Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 2:10 - Sindhi Bible

10 پر ملائڪ انهن کي چيو تہ ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو ڏسو، مون اوهان لاءِ وڏي خوشخبري آندي آهي، جا سڄيءَ اُمت لاءِ ٿيندي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 تنهن تي دوت چين تہ ”ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان لاءِ هڪ وڏي خوشخبري آندي آهي، جيڪا سڄي قوم لاءِ هوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 تنهن تي ملائڪ چين تہ ”ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان لاءِ هڪ وڏي خوشخبري آندي آهي، جيڪا سڄي قوم لاءِ هوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

10 परअ स्वर्ग॒दूतअ उनन खे चयो, “ड॒को न; छोके मां तवां खे वडे॒ आनंदअ जो समाचार बु॒धाएण जे लाए आयो आयां, जेको सबनिन मांणुन जे लाए हुंदो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 تنھن تي ملائڪ چين تہ ”ڊڄو نہ، ڇالاءِ⁠جو مون اوھان لاءِ ھڪ وڏي خوشخبري آندي آھي، جيڪا سڄي قوم لاءِ ھوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 2:10
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي توکي مبارڪ چوندا، تن کي آءٌ برڪت ڏيندس، ۽ جيڪي توکي پِٽيندا تن تي آءٌ لعنت ڪندس. تو کان زمين جي سڀني قبيلن کي برڪت ملندي.


اڙي تون جو صيون کي خوشخبري ٻڌائين ٿو، مٿانهين جبل تي چڙهي وڃ؛ اڙي تون جو يروشلم کي خوشخبري ٻڌائين ٿو، زور سان پنهنجو آواز بلند ڪر؛ اهو بلند ڪر، ڊڄ نہ، يهوداہ جي شهرن کي چئُہ تہ ڏسو اوهان جو خدا!


مون ئي پهرين صيون کي چيو تہ ڏس، هن کي ڏس: آءٌ ئي يروشلم کي هڪڙو خوشخبري ڏيندڙ موڪليندس.


هائو، هو فرمائي ٿو تہ اها هڪڙي تمام خسيس ڳالهہ آهي تہ يعقوب جي قبيلن کي اُٿارڻ لاءِ، ۽ اسرائيل جي بچيلن کي قائم ڪرڻ لاءِ تون منهنجو بندو ٿين: آءٌ توکي غير قومن لاءِ روشنائي ڪري ڏيندس، تہ زمين جي ڇيڙي تائين تون منهنجي نجات پهچائين.


خداوند سڀني قومن جي ڏسندي پنهنجي پاڪ ٻانهن اُگهاڙي ڪئي آهي؛ ۽ زمين جا سڀ ڪنارا اسان جي خدا جي نجات ڏسندا.


انهيءَ جا قدم جبل تي ڪهڙا نہ مبارڪ آهن، جيڪو خوشخبري ٿو آڻي، ۽ جيڪو سلامتيءَ جي پڌرائي ٿو ڪري؛ جيڪو ڀلائيءَ جي خوشخبري ۽ نجات جي پڌرائي ٿو ڪري؛ جيڪو صيون کي چوي ٿو تہ تنهنجو خدا بادشاهي ٿو ڪري.


خداوند خدا جو روح مون تي آهي؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي مسح ڪيو آهي تہ مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان؛ هن مون کي موڪليو آهي تہ دل شڪستن جي دلجوئي ڪريان، قيدين کي آزاديءَ جي، ۽ جيڪي بند ۾ آهن تن جي بند کولڻ جي پڌرائي ڪريان.


۽ هن چيو تہ اي گهڻو پيارا ماڻهو، ڊڄ نہ، شل تون سلامت رهين، طاقت وارو ٿي، هائو، طاقت وارو ٿي، ۽ جڏهن هن مون سان ڳالهايو، تڏهن مون ۾ طاقت پيدا ٿي، ۽ چوڻ لڳس تہ ڀلي منهنجو مالڪ ڳالهائي، ڇالاءِ جو تو مون کي طاقت بخشي آهي.


اي صيون جي ڌيءَ خوشي ڪر؛ ۽ يروشلم جي ڌيءَ خوشيءَ وچان واڪا ڪر: ڏس، تنهنجو بادشاهہ تو وٽ اچي ٿو: هو سچار آهي ۽ هن وٽ نجات آهي؛ هو حليم آهي، ۽ گڏهہ تي، بلڪ کودڙي تي سوار آهي.


پر يسوع انهي دم کين چيو، تہ دلجاءِ ڪريو، آئون آهيان؛ ڊڄو نہ.


۽ يسوع وٽن اچي ساڻن ڳالهايو ۽ چيائين تہ آسمان ۽ زمين تي سڀ اختياري مون کي ڏني ويئي آهي.


۽ انهي ملائڪ ورندي ڏيئي زالن کي چيو، تہ اوهين ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ اوهين يسوع کي ٿيون ڳوليو، جنهن کي صليب تي چاڙهيو هئائون.


تہ وقت ڀرجي آيو آهي ۽ خدا جي بادشاهت ويجهي آئي آهي: توبهہ ڪريو ۽ انجيل تي ايمان آڻيو.


۽ هنن کي چيائين تہ اوهين ساريءَ دنيا ۾ وڃو، ۽ ساريءَ خلق جي اڳيان انجيل جي منادي ڪريو.


پر ملائڪ چيس تہ اي زڪرياہ، ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو تنهنجو سوال اگهاڻو آهي، ۽ تنهنجي زال اليشبع کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو يوحنا رکج.


تڏهن ملائڪ وراڻي ڏيئي چيس تہ آئون جبرائيل آهيان، جو خدا جي حضوريءَ ۾ بيٺو رهندو آهيان، ۽ مون کي انهي لاءِ موڪليو اٿس تہ تو سان ڪلام ڪريان، ۽ توکي هيءَ خوشخبري ٻڌايان.


تڏهن ملائڪ چيس، تہ اي مريم! ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو خدا تو تي مهر ڪئي آهي.


ڇوتہ اڄ دائود جي شهر ۾ اوهان لاءِ هڪڙو نجات ڏيڻ وارو ڄائو آهي، جو مسيح خداوند آهي.


۽ يروشلم کان وٺي سڀني قومن ۾ سندس نالي توبهہ ۽ گناهن جي معافيءَ جي منادي ڪئي وڃي.


تنهن کانپوءِ جلد ئي هيئن ٿيو تہ هو شهر شهر، ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ منادي ڪندو، ۽ خدا جي بادشاهت جي خوشخبري ٻڌائيندو پئي گهُميو، ۽ اُهي ٻارهن بہ ساڻس گڏ هئا،


۽ جيڪو واعدو اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو ويو هو، تنهن جي خوشخبري اسان آندي آهي؛


۽ جيسين هو موڪليا نہ وڃن، تيسين ڪيئن منادي ڪندا؟ جيئن لکيل آهي تہ، ”جيڪي چڱين ڳالهين جي خوشخبري ٿا آڻين، تن جا قدم ڪهڙا نہ مبارڪ آهن!“


آئون جو پاڪ جماعت ۾ سڀني کان گهٽ آهيان، تنهن کي اهو فضل عطا ٿيو، تہ آئون غير قومن ۾ مسيح جي بي انداز دولت جي منادي ڪريان؛


بشرطيڪ اوهين ايمان ۾ مضبوط ۽ قائم رهو، ۽ جيڪا خوشخبري اوهان ٻُڌي آهي، تنهن جي اُميد ڇڏي نہ ڏيو، جنهن جي منادي آسمان جي هيٺان ساري زمين تي ڪل مخلوقات ۾ ڪئي ويئي آهي، ۽ آئون پولس انهي جو خادم آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ