Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 16:3 - Sindhi Bible

3 تڏهن هو گماشتو دل ۾ چوڻ لڳو، تہ منهنجو مالڪ تہ مون کان گماشتگيري کسي ٿو، سو آئون ڇا ڪريان؟ ڪوڏر هڻڻ جي مون ۾ وسعت ڪانهي، ۽ پنڻ کان شرم ٿو اچيم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 تڏهن منشي دل ۾ چوڻ لڳو تہ ’پوءِ آءٌ ڇا ڪندس؟ ڇاڪاڻ تہ منهنجو مالڪ تہ مون کي مُنشيگيريءَ مان ڪڍي ٿو. ڪوڏر هڻڻ جي تہ مون ۾ طاقت ڪانهي ۽ پنڻ کان بہ مون کي شرم ٿو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن منشي دل ۾ چوڻ لڳو تہ ’پوءِ آءٌ ڇا ڪندس؟ ڇاڪاڻ تہ منهنجو مالڪ تہ مون کي مُنشيگيريءَ مان ڪڍي ٿو. ڪوڏر هڻڻ جي تہ مون ۾ طاقت ڪانهي ۽ پنڻ کان بہ مون کي شرم ٿو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

3 तड॒ऐं उहो भण्डारी पांजे दिल में चवण लगो॒, ‘मुंजो मालिक मुखे भण्डारीपनअ जे पदअ तां कढी रयो आहे, सो हाणे छा कंदुम मां? छोके कोई बी कड़ी महेनतअ जो कम मां करे न सग॒ंदुम; ऐं भीखअ पिनण में त मुखे लज॒अ ईंदी।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 تڏھن منشي دل ۾ چوڻ لڳو تہ ’پوءِ مان ڇا ڪندس؟ ڇالاءِ⁠جو منھنجو مالڪ تہ مون کي منشگيريءَ مان ڪڍي ٿو. ڪوڏر ھڻڻ جي تہ مون ۾ طاقت ڪانھي ۽ پنڻ کان بہ مون کي شرم ٿو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 16:3
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هامان اندر آيو. ۽ بادشاهہ چوڻ لڳس تہ جنهن ماڻهوءَ کي بادشاهہ عزت ڏيڻ گهري، تنهن جي لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هاڻي هامان پنهنجي دل ۾ چيو تہ مون کان وڌيڪ ٻيو ڪير آهي جنهن کي بادشاهہ عزت ڏيڻ گهرندو هوندو؟


سست ماڻهو خواهش ڪري ٿو، ۽ حاصل ڪجهہ بہ نٿو ٿئيس: پر محنتي ماڻهوءَ جي جان ٿلهي ٿي ٿئي.


سست ماڻهو جو رستو ڪنڊن جو هڪڙو لوڙهو آهي: پر سچي جي واٽ شاهي سڙڪ ڪئي ٿي وڃي.


جيڪو پنهنجي ڪم ۾ ڍرو آهي سو بہ انهيءَ جو ڀاءُ آهي جو ناس ڪندڙ آهي.


سستي گهاٽيءَ ننڊ ۾ غرق ٿي ڪري؛ ۽ سست جيءَ بک ڪڍندو.


سست ماڻهو سياري جي ڪري هر نہ ڏيندو؛ تنهن ڪري فصل لهڻ وقت هو پنندو ۽ ڪجهہ بہ نہ ملندس.


جيڪو ننڍي هوندي کان پنهنجي نوڪر کي ناز سان پالي ٿو، تنهنجو نيٺ اُهو پٽ ٿي ويهندو.


پر مصيبت جي ڏينهن ۽ جيڪا خرابي پري کان ايندي تنهن ۾ اوهين ڇا ڪندا؟ ڪنهن ڏي مدد لاءِ ڊوڙندا؟ ۽ پنهنجي وڏائي ڪٿي ڇڏيندا؟


نبي ڪوڙي پيشنگوئي ٿا ڪن، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا؛ ۽ منهنجي قوم کي اهو حال پسند آهي: پر نيٺ اوهين ڇا ڪندا؟


پاڪ جماعت واري ڏينهن، ۽ خداوند جي عيد واري ڏينهن، اوهين ڇا ڪندا؟


۽ جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن ڊاک جي باغ جي مالڪ پنهنجي ڪمدار کي چيو تہ ڪمين کي سڏي پوئين کان وٺي پهرئين تائين کين مزوري ڏي.


۽ اُهي يريحو ۾ آيا: ۽ يريحو مان هو پنهنجن شاگردن ۽ ماڻهن جي گوڙ سميت نڪتو ٿي، تہ تمائي جو پٽ، بارتمئي، جو هڪڙو انڌو فقير هو، سو رستي جي ڀرسان ويٺو هو.


سو دل ۾ خيال پچائي چوڻ لڳو، تہ هاڻي ڇا ڪريان، جو اُها جاءِ ڪانهيم جتي کڻي پنهنجو فصل ڪٺو ڪري رکان؟


۽ هن سڏي چيس تہ هي تنهنجي بابت ڇا پيو ٻُڌان؟ پنهنجيءَ گماشتگيريءَ جو حساب ڏي، جو اڳتي آئون توکي گماشتو رکي ڪين سگهندس.


انهي جي در تي لعزر نالي هڪ فقير، جو ناسورن جي ڦٽن سان ڀريو پيو هو، تنهن کي ويهاري ويندا هئا.


۽ هيئن ٿيو جو اُهو فقير مري ويو، ۽ ملائڪن کڻي وڃي ابراهيم جي هنج ۾ رکيس؛ ۽ شاهوڪار بہ مري ويو، ۽ وڃي دفن ڪيائونس.


هاڻي هيءَ سٽ ٿو سٽيان، تہ جڏهن گماشتگيريءَ کان نڪران، تڏهن ماڻهو مون کي پنهنجي گهر ۾ اچڻ ڏين.


۽ هن ڪجهہ وقت تہ هن جي ڪين اُنائي: پر پوءِ دل ۾ چوڻ لڳو، تہ جيتوڻيڪ مون کي نڪو خدا جو ڊپ آهي نہ ڪا ڪنهن ماڻهوءَ جي پرواهہ؛


تڏهن پاڙيسرين ۽ جن کيس اڳي ڏٺو هو تہ هو فقير هو، سي چوڻ لڳا تہ هيءُ اُهو نہ آهي ڇا، جو ويٺو پنندو هو؟


۽ هڪڙو ماڻهو جو ڄائي ڄم کان منڊو هو، تنهن کي ڏهاڙي هيڪل جي اندر در وٽ، جو سهڻو ڪري سڏبو هو، آڻي رکندا هئا؛ انهي لاءِ تہ جيڪي هيڪل ۾ اچن، تن کان خيرات گهُري.


پر اُٿي بيهہ ۽ شهر ۾ وڃ، ۽ جيڪي ڪرڻو اٿيئي سو توکي ٻُڌائبو.


ڇالاءِ جو اسين ٻُڌون ٿا تہ اوهان ۾ ڪي آهن جي بي قاعدي ٿا هلن، ۽ ڪوبہ ڪم ڪونہ ٿا ڪن، پر ٻين جي ڪمن ۾ ٽپيو پون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ