Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 2:2 - Sindhi Bible

2 هيءَ پهرين آدمشماري هئي، جا سوريہ جي حاڪم ڪورنيس جي ڏينهن ۾ ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 اها پهرين آدمشماري هئي جيڪا شام صوبي جي گورنر ڪورنيس جي ڏينهن ۾ ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اها پهرين آدمشماري هئي جيڪا شام صوبي جي گورنر ڪورنيس جي ڏينهن ۾ ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

2 इया पहेरीं जनगणना तड॒ऐं थी जड॒ऐं क्विरिनियुस सीरिया मुल्कअ जो राज्यपाल हो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 اھا پھرين آدمشماري ھئي جا شام جي گورنر ڪورنيس جي ڏينھن ۾ ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 2:2
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن جي هاڪ سڄي سوريہ ۾ پئجي ويئي: ۽ جيڪي بيمار جدا جدا مرضن ۽ عذابن ۾ ڦاٿل هئا، ۽ جن ۾ ڀوت هئا، ۽ جن کي مرگهي ۽ اڌرنگ هو، تن سڀني کي وٽس وٺي آيا، ۽ هن کين ڇُٽائي ڇڏيو.


هاڻي انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ قيصر اگستس اهو حڪم جاري ڪيو تہ سڄيءَ دنيا جي ماڻهن جا نالا لکجن.


تڏهن سڀڪو پنهنجي پنهنجي شهر ۾ نالو لکائڻ ويو.


هاڻي تبريس قيصر جي حڪومت جي پندرهين ورهيہ ۾، جن ڏينهن ۾ پنطيس پيلاطس يهوديہ جو حاڪم، ۽ هيروديس گليل جو حاڪم، ۽ ڀاڻس فلپس اِتوريہ ۽ ترخونيتس ملڪ جو حاڪم، ۽ لسانياس ابلينيءَ جو حاڪم هو،


هو صوبي جي حاڪم سرگيس پولس سان هو، جو سمجهو ماڻهو هو. انهي برناباس ۽ شائول کي پاڻ وٽ گهُرائي خدا جو ڪلام ٻُڌڻ جي مرضي ڏيکاري.


پر جن ڏينهن ۾ گليو، اخيہ جو حاڪم هو، تن ڏينهن ۾ يهودي پاڻ ۾ ٻَڌي ڪري پولس تي ڪاهي آيا، ۽ عدالت ۾ وٺي آيس؛


جناب فيلڪس صاحب بهادر حاڪم کي ڪلوديس لوسياس جا سلام پهچن.


اتي بادشاهہ اُٿي کڙو ٿيو، ۽ حاڪم ۽ برنيڪي ۽ ٻيا جيڪي ساڻن ويٺا هئا، سي بہ اُٿيا:


انهي شخص کان پوءِ آدمشماريءَ جي ڏينهن ۾ يهوداہ گليلي اُٿي کڙو ٿيو، ۽ ڪيترائي ماڻهو سندس پوئلڳ ٿيا: سو بہ چٽ ٿي ويو؛ ۽ جن کيس مڃيو، سي بہ دربدر ٿي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ