Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 18:16 - Sindhi Bible

16 پر يسوع هنن کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ ننڍن ٻارن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ۽ کين منع نہ ڪريو، ڇالاءِ تہ خدا جي بادشاهت اهڙن ئي جي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 تنهن تي يسوع چيلن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو راڄ اهڙن جو ئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تنهن تي عيسيٰ شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي اهڙن جي ئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

16 तैंते येशुअ बा॒रन खे पाण वट सड॒ कयो ऐं चेलन खे चयईं, “बा॒रन खे न रोक्यो उनन खे मूं वट अचण डि॒यो, छोके परमेश्वरअ जो राज॒ हेड़न जो ही आहे।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 عيسيٰ شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻارڙن کي مون وٽ اچڻ ڏيو ۽ کين نہ جھليو، ڇاڪاڻ⁠تہ خدا جي بادشاھت اھڙن جي ئي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 18:16
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيئن خدا ابرهام کي حڪم ڏنو هو، تيئن جڏهن سندس پٽ اسحاق اٺن ڏينهن جو ٿيو، تڏهن هن جو ختنو ڪيائين.


۽ سارو يهوداہ، پنهنجن ننڍڙن ٻارن ۽ زالن ۽ اولاد سميت خداوند جي اڳيان بيٺو آهي.


۽ آءٌ هنن کي هڪڙي دل ۽ هڪڙي واٽ ڏيندس، تہ هميشہ مون کان ڊڄندا رهن، تہ کين، ۽ کانئن پوءِ سندن اولاد کي چڱائي رسي:


پر يسوع چيو تہ ننڍڙن ٻارن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ۽ انهن کي منع نہ ڪريو: ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت اهڙن جي ئي آهي.


هاڻي هو پنهنجن ٻارن کي وٽس وٺي آيا، تہ هو انهن تي هٿ رکي: پر شاگردن اهو ڏسي هنن کي ڇينڀيو.


آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جيڪو بہ خدا جي بادشاهت ننڍڙي ٻار وانگر قبول نہ ڪندو، سو ڪنهن بہ طرح اُنهيءَ ۾ داخل نہ ٿيندو.


ڇو جو اهو واعدو اوهان جي لاءِ ۽ اوهان جي ٻارن جي لاءِ، ۽ انهن سڀني جي لاءِ بہ آهي جي پري آهن، جن کي خداوند اسان جو خدا پاڻ ڏانهن سڏيندو.


اي ڀائرو، اوهين سمجهہ ۾ ٻار نہ ٿيو، بديءَ ۾ تہ ٻارڙا ٿيا، پر سمجهہ ۾ بالغ ٿيو.


ڇالاءِ تہ جيڪو مڙس ٻئي مذهب جو آهي سو زال جي ڪري پاڪ ٿو ٿئي، ۽ جيڪا زال ٻئي مذهب جي آهي سا مسيحي مڙس جي ڪري پاڪ ٿي ٿئي. نہ تہ جيڪر اوهان جا ٻار ناپاڪ ٿي پون، پر هاڻ اُهي پاڪ آهن.


اوهان جا ننڍڙا ٻار، اوهان جون زالون، ۽ تنهنجيءَ منزلگاهہ ۾ رهندڙ مسافر، تنهنجي ڪاٺير کان وٺي تنهنجي بهشتيءَ تائين:


۽ تون سڀني ماڻهن کي، يعني مردن ۽ زالن ۽ ٻارن کي ۽ جيڪي پرديسي تنهنجي شهر ۾ هجن، تن سڀني کي گڏ ڪج، تہ اهي ٻڌن، ۽ سکن، ۽ خداوند تنهنجي خدا کان ڊڄندا رهن، ۽ هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي خبرداريءَ سان عمل ڪن؛


نوزاد ڄاول ٻارن وانگر اُنهي نج روحاني کير جا خواهشمند ٿيو، تہ انهي تي نپجي نجات حاصل ڪريو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ