Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 22:52 - Sindhi Bible

52 تڏهن سردار ڪاهن، ۽ هيڪل جا صوبيدار ۽ بزرگ، جي مٿس ڪاهي آيا هئا، تن کي يسوع چيو تہ جيئن ڪنهن ڌاڙيل تي ڪاهي اچبو آهي، تيئن اوهين ترارن ۽ لٺين سان ڪاهي آيا آهيو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

52 هيڪل جي حوالدارن کان علاوہ سردار ڪاهن ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس جيڪي مٿس ڪاهي آيا هئا، تن کي يسوع چيو تہ ”تلوارن ۽ لٺين سان ائين ڪاهي آيا آهيو، ڄڻ تہ آءٌ ڪو ڌاڙيل آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

52 هيڪل جي حوالدارن کان علاوہ سردار ڪاهن ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس جيڪي مٿس ڪاهي آيا هئا، تن کي عيسيٰ چيو تہ ”تلوارن ۽ لٺين سان ائين ڪاهي آيا آهيو، ڄڻ تہ آءٌ ڪو ڌاڙيل آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

52 उन खां पो मुख्ययाजकअ, मंदरअ जे पहेरेदारन जा सरदारअ ऐं पुरनियां जेके येशुअ खे पकड़ण जे लाए आया हुवा, संदस उनन खे चयो, “छा तवां मुखे डाकू सम्झी करे तलवारूं ऐं लठूं खणी गिरफ़्तार करण निकता आयो?

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

52 سردار ڪاھن، ھيڪل جا حوالدار ۽ بزرگ جيڪي مٿس ڪاھي آيا ھئا، تن کي عيسيٰ چيو تہ ”تلوارن ۽ لٺين سان ائين ڪاھي آيا آھيو، ڄڻ تہ آءٌ ڪو ڌاڙيل آھيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 22:52
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سوَن جا سردار، جي لشڪر جي مٿان مقرر ڪيا ويا هئا تن کي يهويدع ڪاهن حڪم ڏيئي چيو تہ هن زال کي گهلي قطارن جي وچ مان ٻاهر آڻيو؛ ۽ جيڪو هن جي پٺيان لڳي تنهن کي ترار سان ماري ڇڏيو: ڇالاءِ جو ڪاهن چيو تہ هن کي خداوند جي گهر ۾ نہ ڪُهو.


۽ اڃا هن ڳالهايو ئي پئي تہ ڏسو، يهوداهہ جو هنن ٻارهن مان هڪڙو هو سو آيو، ۽ ساڻس هڪڙي وڏي جماعت ترارين ۽ لٺين سان هئي، جنهن کي سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن جي بزرگن موڪليو هو.


اوڏيءَ مهل يسوع ميڙاڪن کي چوڻ لڳو تہ جيئن ڪنهن ڌاڙيل تي ڪاهي اچبو آهي، تيئن اوهين بہ مون کي جهلڻ لاءِ تراريون ۽ لٺيون کڻي آيا آهيو ڇا؟ آئون هر روز هيڪل ۾ ويهي تعليم ڏيندو هوس، ۽ اوهان مون کي ڪين پڪڙيو،


ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ هي جيڪي لکيل آهي تہ ”هو گنهگارن ۾ ليکيو ويو“ سو مون ۾ ضرور پورو ٿيڻو آهي: ڇالاءِ تہ جيڪي مون سان لاڳاپو ٿو رکي، سو ضرور پورو ٿيندو.


۽ هن وڃي سردار ڪاهنن ۽ صوبيدارن سان صلاح ڪئي، تہ ڪهڙيءَ طرح هو کيس سندن حوالي ڪري.


پر يسوع جواب ڏيئي چيو تہ بس ٺهيو! پوءِ هن جي ڪَن کي هٿ لائي ڇُٽائي ڇڏيائينس.


جڏهن آئون هر روز اوهان سان هيڪل ۾ هوندو هوس، تڏهن اوهان مون کي هٿ ئي ڪونہ لاتو، پر هينئر اوهان جي گهڙي آهي، ۽ اونداهيءَ جو زور آهي.


جيسين آئون ساڻن هوس، تيسين تنهنجو نالو جو تو مون کي ڏنو آهي، تنهن ۾ کين رکندو آيو آهيان: ۽ مون انهن جي سنڀال ڪئي آهي، ۽ جيڪو برباد ٿيڻو هو، تنهن بنا ٻيو ڪوبہ منجهانئن برباد نہ ٿيو؛ اِنهي لاءِ تہ پاڪ لکيت پوري ٿئي.


تڏهن صوبيدار سپاهين سان گڏجي وڃي هنن کي وٺي آيو، پر زورازوريءَ نہ: ڇالاءِ جو هو ماڻهن کان ڊنا ٿي تہ متان اسان کي سنگسار ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ