Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 19:12 - Sindhi Bible

12 تنهن تي هن چيو تہ هڪڙو امير ڪنهن ڏورانهين ملڪ ڏانهن ٿي ويو، تہ اُتان پنهنجي لاءِ بادشاهت وٺي موٽي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 کين چيو تہ ”هڪڙو امير ڪنهن ڏورانهين ملڪ ڏانهن روانو ٿيو تہ جيئن اتان پنهنجي لاءِ راڄ جو اختيار وٺي پوءِ ديس موٽي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 کين چيو تہ ”هڪڙو امير ڪنهن ڏورانهين ملڪ ڏانهن روانو ٿيو تہ جيئن اتان پنهنجي لاءِ بادشاهيءَ جو اختيار وٺي پوءِ وطن موٽي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

12 येशुअ उनन खे चयईं, “हिक शाहूकार मांणू हो। उहो परे कें देशअ डा॒ं वयो ताकि उतां राज॒अ जो अधिकार वठी करे वापस मोटी अचे।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 عيسيٰ چيو تہ ”ھڪڙو امير ڪنھن ڏورانھين ملڪ ڏانھن روانو ٿيو تہ جيئن اتان بادشاھت جو اختيار وٺي پوءِ وطن وري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 19:12
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو آسمان ۾ ويو ۽ وڃي خدا جي ساڄي پاسي ويٺو؛ ۽ ملائڪ ۽ اختيار وارا ۽ قدرتون انهي جي تابع ڪيون ويون آهن.


تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گهڻن جي گناهن کڻڻ لاءِ قربان ٿي، ٻيو ڀيرو نہ گناهہ جي فيصلي لاءِ پر نجات جي لاءِ، انهن کي ڏيکاري ڏيندو، جي سندس انتظار ۾ آهن.


تنهن تي پلاطس چيس، تہ تڏهن تون بادشاهہ آهين ڇا؟ يسوع جواب ڏنو، تہ تون خود ٿو چئين تہ آئون بادشاهہ آهيان. انهي لاءِ ئي آئون ڄائو آهيان، ۽ انهي لاءِ دنيا ۾ آيو آهيان، تہ سچ جي شاهدي ڀريان. جيڪو سچ جي پاسي آهي، سو منهنجو آواز ٻُڌي ٿو.


پوءِ هو ماڻهن کي هي مثال ڏيڻ لڳو، تہ هڪڙي ماڻهوءَ ڊاک جو باغ لڳايو، ۽ آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏنائين، ۽ پاڻ ڳچ وقت تائين ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.


ڏسو، هو بادلن ۾ ٿو اچي؛ ۽ سڀڪا اک اُنهي کي ڏسندي، ۽ اُهي بہ ڏسندا جن هن کي چُڀائي ماريو؛ ۽ زمين جون سڀ قومون اُنهي لاءِ ماتم ڪنديون. بيشڪ. آمين.


ڇالاءِ جو جيستائين هو پنهنجن سڀني دشمنن کي پنهنجي پيرن هيٺ نہ آڻيندو، تيستائين هو ضرور بادشاهي ڪندو.


ڇالاءِ جو هن هڪڙو ڏينهن ٺهرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هو جهان جي عدالت راستيءَ سان، انهي ماڻهوءَ جي وسيلي ڪندو، جنهن کي هن اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ کيس مُئلن مان جياري سڀني ماڻهن کي انهي جي ثابتي ڏني اٿس.


۽ هيئن ٿيو، جو برڪت ڏيندي هنن کان جدا ٿي آسمان ۾ کڄي ويو.


سو خداوند يسوع هنن سان ڳالهائڻ کانپوءِ آسمان ۾ چاڙهيو ويو، ۽ خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


۽ هو وري اُنهن سان مثالن ۾ ڳالهائڻ لڳو. ۽ چيائين تہ ڪنهن ماڻهوءَ هڪڙو ڊاک جو باغ لڳايو، ۽ انهي جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، ۽ رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ هڪڙو حوض کوٽيائين، ۽ هڪڙو ٺلهہ ٺهرايائين، ۽ اُهو ڪن آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.


پر جڏهن انهن آبادگارن هن جي پٽ کي ڏٺو، تڏهن پاڻ ۾ چيائون تہ هي وارث آهي، اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون، ۽ سندس ورثو هٿ ڪريون.


۽ يسوع وٽن اچي ساڻن ڳالهايو ۽ چيائين تہ آسمان ۽ زمين تي سڀ اختياري مون کي ڏني ويئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ