Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 19:8 - Sindhi Bible

8 پوءِ زڪي اُٿي بيٺو، ۽ خداوند کي چيائين تہ ڏس، اي خداوند، آئون پنهنجو اڌ مال غريبن کي ٿو ڏيان، جي ڪنهن ماڻهوءَ کان ڪي ناحق ورتو اٿم، تہ انهي کي چئوڻو ڪري موٽائي ٿو ڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 گھر اندر زڪئي اُٿي بيهي پرڀوءَ کي چيو تہ ”ڏسو، اي پرڀو! آءٌ پنهنجي ملڪيت جو اڌ غريبن کي ٿو ڏيان ۽ جيڪڏهن مون ڪنهن کي ٺڳيو آهي تہ آءٌ کيس چئوڻا ڪري موٽائي ڏيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 گھر اندر زڪئي اُٿي بيهي خداوند کي چيو تہ ”ڏسو، اي خداوند! آءٌ پنهنجي ملڪيت جو اڌ غريبن کي ٿو ڏيان ۽ جيڪڏهن مون ڪنهن کي ٺڳيو آهي تہ آءٌ کيس چئوڻا ڪري موٽائي ڏيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

8 थोड़ी देर खां पो जड॒ऐं उहे घरअ में ही हुवा, त उते जक्‍कई सबनिन जे सामूं उथी बीठो ऐं येशुअ खे चवण लगो॒, “प्रभु! डि॒स, मां पांजी मिलक्यतअ जो अध हिस्सो कंगालन खे ड॒ई छडी॒ंदुम ऐं जेकड॒ऐं मां केंजो कुछ बी ठगी॒ करे खणी छड॒यो आहे, त उन खे चओणा करे वापस मोटाए छडीं॒दुम।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 زڪئي اٿي بيٺو ۽ خداوند کي چيائين تہ ”ڏسو، اي خداوند! آءٌ پنھنجي ملڪيت جو اڌ غريبن کي ٿو ڏيان ۽ جيڪڏھن مون ڪنھن کي ٺڳيو آھي تہ آءٌ کيس چئوڻا ڪري موٽائي ڏيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 19:8
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهي کي انهيءَ رڍ جي چئوڻي ملهہ جيترو ڀري ڏيڻو پوندو، ڇالاءِ جو هن کي ڪوبہ قياس ڪونہ آيو ۽ اهڙو ڪم ڪيائين.


مبارڪ آهي اهو ماڻهو جيڪو غريب جو خيال ٿو رکي: خداوند ان کي مصيبت جي وقت ڇڏائيندو.


تون پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي نہ ڀر.


پر جي هو هٿ اچي ويندو تہ هو ستوڻو مال ڀري ڏيندو؛ هو پنهنجي گهر جو سمورو مال ڏيندو.


جي شرير گروي رکيل شيءِ موٽائي ڏيندو، ۽ چورايل مال موٽائي ڏيندو، ۽ حياتيءَ جي قانونن تي هلندو، ۽ ڪوبہ گناهہ نہ ڪندو، تہ اُهو ضرور جيئرو رهندو، مرندو ڪين.


تڏهن اهي پنهنجي گناهہ جا قبولدار ٿين، ۽ پنهنجي ڏوهہ جو پورو عيوضو ڀري ڏين، ۽ انهي جو پنجون حصو انهي ۾ وڌيڪ گڏين، پوءِ اهو انهي کي ڏين، جن جو انهن ڏوهہ ڪيو هجي.


پر جيڪي اندر جو آهي سو خيرات ڪري ڇڏيو؛ تہ ڏسو، سڀ ڪجهہ اوهان لاءِ پاڪ ٿيندو.


جيڪي اٿوَ سو وڪڻي خيرات ڪريو؛ پنهنجي لاءِ اهڙيون ڳوٿريون ٺاهيو جي پراڻيون نہ ٿين؛ يعني اهڙو مال آسمان ۾ ڪَٺو ڪري رکو جو کُٽي ئي نہ، جتي نہ چور ويجهو اچي، نہ ڪينئون خراب ڪري.


۽ آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ ناراستيءَ جي دولت سان پنهنجي لاءِ دوست پيدا ڪري ڇڏيو، تہ جڏهن اُها کٽي وڃي، تڏهن اُهي اوهان کي مدامي مڪانن ۾ قبول ڪن.


۽ جڏهن اُنهن اهو ڏٺو، تڏهن سڀيئي سُر پُر ڪري چوڻ لڳا، تہ هو گنهگار جي گهر وڃي لٿو آهي.


۽ جڏهن خداوند هن کي ڏٺو، تڏهن مٿس ڪهل آيس ۽ چيائينس تہ روءُ نہ.


تنهن تي يوحنا پنهنجن شاگردن مان ٻن کي ڪوٺي خداوند وٽ موڪليو، ۽ پڇيائينس تہ جيڪو اچڻ وارو آهي سو تون ئي آهين، يا اسين ڪنهن ٻئي جي واٽ ڏسون؟


اِجهو آءٌ حاضر آهيان: خداوند جي اڳيان، ۽ سندس مسح ڪيل جي اڳيان، اوهين مون تي شاهدي ڏيو: مون ڪنهن جو ڏاند ورتو آهي؟ يا ڪنهن جو گڏهہ مون ورتو آهي؟ يا ڪنهن سان ٺڳي ڪئي اٿم، يا ڪنهن تي مون ظلم ڪيو آهي؟ يا ڪنهن جي هٿان مون رشوت وٺي انهي سان پنهنجون اکيون بند ڪيون آهن؟ تہ آءٌ اُها موٽائي اوهان کي ڏيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ