Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 2:40 - Sindhi Bible

40 ۽ اُهو ٻار اُسرندو ويو، ۽ زور وٺندو ۽ سياڻپ سان ڀرپور ٿيندو ويو، ۽ خدا جو فضل مٿس هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

40 پوءِ اهو ٻار وڌندو ۽ زور وٺندو ويو. هو سياڻپ سان ڀرپور ٿيندو ويو ۽ مٿس ايشور جي ڪرپا جي نظر هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

40 پوءِ اهو ٻار وڌندو ۽ زور وٺندو ويو. هو سياڻپ سان ڀرپور ٿيندو ويو ۽ مٿس خدا جي فضل جي نظر هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

40 उहो बा॒र वधंदो वयो, शरीरअ में मजबूत थींदो वयो ऐं बु॒द्धिअ सां भरपूर थींदो वयो; ऐं परमेश्वरअ जो अनुग्रह हुन जे मथां हो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

40 ٻار وڌندو ۽ زور وٺندو ويو. ھو سياڻپ سان ڀربو ويو ۽ خدا جو فضل ھن سان ساڻ ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 2:40
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر تون ئي اُهو آهين، جنهن مون کي پيٽ مان ڪڍيو: جڏهن اڃا آءٌ پنهنجيءَ ماءُ جي ٿڻن تي هوس تڏهن تو مونکي ڀروسو رکڻ سيکاريو.


بني آدم ۾ تون سڀ کان سهڻو آهين؛ تنهنجا چپ فضل سان ڀرپور آهن: تنهن ڪري خدا تو کي هميشہ جي لاءِ برڪت ڏني آهي.


۽ اُهو ٻار وڌندو، ۽ روح ۾ زور وٺندو ويو، ۽ جيستائين اسرائيل ۾ پاڻ پڌرو نہ ڪيائين، تيستائين رڻ پٽ ۾ رهندو هو.


۽ جن جن سندس ڳالهيون ٿي ٻُڌيون، تن کي سندس سمجهہ ۽ جوابن تي عجب ٿي لڳو.


۽ يسوع سياڻپ ۽ قد، ۽ خدا ۽ انسان جي مقبوليت ۾ وڌندو ويو.


۽ ڪلام مجسم ٿيو، ۽ فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ٿي اسان وٽ اچي رهيو؛ (۽ اسان سندس اهڙو جلال ڏٺو، جهڙو پيءُ جي هڪڙي ئي جو جلال).


۽ رسول ڏاڍيءَ قدرت سان خداوند يسوع جي جِي اُٿڻ جي شاهدي ڏيندا هئا: ۽ سڀني تي گهڻو فضل هوندو هو.


پڇاڙيءَ ۾ آئون چوان ٿو تہ، خداوند ۾ ۽ سندس قدرت جي ڪري زور وارا ٿيو.


تنهنڪري اي منهنجا فرزند، جيڪو فضل مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن ۾ تون زور وارو ٿيءُ.


۽ انهيءَ زال پٽ ڄڻيو، ۽ انهي جو نالو سمسون رکيائين: ۽ اُهو ٻار وڌي وڏو ٿيو، ۽ خداوند انهيءَ کي برڪت ڏني.


پر سموئيل ٻار هو، ۽ سڻيءَ جي ڪپڙي جو اُفود چيلهہ سان ٻڌي خداوند جي خدمت ڪندو هو.


۽ خداوند حنہ تي نگاهہ ڪئي، ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي، ۽ ٽي پٽ ۽ ٻہ ڌيون ڄڻيائين، ۽ اُهو ڇوڪر سموئيل خداوند جي حضور ۾ وڏو ٿيندو ويو.


۽ اُهو ڇوڪر سموئيل وڌندو ويو ۽ خداوند توڙي انسان هن کي پسند ڪندا هئا.


۽ سموئيل وڏو ٿيندو ويو، ۽ خداوند ساڻس هو، ۽ هن جي ڪابہ ڳالهہ اجائي نہ ٿيڻ ڏنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ