Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 17:6 - Sindhi Bible

6 خداوند چيو، تہ جيڪڏهن اوهان کي آهر جي داڻي جيترو ايمان هجي، تہ هن توت جي وڻ کي چئو تہ هتان پَٽجي وڃي سمنڊ ۾ لڳ، تہ هوند اُهو بہ اوهان جي مڃيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 پرڀوءَ چين تہ ”جيڪڏهن اوهين سرنهن جي داڻي جيترو بہ وشواس رکو ٿا تہ اوهين توت جي هن وڻ کي چئي سگھو ٿا تہ ’اتان پاڙؤن نڪري وڃي سمنڊ ۾ لڳ،‘ تہ اهو بہ اوهان جي مڃيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 خداوند چين تہ ”جيڪڏهن اوهين سرنهن جي داڻي جيترو بہ ايمان رکو ٿا تہ اوهين توت جي هن وڻ کي چئي سگھو ٿا تہ ’اتان پاڙؤن نڪري وڃي سمنڊ ۾ لڳ،‘ تہ اهو بہ اوهان جي مڃيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

6 इन ते येशुअ उनन खे चयईं, “अगर तवां जो विश्वास राईअ जे धाणे जेतरो बी हुजे, त तवां इन तूतअ जे वण खे चवंदवअ, ‘के जड़अ खां निकरी सम्डअ में वञी लग॒’, त उहो बी तवां जी मञींदो।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 خداوند چين تہ ”جيڪڏھن اوھان ۾ سرنھن جي داڻي جيترو بہ ايمان ھوندو تہ اوھين توت جي وڻ کي چئي سگھو ٿا تہ ’اتان پاڙؤن نڪري وڃي سمنڊ ۾ لڳ،‘ تہ اھو بہ اوھان جي مڃيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 17:6
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن چيس تہ اچ. سو پطرس ٻيڙيءَ مان لهي يسوع وٽ اچڻ جي لاءِ پاڻيءَ تي هلڻ لڳو.


۽ هن چين تہ اوهان جي ٿوري ايمان ڪري: ڇالاءِ جو آئون سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان کي اهر جي داڻي جيترو ايمان هوندو تہ جي اوهين هن جبل کي چوندا تہ هتان هٽي وڃ، تہ هو هٽي ويندو، ۽ ڪابہ ڳالهہ اوهان لاءِ اڻ ٿيڻي نہ هوندي.


۽ يسوع ورندي ڏيئي چين، تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جي اوهين ايمان آڻيندا ۽ شڪ نہ ڪندا، تہ نہ رڳو جيئن هن انجير جي وڻ سان ڪيو ويو تيئن ڪري سگهندا، پر جي کڻي هن جبل کي چوندا تہ هتان کڄي وڃي سمنڊ ۾ پئُہ، تہ ائين بہ ٿي پوندو.


يا ڪهڙي مثال ۾ اُن جو ذڪر ڪريون؟ اُها آهر جي داڻي وانگر آهي، جو جڏهن زمين ۾ پوکجي ٿو، تڏهن جيتوڻيڪ هو دنيا جي سڀني ٻجن کان ننڍو آهي:


يسوع هن کي چيو تہ ”جي تون ڪجهہ ڪري سگهين“! جيڪو ايمان ٿو آڻي، تنهن لاءِ سڀ ڪجهہ ٿي ٿو سگهي.


اُها آهر جي داڻي وانگر آهي، جو ڪنهن شخص کڻي وڃي پنهنجي باغ ۾ پوکيو، ۽ اُهو وڌي وڻ ٿيو، ۽ آسمان جا پکي سندس ٽارين ۾ اچي رهيا.


پر اوهان ۾ اُهو ڪير آهي جنهن کي ڪو نوڪر هجي، جو هر پيو ڪاهيندو هجي، يا ڌڻ پيو چاريندو هجي، تہ اُن کي ٻنيءَ مان اچڻ شرط چوي تہ يڪدم اچي کائڻ تي ويهہ؛


سو هو اڳڀرو ڊوڙي هڪڙي انجير جي وڻ تي وڃي چڙهي ويٺو، تہ اُتان ڏسي، ڇو جو هو اُنهيءَ واٽ کان لنگهڻو هو.


۽ جڏهن خداوند هن کي ڏٺو، تڏهن مٿس ڪهل آيس ۽ چيائينس تہ روءُ نہ.


تنهن تي يوحنا پنهنجن شاگردن مان ٻن کي ڪوٺي خداوند وٽ موڪليو، ۽ پڇيائينس تہ جيڪو اچڻ وارو آهي سو تون ئي آهين، يا اسين ڪنهن ٻئي جي واٽ ڏسون؟


۽ جي مون کي نبوت مليل هجي، ۽ سڀيئي راز ۽ سڀ علم ڄاڻندو هجان، ۽ جي منهنجو ايمان اهڙو ڪامل هجي جو جبلن کي هٽائي پاسي ڪري ڇڏيان، پر محبت نہ هجيم، تہ آئون ڪي ڪين آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ