Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 19:5 - Sindhi Bible

5 ۽ جڏهن يسوع اُنهي هنڌ آيو، تڏهن مٿي نهاري چيائينس، تہ اي زڪي، جلدي ڪري لهي اچ، ڇالاءِ جو اڄ مون کي تنهنجي گهر ٽڪڻو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 جڏهن يسوع انهيءَ جاءِ تي آيو، تڏهن مٿي نهاري چيائين تہ ”اي زڪئي! هڪدم هيٺ لهي اچ، ڇاڪاڻ تہ اڄ مون کي تنهنجي گھر رهڻو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 جڏهن عيسيٰ انهيءَ جاءِ تي آيو، تڏهن مٿي نهاري چيائين تہ ”اي زڪئي! هڪدم هيٺ لهي اچ، ڇاڪاڻ تہ اڄ مون کي تنهنجي گھر رهڻو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

5 जड॒ऐं येशु उन जग॒ऐ जे पासे पौंतो, त उन मथे डि॒सी जक्‍कई खे चयईं, “हे जक्‍कई झट हेठ लई अच, छोके इयो ज़रूरी आहे के अज॒ मा तुंजे घर रवां।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 جڏھن عيسيٰ انھيءَ جاءِ تي آيو، تڏھن مٿي نھاري چيائين تہ ”اي زڪئي! ھڪدم ھيٺ لھي اچ، ڇالاءِ⁠جو اڄ مون کي تنھنجي گھر ٽڪڻو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 19:5
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.


۽ جڏهن آءٌ تو وٽان اچي لنگهيس، ۽ توکي رت ۾ ليٽندو ڏٺم، تڏهن توکي چيم، تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجي رت ۾ پيئي آهين، تڏهن بہ جيئري رهہ؛ هائو مون توکي چيو، تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجي رت ۾ پيئي آهين، تڏهن بہ جيئري رهہ.


ڇالاءِ جو ابن آدم جيڪي گمراهہ ٿي ويا آهن تن کي ڳولڻ ۽ بچائڻ آيو آهي.


تہ ڏسو، زڪيءَ نالي هڪڙو ماڻهو هو جو محصولي ٺيڪيدارن جو وڏو هو، ۽ شاهوڪار بہ هو:


سو هو اڳڀرو ڊوڙي هڪڙي انجير جي وڻ تي وڃي چڙهي ويٺو، تہ اُتان ڏسي، ڇو جو هو اُنهيءَ واٽ کان لنگهڻو هو.


۽ هو جهٽ پٽ هيٺ لهي آيو، ۽ خوشيءَ سان هن کي پنهنجي گهر وٺي ويو.


نتن ايل کيس چيو تہ تون مون کي ڪيئن ٿو سڃاڻين؟ يسوع هن کي جواب ڏيئي چيو تہ جڏهن تون انجير جي وڻ هيٺان هُئين ۽ فلپس توکي ڪوٺيو، تنهن کان اڳي مون توکي ڏٺو.


يسوع جواب ڏيئي چيس، تہ جيڪڏهن ڪو مون کي پيار ٿو ڪري، تہ اُهو منهنجي ڪلام تي هلندو، ۽ منهنجو پيءُ پيار ڪندس، ۽ اسين وٽس اينداسين ۽ اچي ساڻس گڏ رهنداسين.


۽ اسين جي هن سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا آهيون، سي هيءُ بہ عرض ٿا ڪريون، تہ خدا جو فضل جو اوهان تي ٿيو آهي، سو اجايو نہ وڃي.


۽ ايمان جي وسيلي مسيح اوهانجي دلين ۾ گهر ڪري؛ تہ اوهين محبت ۾ پاڙ هڻي ۽ پيڙهہ ڄمائي،


مهمان نوازي ڪرڻ کان غافل نہ رهو؛ ڇالاءِ جو انهي ڪري ڪن بي خبريءَ ۾ ملائڪن جي مهمانداري ڪئي آهي.


ڏس، آئون در تي بيهي کڙڪايان ٿو: جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجو آواز ٻُڌي در پَٽيندو، تہ آئون انهي وٽ لنگهي ايندس، ۽ انهي سان گڏ ماني کائيندس، ۽ اُهو مون سان گڏ کائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ