Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 16:2 - Sindhi Bible

2 ۽ هن سڏي چيس تہ هي تنهنجي بابت ڇا پيو ٻُڌان؟ پنهنجيءَ گماشتگيريءَ جو حساب ڏي، جو اڳتي آئون توکي گماشتو رکي ڪين سگهندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 تنهن تي شاهوڪار منشيءَ کي گھرائي چيو تہ ’تنهنجي باري ۾ آءٌ هي ڇا پيو ٻڌان؟ پنهنجي مُنشيگيريءَ جو سڄو حساب ڪتاب ڏي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي اڳتي پنهنجو منشي رکي ڪين سگھندس.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تنهن تي شاهوڪار منشيءَ کي گھرائي چيو تہ ’تنهنجي باري ۾ آءٌ هي ڇا پيو ٻڌان؟ پنهنجي مُنشيگيريءَ جو سڄو حساب ڪتاب ڏي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي اڳتي پنهنجو منشي رکي ڪين سگھندس.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

2 इन ते उन शाहूकारअ पांजे भण्डारीअ खे सड॒ करे पुछयईंस, ‘इयो मां तुंजे बारे में छा तो बु॒धां? पांजे भण्डारीपनअ जो हिसाब-किताब डे॒, छोके अग॒यां खां तूं मुंजो भण्डारी न रवंदे।’

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 تنھن تي شاھوڪار منشيءَ کي گھرائي چيو تہ ’تنھنجي باري ۾ آءٌ ھي ڇا پيو ٻڌان؟ پنھنجي منشگيريءَ جو سڄو حساب ڪتاب ڏي، ڇالاءِ⁠جو آءٌ تو کي اڳتي پنھنجو منشي رکي ڪين سگھندس.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 16:2
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو خدا سڀڪو ڪم، سڀ ڪنهن چڱي يا بڇڙي لڪل ڳالهہ سان گڏ عدالت ۾ آڻيندو.


۽ آئون اوهان کي ٿو چوان تہ جيڪو بہ اجايو لفظ ماڻهو واتان ڪڍندا، اُنهي جو عدالت جي ڏينهن حساب ڏيندا.


۽ جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن ڊاک جي باغ جي مالڪ پنهنجي ڪمدار کي چيو تہ ڪمين کي سڏي پوئين کان وٺي پهرئين تائين کين مزوري ڏي.


پر خدا چيس، تہ اي نادان، اڄ ئي رات جو تنهنجي جان توکان ورتي ويندي، پوءِ جيڪي ميڙي رکيو اٿيئي، سو ڪنهن جو ٿيندو؟


تنهن تي خداوند چيو، تہ ايماندار ۽ سياڻو خدمتگار ڪير آهي، جنهن کي سندس ڌڻي پنهنجن نوڪرن چاڪرن مٿان رکي وڃي، تہ اُنهن کي مهل سر رسد رسائي؟


هن شاگردن کي هيئن بہ چيو تہ ڪنهن شاهوڪار ماڻهوءَ جو هڪڙو گماشتو هو؛ جنهن تي ڪنهن اچي هن وٽ دانهن ڏني، تہ هو تنهنجو مال پيو لُٽي.


تڏهن هو گماشتو دل ۾ چوڻ لڳو، تہ منهنجو مالڪ تہ مون کان گماشتگيري کسي ٿو، سو آئون ڇا ڪريان؟ ڪوڏر هڻڻ جي مون ۾ وسعت ڪانهي، ۽ پنڻ کان شرم ٿو اچيم.


انهيءَ طرح اسان مان هرڪو پنهنجو پنهنجو حساب خدا کي ڏيندو.


ڇالاءِ جو اي ڀائرو، اوهان جي نسبت مون کي ڪلوئيءَ جي گهراڻي وارن کان معلوم ٿيو آهي تہ اوهان ۾ جهيڙا جهڳڙا آهن.


هاڻي مختيارن ۾ اها ڳالهہ ضروري آهي تہ هو ايماندار هجن.


تنهنڪري جيسين ڪ خداوند نہ اچي، تيسين وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، جو هو اونداهيءَ ۾ لڪل شيون سوجهري ۾ آڻيندو ۽ دلين جون رٿون ظاهر ڪندو. پوءِ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي تعريف خدا جي طرفان ٿيندي.


ڇالاءِ جو اسان سڀني کي مسيح جي عدالت جي تخت جي اڳيان حاضر ٿيڻو آهي؛ انهي لاءِ تہ هر ڪنهن کي انهن ڪمن جو بدلو ملي جي هن بدن ۾ رهي ڪيا آهن، پوءِ اهي چڱا هجن يا بڇڙا.


جيڪا بخشش توکي نبوت جي وسيلي، بزرگن جي هٿن رکڻ سان ملي، تنهن کان غافل نہ رهہ.


ڪن ماڻهن جا گناهہ ظاهر هئڻ جي ڪري، سندن چال چلت جي خبر پئجيو وڃي، پر ڪن جا گناهہ دير سان ٿا ظاهر ٿين.


جيئن هر ڪنهن کي نعمت ملي، تيئن خدا جي فضل جا چڱا مختيار ٿي هڪٻئي جي خدمت ڪريو.


پر جيڪو جيئرن ۽ مُئلن جي عدالت ڪرڻ لاءِ تيار آهي، تنهن کي ئي پنهنجن ڪمن جو حساب ڏيڻو پوندن.


۽ مون سڀني مُئلن، وڏن توڙي ننڍن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو؛ ۽ ڪتاب کوليا ويا: ۽ هڪڙو ٻيو ڪتاب جو زندگيءَ جو ڪتاب آهي سو کوليو ويو. ۽ جيڪي ڳالهيون انهن ڪتابن ۾ لکيل هيون، تن موجب سندن ڪمن موافق مُئلن جو انصاف ڪيو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ