Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 17:21 - Sindhi Bible

21 نڪي هو چوندا تہ اِجها هتي! ڇالاءِ جو ڏسو، خدا جي بادشاهت اوهان جي اندر ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 ڪوبہ ائين نہ چوندو تہ ’ڏسو، راڄ هيڏانهن آهي‘ يا وري ’هوڏانهن آهي.‘ حقيقت ۾ ايشور جو راڄ اوهان جي وچ ۾ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 ڪوبہ ائين نہ چوندو تہ ’ڏسو، بادشاهي هيڏانهن آهي‘ يا وري ’هوڏانهن آهي.‘ حقيقت ۾ خدا جي بادشاهي اوهان جي وچ ۾ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

21 मांणू इंय न चई सग॒ंदा आइन, डि॒सो, परमेश्वरअ जो राज॒ ‘हिते आहे’, यां ‘उते आहे’। छोके परमेश्वरअ जो राज॒ तवां जे विचअ में आहे।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 ڪوبہ ائين نہ چوندو تہ ’اِجھا، ھيڏانھن‘ يا ’ھوڏانھن آھي.‘ حقيقت ۾ خدا جي بادشاھت اوھان ۾ ئي آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 17:21
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪڏهن آئون خدا جي روح جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان، تڏهن خدا جي بادشاهي اوهان وٽ اچي سهڙي آهي.


ڇالاءِ جو خدا جي بادشاهت کائڻ پيئڻ تي منحصر نہ آهي، پر راستبازي، ۽ ميل ميلاپ، ۽ انهيءَ خوشيءَ تي ٻَڌل آهي جا پاڪ روح جي طرفان آهي.


پوءِ اُنهي وقت جيڪڏهن ڪو کڻي اوهان کي چوي تہ ڏسو، اِجهو مسيح هِتي آهي، يا اِجهو هُتي آهي، تہ متان اعتبار ڪريو:


جن تي خدا اهو ظاهر ڪرڻ گهُريو تہ غير قومن ۾ انهي راز جي جلال جي دولت ڪهڙي آهي، تہ مسيح جو جلال جي اُميد آهي سو اوهان ۾ رهي ٿو.


هن چيو تہ سنڀالجو، متان گمراهہ ٿيو؛ ڇالاءِ جو گهڻا منهنجي نالي اچي چوندا تہ اُهو آئون آهيان ۽ وقت ويجهو آيو آهي: پر اوهين متان انهن جي پٺيان وڃو.


۽ اُهي اوهان کي چوندا، تہ اِجهو هتي! اِجهو هتي! پر متان ويا آهيو، يا اُنهن جي پٺيان لڳا آهيو:


يوحنا جواب ڏيئي چين، تہ آئون پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، پر اوهان جي وچ ۾ هڪڙو بيٺو آهي، جنهن کي اوهين نٿا سڃاڻو،


يسوع جواب ڏنو، تہ منهنجي بادشاهت هن دنيا جي نہ آهي: جيڪڏهن منهنجي بادشاهت هن دنيا جي هجي ها تہ هوند منهنجا نوڪر وڙهن ها، انهي لاءِ تہ آئون يهودين جي حوالي نہ ڪيو وڃان: پر هاڻي منهنجي بادشاهت هتي جي نہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ