني چيو تہ ”پوءِ تون خدا جو فرزند آھين ڇا؟“ ھن جواب ۾ چين تہ ”اوھين پاڻ چئو ٿا تہ آءٌ آھيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 22:70
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پٽ کي چُمو، متان هو غصي ٿئي، ۽ اوهين واٽ ۾ ئي نابود ٿي وڃو، ڇو تہ هن جي ڪاوڙ جلد ڀڙڪو کائيندي. مبارڪ آهن اهي سڀيئي، جن جو ڀروسو هن تي آهي.


سو آءٌ اهو حڪم ٻڌائيندس: جو خداوند مون کي فرمايو تہ تون منهنجو پٽ آهين؛ مون اڄوڪي ڏينهن توکي پيدا ڪيو.


۽ يهوداهہ جنهن جهلايس، تنهن ورندي ڏيئي چيو، تہ اي اُستاد، اهو آئون آهيان ڇا؟ هن چيس، تہ تو پاڻهي چئي ڏنو آهي.


يسوع چيس تہ تو پاڻهي چئي ڏنو آهي، بلڪ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هن کان پوءِ اوهين ابن آدم کي قادر مطلق جي ساڄي هٿ تي ويٺل، ۽ آسمان جي ڪڪرن تي ايندو ڏسندا.


هاڻي يسوع حاڪم جي حضور ۾ بيٺو هو: ۽ حاڪم پڇيس، تہ تون يهودين جو بادشاهہ آهين ڇا؟ يسوع چيس تہ تون پاڻ ٿو چوين.


هو خدا تي ڀروسو ٿو رکي، سو جيڪڏهن هو کانئس خوش آهي تہ هاڻي ڇڏائيس، ڇالاءِ جو هن چيو ٿي، تہ آئون خدا جو فرزند آهيان.


هاڻي صوبيدار، ۽ ٻيا جن ساڻس گڏ يسوع تي نگهباني پئي ڪئي، تن جڏهن زلزلو ۽ ٻيو جيڪي ٿيو هو سو ڏٺو، تڏهن ڏاڍا ڊڄي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ سچ پچ هي خدا جو فرزند هو.


۽ ڏسو، آسمان مان هڪڙو آواز آيو تہ هيءُ منهنجو پيارو پٽ آهي، جنهن مان آئون ڏاڍو خوش آهيان.


تڏهن آزمائڻ واري اچي چيس تہ جي تون خدا جو فرزند آهين تہ حڪم ڪر تہ هي پهڻ ماني ٿي پون.


يسوع چيو تہ آئون آهيان: ۽ اوهين ابن آدم کي قدرت جي ساڄي پاسي ويٺل، ۽ آسمان جي ڪڪرن سان ايندو ڏسندا.


پلاطس هن کان پڇيو، تہ تون يهودين جو بادشاهہ آهين ڇا؟ هن ورندي ڏيئي چيو تہ تون پاڻ ٿو چوين.


تنهن تي هو چوڻ لڳا تہ اسان کي وڌيڪ شاهديءَ جي ڪهڙي گهرج آهي؟ ڇالاءِ تہ اسان پاڻ سندس واتان ٻُڌو آهي.


تڏهن پيلاطس پڇيس تہ تون يهودين جو بادشاهہ آهين ڇا؟ هن جواب ڏيئي چيس تہ تون پاڻ ٿو چوين.


۽ ڪيترن مان ڀوت پڻ نڪتا، جن واڪو ڪري پئي چيو تہ تون خدا جو فرزند آهين. پر هن دڙڪو ڏيئي ڳالهائڻ کان روڪين: ڇالاءِ جو اُنهن کي خبر هئي تہ هو مسيح آهي.


۽ مون ڏٺو آهي، ۽ شاهدي ڀري اٿم تہ هيءُ خدا جو فرزند آهي.


نتن ايل جواب ڏنس تہ اي اُستاد، تون خدا جو فرزند آهين، تون اسرائيل جو بادشاهہ آهين.


تہ هاڻي جنهن کي پيءُ پاڪ ڪري جهان ۾ موڪليو آهي، تنهن بابت ڇا ٿا چئو تہ تون ڪفر ٿو بڪين؛ ڇالاءِ جو مون چيو تہ آئون خدا جو فرزند آهيان؟


تنهن تي پلاطس چيس، تہ تڏهن تون بادشاهہ آهين ڇا؟ يسوع جواب ڏنو، تہ تون خود ٿو چئين تہ آئون بادشاهہ آهيان. انهي لاءِ ئي آئون ڄائو آهيان، ۽ انهي لاءِ دنيا ۾ آيو آهيان، تہ سچ جي شاهدي ڀريان. جيڪو سچ جي پاسي آهي، سو منهنجو آواز ٻُڌي ٿو.


يهودين جواب ڏنس تہ اسان جي شريعت آهي، ۽ اُنهيءَ شريعت موجب هو موت جي لائق آهي، ڇالاءِ جو هن پاڻ کي خدا جو فرزند بنايو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ