Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 17:2 - Sindhi Bible

2 هنن ننڍڙن مان هڪڙي کي بہ جيڪو گمراهہ ٿو ڪري، تنهن کان هن جي لاءِ چڱو هيئن ٿيندو، تہ جنڊ جو پڙ سندس ڳچيءَ ۾ لڙڪائي هن کي سمنڊ ۾ کڻي اُڇلائجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 منهنجي سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪو پاپ ڏانهن ڌُتاري ٿو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو جو سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 منهنجي سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪو گناهہ ڏانهن ڌُتاري ٿو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين ٿيندو جو سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

2 जेके बी मुंजे मथां विश्वास कन ता, उनन मां कें नंढे जे लाए बी अगर कोई पाप करण जो कारण ठए तो, त उन जे लाए इयो सुठो आहे, के हिक वडो॒ चक्‍कीअ जो पाट, उन जे गले में लटकाए उन खे सम्डअ में विधो वञे।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ھنن ننڍڙن مان ڪنھن بہ ھڪ کي جيڪو گناھہ ڏانھن ڌُتاري ٿو، تنھن لاءِ چڱو ائين ٿيندو تہ پنھنجي ڳچيءَ ۾ جنڊ جو پُڙ وجھي سمنڊ ۾ ٽپو ڏيئي ٻڏي مري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 17:2
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو پنهنجو ڌڻ ڌنار وانگي چاريندو، ۽ هو گهيٽن کي پنهنجين ٻانهن هيٺ گڏ ڪري پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي هلندو، ۽ جيڪي کير پيارين ٿيون تن کي آهستي آهستي وٺي ويندو.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اي ترار منهنجي ريڍار جي، يعني انهيءَ انسان جي، جو منهنجو رفيق آهي، تنهن جي برخلاف اُٿ، ۽ ريڍار کي ڌڪ هڻ، تہ رڍون ڇڙوڇڙ ٿي وڃن: ۽ آءٌ ننڍن تي بہ هٿ هلائيندس.


پر متان اسين کين گمراهہ ڪريون، تنهنڪري تون سمنڊ ۾ وڃي ڪُنڍي وجهہ، ۽ جيڪا مڇي پهرين نڪري سا کڻ؛ ۽ جڏهن اُنهي جو وات پَٽيندين، تڏهن هڪڙو مشقال ملندءِ. سو کڻي وڃي منهنجي لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ هنن کي ڏي.


ڏسو متان هن ننڍڙن مان ڪنهن کي حقير ڪري ڄاڻو.


ساڳيو انهي طرح اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي، تنهن جي بہ اها مرضي نہ آهي تہ هنن ننڍڙن مان ڪو هڪڙو برباد ٿئي.


ابن آدم بابت جيئن لکيل آهي تيئن هو وڃي ٿو: پر افسوس آهي انهي ماڻهوءَ تي، جنهن جي هٿان ابن آدم جهلائجي ٿو! اهو ماڻهو جي پيدا ئي نہ ٿئي ها تہ چڱو.


۽ هي ننڍڙا ٻار جن جو مون تي ايمان آهي، تن مان ڪنهن کي بہ جيڪو گمراهہ ڪندو، تنهن جي لاءِ بهتر ائين ٿيندو تہ هن جي ڳچيءَ ۾ جنڊ جو پڙ لڙڪائي سمنڊ ۾ اُڇلايو وڃي.


پوءِ جڏهن ناشتو ڪري چڪا، تہ يسوع شمعون پطرس کي چيو تہ شمعون بن يوحنا، تون مون کي هنن کان وڌيڪ پيار ٿو ڪرين؟ هن چيو تہ هائو، اي خداوند، تون ڄاڻين ٿو تہ آئون توکي چاهيان ٿو. هن چيس تہ منهنجن گهيٽن کي چارج.


پر مون اهو رستو استعمال ڪونہ ڪيو آهي، ۽ آئون هي ڳالهيون انهي لاءِ نٿو لکان تہ منهنجي نسبت ۾ ائين ڪرڻ ۾ اچي. متان ڪو ماڻهو منهنجو فخر کسي وٺي تنهن کان منهنجي لاءِ مرڻ بهتر آهي.


ڪمزورن جي لاءِ آئون ڪمزور ٿيس تہ ڪمزورن کي بچايان، آئون سڀني ماڻهن جي لاءِ سڀ ڪجهہ ٿيو آهيان، تہ هر طرح سان ڪن کي بچايان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ