Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 2:49 - Sindhi Bible

49 تنهن تي هن چين تہ مون کي ڇو ٿي ڳوليوَ؟ اوهان ائين نٿي ڄاتو تہ اهو ضروري آهي تہ آئون پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ هجان؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

49 تنهن تي هن کين جواب ڏنو تہ ”اوهان مون کي ڇو پئي ڳوليو؟ ڇا اوهان کي سڌ نہ هئي تہ آءٌ ضرور پنهنجي پتا جي گھر ۾ هوندس؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

49 تنهن تي هن کين جواب ڏنو تہ ”اوهان مون کي ڇو پئي ڳوليو؟ ڇا اوهان کي خبر نہ هئي تہ آءٌ ضرور پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ هوندس؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

49 येशुअ उनन खे चयो, “मुखे गो॒लण में तवां एडो॒ परेशान छो थ्या आयो? छा तवां खे खबरअ कोने मुखे पांजे पिता जे घरअ में हुजण ज़रूरी आहे?”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

49 تنھن تي ھن انھن کي جواب ڏنو تہ ”اوھان مون کي ڇو پئي ڳوليو؟ ڇا اوھان کي خبر نہ آھي تہ مون کي پنھنجي پيءُ جي گھر ۾ رھڻ کپي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 2:49
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجا خدا، تنهنجيءَ مرضيءَ موجب هلڻ تي آءٌ ڏاڍو خوش آهيان؛ هاڻي تنهنجي شريعت منهنجيءَ دل جي اندر آهي.


ڏسو آءٌ پنهنجو پيغمبر موڪليندس، ۽ هو منهنجي اڳيان راهہ تيار ڪندو: ۽ خداوند، جنهن جا اوهين طالب آهيو، سو اوچتو پنهنجي هيڪل ۾ ايندو؛ ڏسو، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ عهد جو پيغمبر، جنهن جا اوهين خواهشمند آهيو، اُهو ايندو.


۽ يسوع خدا جي هيڪل ۾ گهڙيو، ۽ جن اتي خريد ۽ فروخت ويٺي ڪئي، تن سڀني کي ٻاهر ڪڍيائين، ۽ صرافن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين.


۽ جڏهن هنن کيس ڏٺو، تڏهن عجب وٺي وين، ۽ ماڻس چيس، تہ پٽ، تو اسان سان هيئن ڇو ڪيو؟ ڏس، تنهنجي پيءُ ۽ مون ڏاڍي ڏک ۾ توکي پئي ڳوليو آهي.


يسوع چين تہ منهنجو کاڄ هيءُ آهي، تہ جنهن موڪليو اٿم، تنهن جي مرضي بجا آڻيان، ۽ سندس ڪم پورو ڪريان.


پر يسوع کين جواب ڏنو، تہ منهنجو پيءُ اڄ تائين ڪم پيو ڪري، ۽ آئون بہ پيو ڪم ڪريان.


پر مون وٽ جا شاهدي آهي، سا يوحنا جي شاهدي کان بہ مٿي آهي: ڇالاءِ تہ جيڪي ڪم پيءُ مون کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن، يعني اُهي ساڳيا ڪم جي آئون پيو ڪريان، سي منهنجي بابت شاهدي ٿا ڀرين تہ پيءُ مون کي موڪليو آهي.


ڇالاءِ تہ آئون پنهنجيءَ مرضيءَ تي هلڻ لاءِ نہ، پر جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن جي مرضيءَ تي هلڻ لاءِ آسمان مان لهي آيو آهيان.


۽ جنهن موڪليو اٿم سو مون ساڻ آهي؛ هن مون کي اڪيلو ڪين ڇڏيو آهي، ڇالاءِ جو جيڪي ڳالهيون کيس وڻندڙ آهن، سي ئي آئون هر دم پيو ڪريان.


جيسين ڏينهن آهي، تيسين اسان کي انهي جا ڪم ڪرڻ کپن، جنهن مون کي موڪليو آهي: رات اچي ٿي تہ پوءِ ڪوبہ ڪم ڪري ڪونہ سگهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ