Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 17:26 - Sindhi Bible

26 ۽ جيئن نوح جي ڏينهن ۾ ٿيو، تيئن ابن آدم جي ڏينهن ۾ بہ ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 منش‌پتر جو اچڻ بہ ائين ئي ٿيندو، جيئن نوح جي ڏينهن ۾ ٻوڏ جو اچڻ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 ابنِ آدم جو اچڻ بہ ائين ئي ٿيندو، جيئن نوح جي ڏينهن ۾ ٻوڏ جو اچڻ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

26 “जीअं नूहअ जे डीं॒हन में थ्यो हो, उअं हीं मांणूअ जे पुटअ जे प्रघट थ्यण जे डीं॒हन में बी थींदो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 جيئن نوح جي زماني ۾ ٿيو تيئن ابن⁠آدم جي ڏينھن ۾ بہ ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 17:26
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند ڏٺو تہ انسان جي بڇڙائي زمين تي وڌي ويئي آهي، ۽ هن جي دل جو هرڪو خيال ۽ تصور بہ سدائين بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي.


۽ خداوند چيو تہ جنهن انسان کي مون پيدا ڪيو آهي، تنهن کي آءٌ زمين تان مٽائي ڇڏيندس، انسان توڙي حيوان کي، سرندڙ جيتن توڙي هوا جي پکين کي، ڇو تہ آءٌ کين پيدا ڪرڻ کان پشيمان ٿيو آهيان.


پر نوح تي خدا مهربانيءَ جي نظر ڪئي.


۽ ڏسو، خوشي ۽ سرهائي، ۽ ڏاندن کي ڪهڻ، ۽ رڍن کي ذبح ڪرڻ ۽ گوشت کائڻ ۽ شراب پيئڻ: اچو تہ کائون ۽ پيئون، ڇالاءِ جو سڀاڻي اسين مرنداسين.


۽ هن شاگردن کي چيو تہ اُهي ڏينهن ايندا، جڏهن اوهين ابن آدم جي ڏينهن مان هڪڙي کي ڏسڻ لاءِ پيا سِڪندا، پر ڏسي ڪين سگهندا.


ڇالاءِ تہ جيئن وڄ آسمان جي هڪڙي طرف کان کنوندي ٻي طرف وڃيو چمڪاٽ ڪري، تيئن ابن آدم بہ پنهنجي ڏينهن ظاهر ٿيندو.


اُهي کائيندا ۽ پيئندا هئا، پرڻبا ۽ پرڻائيندا هئا؛ جيسين ڪ اُهو ڏينهن آيو، جڏهن نوح ٻيڙيءَ ۾ گهڙيو، ۽ ٻوڏ آئي، ۽ اُنهن سڀني کي چٽ ڪري ڇڏيائين.


پر اوهان ۾ اُهو ڪير آهي جنهن کي ڪو نوڪر هجي، جو هر پيو ڪاهيندو هجي، يا ڌڻ پيو چاريندو هجي، تہ اُن کي ٻنيءَ مان اچڻ شرط چوي تہ يڪدم اچي کائڻ تي ويهہ؛


آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ هو جلد ئي سندن انصاف ڪندو. تہ بہ جڏهن ابن آدم ايندو، تڏهن زمين تي ايمان ڏسندو ڇا؟


ايمان ئي جي ڪري جيڪي ڳالهيون اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون هيون، تن جي نسبت ۾ خدا نوح کي خبردار ڪيو، ۽ هن خدا جي خوف کان پنهنجي خاندان جي بچاءَ لاءِ هڪڙي ٻيڙي تيار ڪئي؛ ۽ ائين ڪرڻ سان هن جهان کي ڏوهاري ٺهرايو، ۽ پاڻ انهيءَ راستبازيءَ جو وارث ٿيو جا ايمان جي ڪري آهي.


۽ قديم دنيا کي بہ ڪين ڇڏيائين، پر انهيءَ بي دين دنيا تي طوفان آڻي، رڳو راستبازيءَ جي منادي ڪندڙ نوح ۽ ٻين ستن ڄڻن کي بچايائين:


۽ پاڻيءَ جي وسيلي انهيءَ زماني جي دنيا پاڻيءَ ۾ چٽ ٿي ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ