Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 17:1 - Sindhi Bible

1 ۽ هن پنهنجن شاگردن کي چيو تہ اها اڻ ٿيڻي آهي تہ گمراهہ ٿيڻ جا سبب نہ اچن؛ پر افسوس آهي اُنهي تي، جنهن جي ڪري اهڙا سبب پيدا ٿا ٿين!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”پاپ ڏانهن ڌتارجڻ جا سبب تہ اڻٽر آهن، پر مصيبت آهي انهيءَ لاءِ، جنهن جي هٿان اهڙا سبب پيدا ٿين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”گناهہ ڏانهن ڌتارجڻ جا سبب تہ اڻٽر آهن، پر مصيبت آهي انهيءَ لاءِ، جنهن جي هٿان اهڙا سبب پيدا ٿين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

1 येशुअ पांजे चेलन खे चयईं, “इंय न थी सग॒ंदो आहे के पाप करण जो प्रलोभन मांणुन जे सामूं न अचे परअ हाय आहे उन मांणूअ ते जेंजे करे पाप करण जो प्रलोभन अचे तो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”گناھہ ڏانھن ڌتارجڻ جا سبب تہ اڻٽر آھن، پر مصيبت آھي انھيءَ لاءِ، جنھن جي ھٿان اھڙا سبب پيدا ٿين ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 17:1
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هن ڦري پطرس کي چيو تہ اي شيطان، منهنجي اڳيان ٽر: تون مون کي گمراهہ ٿو ڪرين: ڇالاءِ جو توکي خدا جي ڳالهين جو فڪر ڪونهي، پر فقط ماڻهن جو فڪر اٿيئي.


گمراهيءَ ڪري دنيا تي افسوس آهي! ڇالاءِ جو گمراهي تہ ضرور ٿيندي: پر افسوس اُنهي ماڻهو تي جو گمراهہ ٿو ڪري!


هن چيس، تہ جيڪڏهن هو موسيٰ ۽ نبين جي نٿا ٻُڌن، تہ جي ڪو مئلن منجهان جي اُٿندو، تہ اُنهي جي بہ ڪين مڃيندا.


تنهنڪري گهرجي تہ اڳتي اسين هڪ ٻئي تي الزام نہ لڳايون: بلڪ هي مناسب آهي تہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جي رستي ۾ ڪا اهڙي شيءِ نہ رکي جنهنڪري هو ٿاٻو کائي يا ڪِري پوي.


هاڻي ڀائرو، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ جيڪا تعليم اوهان کي ملي آهي، تنهن جي برخلاف جيڪي نفاق ٿا وجهن ۽ گمراهہ ڪرڻ جو سبب ٿا بڻجن، تن کي نظر ۾ رکجو، ۽ کانئن پاسو ڪجو.


يهودين کي يا يونانين کي، يا خدا جي ڪليسيا کي گمراهہ نہ ڪريو:


هن ڪري جو اوهان جي وچ ۾ ضرور بدعتون هونديون تہ اوهين ثابت ڪريو تہ ڪير قبول آهن.


تنهنڪري جي کاڌو منهنجي ڀاءُ کي گمراهہ ٿو ڪري تہ آئون ڪڏهن بہ گوشت نہ کائيندس، تہ متان آئون پنهنجي ڀاءُ کي گمراهہ ڪريان.


پر روح صاف ٿو چوي تہ آخرين زمانن ۾ ڪي اهڙا ٿيندا جي گمراهہ ڪندڙ روحن ۽ ڀوتن جي علم تي ڌيان ڏيڻ ڪري ايمان کان ڦري ويندا،


پر مون کي تنهنجي برخلاف ڪي ٿوريون ڳالهيون چوڻيون آهن، ڇالاءِ جو تو وٽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جي بلعام جي تعليم تي ٿا هلن، جنهن بلق کي سيکاريو تہ بني اسرائيل جي واٽ ۾ ٿاٻي کائڻ جهڙي شيءِ رکي، تہ هو بُتن جي قربانيءَ جون شيون کائين ۽ زنا ڪن.


پر تنهنجي برخلاف مون کي هي چوڻو آهي تہ اها زال ازبيل، جا پاڻ کي نبياڻي ٿي سڏائي، تنهن جي تون برداشت ٿو ڪرين؛ ۽ اها منهنجن ٻانهن کي زنا ڪرڻ، ۽ بُتن جي قربانيءَ جي شين کائڻ جي تعليم ڏيئي گمراهہ ٿي ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ