Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 2:4 - Sindhi Bible

4 ۽ يوسف بہ گليل جي ناصرت نالي شهر مان، دائود جي يهوديہ واري شهر ۾ ويو، جنهن کي بيت الحم سڏيندا آهن، ڇالاءِ جو هو دائود جي گهراڻي ۽ نسل مان هو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 جيئن تہ يوسف راجا دائود جي پيڙهيءَ مان هو، تنهنڪري هو بہ گليل جي ڳوٺ ناصرت کان يهوديہ علائقي جي ڳوٺ بيت‌لحم ڏانهن روانو ٿي ويو جيڪو راجا دائود جي جنم جو هنڌ هو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 جيئن تہ يوسف دائود جي نسل مان هو، تنهنڪري هو بہ گليل جي ڳوٺ ناصرت کان يهوديہ علائقي جي ڳوٺ بيت‌لحم ڏانهن روانو ٿي ويو جيڪو دائود جي ڄمڻ جو هنڌ هو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

4 यूसुफ जेको दाऊदअ जे घराने ऐं उन जे वंशअ जो हो, उहो बी गलील क्षेत्र जे नासरत नगरअ मां यहूदिया जे क्षेत्र में, दाऊदअ जे नगरअ बेतलेहम में वयो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 يوسف دائود جي گھراڻي ۽ نسل مان ھو. تنھنڪري ھو بہ گليل جي شھر ناصرت مان يھوديہ ڏانھن دائود جي شھر ۾ ويو، جنھن کي بيت⁠لحم چون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 2:4
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو راخل مري ويئي ۽ کيس افرات يعني بيت الحم جي واٽ تي دفن ڪيائون.


باقي آءٌ، سو جڏهن فدان مان ٿي آيس، ۽ اڃا فرات کان ٿورو پرڀرو هوس، تہ اتي ڪنعان جي ملڪ ۾ منهنجي ڏسندي راخل واٽ ۾ ئي مري ويئي، ۽ مون کيس افرات، يعني بيت الحم جي رستي تي دفن ڪيو.


پر اي بيت الحم افراتاہ، تون جو يهوداہ جي قبيلن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ننڍڙو آهين، تہ بہ تو مان هڪڙو شخص نڪرندو، ۽ منهنجي لاءِ اسرائيل جو حاڪم ٿيندو؛ ۽ هن جو اصل قديم وقت کان بلڪ هميشہ کان آهي.


پر جڏهن هو انهن ڳالهين بابت فڪر ۾ هو، تہ ڏسو تہ هن کي خواب ۾ خدا جو هڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن چيس تہ اي دائود جا پٽ يوسف، تون مريم پنهنجي زال کي پاڻ وٽ آڻڻ کان نہ ڊڄ، ڇالاءِ جو جيڪو حمل ٿيو اٿس سو پاڪ روح جي قدرت سان آهي.


۽ اچي ناصرت نالي هڪڙي شهر ۾ رهيو، انهي لاءِ تہ جيڪي نبين جي معرفت چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”هو ناصري سڏبو“.


تڏهن سڀڪو پنهنجي پنهنجي شهر ۾ نالو لکائڻ ويو.


انهي لاءِ تہ پنهنجي مڱ مريم، جا حمل واري هئي، تنهن سان گڏ نالو لکائي.


۽ هو ناصرت شهر ۾ آيو، جتي پاڻ نپنو هو، ۽ پنهنجي دستور موجب سبت جي ڏينهن عبادتخاني ۾ ويو، ۽ پڙهڻ لاءِ اُٿي بيٺو،


نتن ايل هن کي چيو تہ ناصرت مان بہ ڪا چڱي شيءِ نڪري سگهندي؟ فلپس چيس تہ ڀلا هلي ڏس.


پاڪ ڪلام ۾ ڪين چيل آهي تہ مسيح دائود جي نسل مان، ۽ بيت الحم، جو دائود جو ڳوٺ آهي، تنهن مان ايندو؟


تڏهن هو ٻئي ڄڻيون اُٿي هليون ۽ بيت الحم ۾ آيون. تڏهن سڄو شهر اچي گڏ ٿيو، ۽ زالون چوڻ لڳيون تہ هيءَ نعومي نہ آهي ڇا؟


۽ ڏسو، بوعز بيت الحم مان آيو، ۽ لاباري وجهڻ وارن کي چيائين تہ خداوند شل اوهان سان هجي، ۽ هنن ورندي ڏني تہ خداوند شل توکي برڪت ڏي.


۽ جيڪي ماڻهو دروازي وٽ حاضر هئا تن سڀني، ۽ انهن بزرگن چيو تہ اسين شاهد آهيون. جيڪا زال تنهنجي گهر ۾ آئي آهي تنهن کي خداوند شل راخل ۽ لياہ جهڙي ڪري، جن ٻنهي اسرائيل جو گهر آباد ڪيو: ۽ تون افراتہ ۾ لياقت سان هلت ڪر، ۽ بيت الحم ۾ نالو ڪڍ؛


۽ سندس پاڙي وارين زالن انهيءَ جو نالو رکيو ۽ چيائون تہ نعوميءَ جي لاءِ پٽ ڄائو آهي؛ ۽ انهيءَ جو نالو هنن عوبيد رکيو: اُهو يسيءَ جو پيءُ آهي، جو وري دائود جو پيءُ آهي.


۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ ڪيستائين تون سائول جي لاءِ افسوس ڪندين، جڏهن ڏسين ٿو تہ مون هن کي اسرائيل تي بادشاهہ ٿيڻ کان رد ڪيو آهي؟ پنهنجو سڱ تيل سان ڀر ۽ وڃ، آءٌ توکي بيت لحم واري يسيءَ ڏي موڪليندس: ڇالاءِ جو مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي لاءِ بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.


۽ سموئيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند فرمايو، ۽ بيت لحم ۾ آيو، ۽ انهي شهر جا بزرگ ڏڪندا، سندس استقبال لاءِ آيا، ۽ چيائونس تہ تون خير مان تہ آيو آهين؟


هاڻي دائود، بيت لحم يهوداہ جي اُنهي افراتيءَ جو پٽ هو، جنهن جو نالو يسي هو، ۽ هن کي اٺ پٽ هئا: ۽ اهو ماڻهو سائول جي ڏينهن ۾ پير مرد هو، ۽ ماڻهن ۾ تمام ڪهن سال هو.


تڏهن سائول هن کي چيو تہ اي جوان مرد، تون ڪنهن جو پٽ آهين؟ ۽ دائود ورندي ڏني تہ آءٌ تنهنجي ٻانهي بيت لحم واري يسيءَ جو پٽ آهيان.


جيڪڏهن تنهنجو پيءُ منهنجي پڇاڳاڇا ڪري، تہ تون چئج تہ دائود ڏاڍي زور سان پنهنجي شهر بيت لحم ڏي وڃڻ جي موڪل گهري: ڇالاءِ جو اُتي سندس خاندان جي لاءِ سالياني قرباني ٿيڻي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ