Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 22:32 - Sindhi Bible

32 پر مون تو لاءِ دعا گهُري تہ تنهنجي ايمان کي لوڏو نہ اچي: ۽ جڏهن تون ڦري موٽي مون ڏانهن اچين، تڏهن پنهنجن ڀائرن جي مدد ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 پر مون تو لاءِ پرارٿنا ڪئي آهي تہ شل تنهنجي وشواس ۾ لوڏو نہ اچي. جڏهن تون مون ڏانهن موٽي اچين تہ پنهنجي ڀائرن جي مدد ڪج.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 پر مون تو لاءِ دعا گھري آهي تہ شل تنهنجي ايمان ۾ لوڏو نہ اچي. جڏهن تون مون ڏانهن موٽي اچين تہ پنهنجي ڀائرن جي مدد ڪج.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

32 परअ शमौनअ मां तुंजे लाए प्रार्थना कई आहे, के तूं किथे विश्वासअ खां मुकरी न वञी। सो जड॒ऐं तूं मूं डा॒ं मोटी अचीं, त पांजे भावरन खे बी संभालजैं।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 پر مون تو لاءِ دعا گھري آھي تہ شل تنھنجو ايمان نہ لُڏي. جڏھن تون مون ڏانھن موٽي اچين تہ پنھنجي ڀائرن جي مدد ڪج.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 22:32
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ چيائين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيسين اوهين ڦري ننڍڙن ٻارن جهڙا نہ ٿيندا، تيسين ڪنهن بہ طرح آسمان جي بادشاهت ۾ داخل ڪين ٿيندا.


۽ پطرس کي اُها ڳالهہ ياد آئي جا يسوع چئي هئي، تہ ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳي تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين. پوءِ هو ٻاهر وڃي زار زار روئڻ لڳو.


۽ يڪدم ٻئي ڀيري ڪڪڙ ٻانگ ڏني. ۽ پطرس کي اُها ڳالهہ ياد پيئي، جو يسوع چيو هوس تہ ڪڪڙ ٻہ ڀيرا ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳي تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين. ۽ انهي بابت خيال ڪندي روئي ڏنائين.


پر وڃو، هن جي شاگردن، ۽ پطرس کي وڃي چئو، تہ هو اوهان کان اڳيئي گليل ڏانهن ٿو وڃي، اُتي اوهين هن کي ڏسندا، جيئن هن پاڻ اوهان کي چيو هو.


۽ ٽڪر وارا اُهي آهن، جي جڏهن ڪلام ٻُڌن ٿا، تڏهن خوشيءَ سان مڃيو وٺن، پر پاڙ نہ هئڻ ڪري ٿوري وقت تائين ايمان آڻي، پوءِ آزمائش جي مهل ڦريو وڃن.


باقي گهڙي ساعت آهي، ۽ دنيا مون کي وڌيڪ نہ ڏسندي؛ پر اوهين مون کي ڏسندا: ڇالاءِ جو آئون جيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ جيئندا.


تنهنڪري اوهين توبهہ ڪريو، ۽ ڦري اچو، تہ اوهان جا گناهہ ميٽجي وڃن، ۽ انهي طرح خداوند جي حضور مان تازگيءَ جا ڏينهن اچن؛


جنهن خود پنهنجي ئي فرزند کي اسان کان وانجهي نہ رکيو، پر اسان سڀني جي لاءِ هن کي موت جي حوالي ڪيائين، سو ڀلا ساڻس گڏ اسان کي سڀ شيون ڪيئن نہ بخشي ڏيندو؟


ڪير آهي جو سزا جي فتويٰ ڏيندو؟ مسيح يسوع ڏيندو ڇا، جو مري ويو، بلڪ مُئلن مان جي اُٿيو، جو خدا جي ساڄي پاسي آهي، ۽ اسان جي شفاعت بہ ڪري ٿو؟


اُهي ماڻهو سچ کان گمراهہ ٿي ويا آهن، جو چون ٿا تہ قيامت اڳيئي ٿي چڪي آهي، ۽ ڪن جو ايمان بگاڙين ٿا.


پولس، جو خدا جو بندو ۽ يسوع مسيح جو رسول آهي، تنهن جي طرفان خدا جي چونڊيلن جي ايمان ۽ اُنهي حق جي سياڻپ موجب، جا دينداريءَ موافق آهي،


خبرداريءَ سان نظر ڪندا رهو، تہ ڪوبہ ماڻهو خدا جي فضل کان محروم نہ رهجي وڃي؛ متان ڪا ڪَڙي پاڙ ڦُٽي اوهان کي تڪليف ڏئي، ۽ انهي جي ڪري گهڻا ناپاڪ ٿي پون؛


تنهنڪري جيڪي سندس وسيلي خدا کي ويجهو ٿا وڃن، تن کي هو پوري پوري طرح بچائي ٿو سگهي، ڇو جو هو سندن شفاعت لاءِ هميشہ جيئرو آهي.


يسوع مسيح جي رسول، پطرس جي طرفان انهن مسافرن ڏانهن جي پنطس، ۽ گلتيہ، ۽ ڪپدڪيا، ۽ آسيا، ۽ بٿنيہ ۾ پکڙيل آهن،


تنهنڪري سمجهہ جو سندرو ٻُڌي هوشيار ٿيو، ۽ انهي فضل جي ڪامل اُميد رکو، جو يسوع مسيح جي ظهور وقت اوهان تي ٿيڻو آهي.


۽ جيڪا نجات آخر زماني ۾ ظاهر ٿيڻ جي لاءِ تيار آهي، تنهن جي لاءِ ايمان جي وسيلي خدا جي قدرت سان اوهان جي حفاظت ٿي ٿئي.


تنهنڪري، جڏهن انهن ڳالهين جا منتظر آهيو، تڏهن ڪوشش ڪريو تہ هو اوهان کي اطمينان جي حالت ۾ بي عيب ۽ بي داغ ڏسي.


اهي نڪتا تہ اسان منجهان ئي آهن، مگر اُهي اسان جا ڪين هئا؛ ڇالاءِ جو جي هو اسان منجهان هجن ها، تہ اسان سان گڏ ٿي رهندا اچن ها: پر هو نڪري ويا آهن، انهي لاءِ تہ ظاهر ٿئي تہ هو سڀ اسان منجهان ناهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ