Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 20:16 - Sindhi Bible

16 هاڻي باغ جو مالڪ اُنهن کي ڇا ڪندو؟ هو اچي آبادگارن کي چٽ ڪري ڇڏيندو، ۽ باغ ٻين کي ڏيندو. جڏهن هنن اهو ٻُڌو تڏهن چوڻ لڳا، تہ خدا خير ڪري!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 هو پاڻ اچي انهن باغائين کي تباهہ ڪندو ۽ باغ ٻين جي حوالي ڪندو.“ جڏهن ماڻهن اهو ٻڌو تڏهن چوڻ لڳا تہ ”ايشور خير ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 هو پاڻ اچي انهن باغائين کي تباهہ ڪندو ۽ باغ ٻين جي حوالي ڪندو.“ جڏهن ماڻهن اهو ٻڌو تڏهن چوڻ لڳا تہ ”خدا خير ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

16 उहो अची उनन किसानन खे नाश कंदो ऐं अंगूरअ जो बाग़ी॒चो बि॒यन जे हवाले कंदो।” जड॒ऐं मांणुन इयो बु॒धो, त उहे चवण लगा॒, “परमेश्वर करे के इंय नथे।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 ھو پاڻ اچي باغائين کي تباھہ ڪندو ۽ باغ ٻين کي ڏيندو.“ جڏھن ھنن اھو ٻڌو تڏھن چوڻ لڳا تہ ”خدا خير ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 20:16
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن ڦل جي موسم ويجهي آئي، تڏهن انهن آبادگارن ڏانهن هن پنهنجا نوڪر موڪليا، تہ سندس ميوي جو حصو وٺي اچن.


هنن چيس، تہ هو انهن بڇڙن سان ڏاڍيون جُٺيون ڪري کين چٽ ڪري ڇڏيندو، ۽ باغ ٻين آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏيندو، جي هر ڪنهن مند تي کيس ميوو ڏيندا رهندا.


تنهن تي بادشاهہ کي ڪاوڙ لڳي، ۽ هن پنهنجا نوڪر موڪلي انهن خونين کي برباد ڪيو، ۽ انهن جو شهر ساڙائي ڇڏيائين.


هاڻي باغ جو مالڪ ڇا ڪندو؟ هو اچي آبادگارن کي چٽ ڪري ڇڏيندو، ۽ باغ ٻين کي ڏيندو.


ٻيو تہ منهنجا اُهي دشمن، جن جي مرضي نہ هئي تہ آئون مٿن بادشاهي ڪريان، تن کي هتي وٺي اچو، ۽ منهنجي سامهون انهن کي قتل ڪريو.


پوءِ هن کي باغ کان ٻاهر ڪڍي ماري وڌائونس.


سو پولس ۽ برناباس همت جهلي ڳالهائڻ لڳا ۽ چيائون تہ ضرور هو تہ خدا جو ڪلام پهريائين اوهان کي ٻُڌائجي: پر جيئن تہ اوهان اهو ريٽي ڇڏيو آهي، ۽ هميشہ جي زندگيءَ جو پاڻ کي لائق ئي نٿا سمجهو، تنهنڪري ڏسو، اسين ڦري غير قومن ڏانهن ٿا وڃون.


تڏهن آئون چوان ٿو تہ خدا پنهنجي اُمت کي رد ڪيو ڇا؟ اصل ئي نہ! ڇالاءِ جو آئون بہ اسرائيلي آهيان، ۽ ابراهيم جي نسل، ۽ بنيمين جي قبيلي مان آهيان.


تڏهن آئون چوان ٿو تہ هنن انهي لاءِ ٿاٻو کاڌو ڇا تہ ڪِري پون؟ اصل ئي نہ! پر هنن جي ٿاٻڙجڻ ڪري غير قومن کي نجات ملي، انهي لاءِ تہ غيرت اچينِ.


تڏهن اسين شريعت کي ايمان جي ڪري رد ٿا ڪريون ڇا؟ اصل ئي نہ، بلڪ اسين شريعت کي قائم ٿا ڪريون.


بلڪل نہ، پر ڀلي تہ خدا سچو ليکجي ۽ سڀ ڪو ماڻهو ڪوڙو ليکجڻ ۾ اچي، جيئن ڪ لکيل آهي، تہ ”تون پنهنجن ڳالهين ۾ سچو ٺهرين، پنهنجي مقدمي ۾ فتحياب ٿين.“


بلڪل نہ، تڏهن خدا ڪهڙيءَ طرح جهان جو انصاف ڪندو؟


پوءِ ڇا؟ اسين انهي ڪري گناهہ ڪريون ڇا تہ شريعت جي تابع نہ، پر فضل جي تابع آهيون؟ اصل ئي نہ!


اصل ئي نہ! اسين، جي گناهہ جي نسبت ۾ مُئاسين، سي ڪهڙيءَ طرح اُنهي ۾ اڃا حياتي گذاريون؟


تڏهن جيڪا شيءِ چڱي آهي، سا منهنجي لاءِ موت ٿي ڇا؟ اصل ئي نہ! پر گناهہ چڱي شئي جي وسيلي منهنجي لاءِ موت جو سبب ٿيو، اُنهي لاءِ تہ گناهہ جي گنهگاري ظاهر ٿئي، ۽ حڪم جي وسيلي گناهہ تمام خراب معلوم ٿئي.


تڏهن اسين ڇا چئون؟ شريعت گناهہ آهي ڇا؟ اصل ئي نہ! انهي هوندي بہ شريعت کانسواءِ مون کي گناهہ جي خبر ڪانہ پوي ها: ڇالاءِ جو جيڪڏهن شريعت نہ چوي ها تہ تون لالچ نہ ڪر، تہ جيڪر مون کي لالچ جي خبر نہ پوي ها.


تڏهن اسين ڇا چئون؟ خدا وٽ بي انصافي آهي ڇا؟ اصل ئي نہ!


اوهين نٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهان جا بدن مسيح جا عضوا آهن؟ تڏهن آئون مسيح جا عضوا کڻي ڪنهن ڪسبيءَ جا عضوا ڪريان ڇا؟ اصل ئي نہ!


پر اسين جي چاهيون ٿا تہ مسيح ۾ راستباز ٺهرايا وڃون، سي جيڪڏهن پاڻ بہ گنهگار ٿي پونداسين، تہ پوءِ مسيح گناهہ جو باعث ٿيو ڇا؟ هرگز نہ.


تڏهن شريعت خدا جي واعدن جي برخلاف آهي ڇا؟ اصل ئي نہ، ڇالاءِ تہ جيڪڏهن ڪا اهڙي شريعت ڏني وڃي ها، جا زندگي بخشي سگهي ها، تہ جيڪر راستبازي شريعت جي وسيلي هجي ها.


پر شل ائين نہ ٿئي تہ آئون ڪنهن ڳالهہ تي بہ فخر ڪريان، سواءِ پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي صليب تي، جنهن جي وسيلي جهان منهنجي نسبت صليب تي چڙهيو آهي، ۽ آئون جهان جي نسبت.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ