Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 21:8 - Sindhi Bible

8 هن چيو تہ سنڀالجو، متان گمراهہ ٿيو؛ ڇالاءِ جو گهڻا منهنجي نالي اچي چوندا تہ اُهو آئون آهيان ۽ وقت ويجهو آيو آهي: پر اوهين متان انهن جي پٺيان وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 يسوع چين تہ ”هوشيار رهو، متان ڀَٽڪي وڃو، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي منهنجي نالي سان ايندا ۽ هر ڪو چوندو تہ ’آءٌ مسيح آهيان.‘ يا وري چوندو تہ ’اهو وقت اچي پهتو آهي.‘ پر متان انهن جي پيروي ڪئي اٿوَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 عيسيٰ چين تہ ”هوشيار رهو، متان گمراهہ ٿي وڃو، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي منهنجي نالي سان ايندا ۽ هر ڪو چوندو تہ ’آءٌ مسيح آهيان.‘ يا وري چوندو تہ ’اهو وقت اچي پهتو آهي.‘ پر متان انهن جي پيروي ڪئي اٿوَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

8 येशुअ उनन खे जवाब डि॒नईं, “सावधान रहेजो, ताकि तवां केंजे बहेकावे में न अची वञो। छोके डा॒ढा मांणू मुंजे नाले सां ईंदा ऐं चवंदा, ‘त मां मसीह आयां’ ऐं ‘उहो समय अची पौंतो आहे।’ परअ तवां उनन जे पोयां हल्या न वञजो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 عيسيٰ چين تہ ”خبردار، متان ٺڳجي وڃو. ڇوتہ ڪيترائي منھنجي نالي سان ايندا ۽ ھر ڪو چوندو تہ ’آءٌ مسيح آھيان.‘ يا وري چوندو تہ ’اھو وقت اچي پھتو آھي.‘ پر متان انھن جي پيروي ڪئي اٿوَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 21:8
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي نبي اوهان منجهہ آهن ۽ اوهان جا غيب دان اوهان کي نہ ٺڳين، ۽ جيڪي خواب اوهين لهو ٿا تن تي نہ هلو.


۽ گهڻا ئي ڪوڙا نبي اُٿندا، ۽ ڪيترن ئي کي گمراهہ ڪندا.


اوهين توبهہ ڪريو، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت ويجهي آئي آهي.


انهي وقت کان وٺي يسوع منادي ڪري چوڻ لڳو تہ توبهہ ڪريو، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت ويجهي آئي آهي.


۽ اُهي اوهان کي چوندا، تہ اِجهو هتي! اِجهو هتي! پر متان ويا آهيو، يا اُنهن جي پٺيان لڳا آهيو:


تڏهن هنن پڇيس تہ اي اُستاد، اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون؟ ۽ جڏهن اُهي ٿيڻ تي هونديون تڏهن انهي وقت جي ڪهڙي نشاني ٿيندي؟


۽ جڏهن اوهين جنگين ۽ فسادن جا افواهہ ٻُڌو، تڏهن گهٻرائجو نہ، ڇو جو پهريائين اهي ڳالهيون ضرور ٿينديون؛ پر پڄاڻي هڪدم ڪين ايندي.


آئون پنهنجي پيءُ جي نالي آيو آهيان، ۽ اوهين مون کي نٿا قبوليو، پر جيڪڏهن ڪو ٻيو پنهنجي نالي تي ايندو، تہ اُنهي کي قبوليندا.


تنهنڪري مون چيو تہ اوهين پنهنجن گناهن ۾ مرندا: ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اوهين نہ مڃيندا تہ آئون اُهو ئي آهيان، تہ اوهين پنهنجن گناهن ۾ مرندا.


تڏهن يسوع چيو، تہ جڏهن اوهين ابن آدم کي مٿانهين تي چاڙهيندا، تڏهن اوهان کي خبر پوندي تہ آئون اُهو ئي آهيان، ۽ پاڻو ڪي ڪين ٿو ڪريان، پر جيئن پيءُ سيکاريو اٿم، تيئن ئي ٿو ٻُڌايان.


يا اوهين نٿا ڄاڻو تہ بدڪار خدا جي بادشاهت جا وارث نہ ٿيندا؟ ڀلجي نہ وڃو، نڪي زناڪار، نڪي بُت پرست، نڪي حرامڪار، نڪي عياش، نڪي لونڊي باز،


متان ڪو ماڻهو اوهان کي اجاين ڳالهين ڪرڻ سان ٺڳي وڃي، ڇالاءِ جو اهڙن گناهن ڪري نافرمانيءَ جي فرزندن تي خدا جو غضب نازل ٿو ٿئي.


ڪنهن بہ طرح ڪنهن ماڻهوءَ جي فريب ۾ نہ اچجو: ڇالاءِ جو اهو ڏينهن تيسين نہ ايندو، جيسين پهرين گمراهي نہ اچي، ۽ گناهہ جو شخص، يعني برباديءَ جو فرزند ظاهر نہ ٿئي.


پر جيڪي بدڪار ۽ ٺڳ آهن، سي ٻين کي ٺڳي، ۽ پاڻ بہ ٺڳجي زيادہ خراب ٿيندا ويندا.


اي پيارو، سڀ ڪنهن روح تي يقين نہ ڪريو، پر روحن کي آزمائي ڏسو تہ خدا جي طرفان آهن يا نہ. ڇالاءِ جو گهڻا ئي ڪوڙا نبي دنيا ۾ نڪري پيا آهن.


ڇالاءِ جو گهڻيئي گمراهہ ڪندڙ دنيا ۾ نڪري پيا آهن، جي هن ڳالهہ کي نٿا مڃين تہ يسوع مسيح مجسم ٿيو. اهو ئي گمراهہ ڪندڙ ۽ مسيح جو مخالف آهي.


مبارڪ آهي اُهو، جو هن پيشنگوئي جون ڳالهيون پڙهي ٿو، ۽ اُهي جي ٻُڌن ٿا، ۽ جيڪي اُنهيءَ ۾ لکيل آهي تنهن تي هلن ٿا: ڇالاءِ جو وقت ويجهو آهي.


۽ اهو وڏو ازدها يعني اهو قديم نانگ، جو ابليس ۽ شيطان سڏبو آهي، ۽ ساري جهان کي گمراهہ ڪندو آهي، سو زمين تي اُڇلايو ويو، ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ هيٺ اُڇلايا ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ