Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 16:16 - Sindhi Bible

16 شريعت ۽ نبي، يوحنا تائين هئا، تنهن وقت کان وٺي خدا جي بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي پيئي ٿئي، ۽ هرڪو زور ڪيو اچيو اندر گهڙي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 يسوع وڌيڪ چيو تہ ”موسيٰ جو نيم شاستر توڙي سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جا شاستر يوحنا جي وقت تائين لاڳو رهيا. تنهن کان پوءِ ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ٿيڻ لڳو ۽ هر ڪو ان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ زور پيو ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”موسيٰ جي شريعت توڙي ٻين نبين جون لکتون يحيٰ جي وقت تائين لاڳو رهيون. تنهن کان پوءِ خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ٿيڻ لڳي ۽ هر ڪو ان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ زور پيو ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

16 “यूहन्ना बपतिस्मा डि॒यण वारे जे अचण ताईं मूसा जी व्यवस्था ऐं भविष्यवक्‍ताउन जी किताबुन जी सिख्या ही मांणुन जे लाए अग॒वाई हुई परअ यूहन्ना बपतिस्मा डि॒यण वारे जे अचण खां पो परमेश्वरअ जे राज॒अ जी ख़ुशख़बरी बु॒धाई ती वञे ऐं सब उन में दाख़िल थ्यण जे लाए डा॒ढी महेनतअ करे रया आइन।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 ”موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جا صحيفا، يحيٰ جي وقت تائين ڪارآمد ھئا. تنھن وقت کان وٺي خدا جي بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي پئي ٿي ۽ ھر ڪو زور ڪري پيو اندر گھڙي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 16:16
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ويندي ويندي اها منادي ڪريو، تہ آسمان جي بادشاهت ويجهي آئي آهي.


جيڪا شيءِ وات ۾ ٿي گهڙي سا ماڻهوءَ کي پليت نٿي ڪري؛ پر جيڪا وات مان نڪري ٿي، اُها ئي ماڻهوءَ کي پليت ٿي ڪري.


ڇالاءِ تہ يوحنا اوهان وٽ سچائيءَ جي رستي آيو، ۽ اوهان هن کي نہ مڃيو، پر ٺيڪيدارن ۽ ڪسبياڻين کيس مڃيو: ۽ اوهان جيتوڻيڪ اهو ڏٺو، تڏهن بہ ايمان آڻڻ لاءِ توبهہ نہ ڪئي.


اوهين توبهہ ڪريو، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت ويجهي آئي آهي.


انهي وقت کان وٺي يسوع منادي ڪري چوڻ لڳو تہ توبهہ ڪريو، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت ويجهي آئي آهي.


۽ يسوع ساري گليل ۾ هنن جي عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، ۽ بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو، ۽ سڀني قسمن جي مرضن، ۽ سڀني قسمن جي بيمارين کان ماڻهن کي ڇُٽائيندو گهمندو رهيو.


هاڻي يوحنا جي گرفتار ٿيڻ کانپوءِ، يسوع گليل ۾ آيو، ۽ خدا جي انجيل جي منادي ڪندي چيائين،


پر هن اها ڳالهہ ايتري وڃي هلائي ۽ ظاهر ڪئي، جو يسوع ڪنهن بہ شهر ۾ کليو کُلايو گهڙي نٿي سگهيو، پر ٻاهر ويران هنڌن ۾ وڃي رهيو، جتي سڀني پاسن کان ماڻهو وٽس پئي آيا.


تہ اوهان جي شهر جي مٽي جا اسان جي پيرن تي لڳي پيئي آهي سا بہ اوهان تي ڇنڊي ٿا ڇڏيون: پر ايترو ڄاڻجو تہ خدا جي بادشاهت ويجهي آئي آهي.


۽ جيڪي اتي بيمار هجن تن کي چڱو ڀلو ڪجو، ۽ انهن کي چئجو تہ خدا جي بادشاهت اچي ويجهي پهتي اٿوَ.


پر ابراهيم چيو تہ اُنهن وٽ موسيٰ ۽ نبي آهن، اُنهن جي ٻُڌن.


هن چيس، تہ جيڪڏهن هو موسيٰ ۽ نبين جي نٿا ٻُڌن، تہ جي ڪو مئلن منجهان جي اُٿندو، تہ اُنهي جي بہ ڪين مڃيندا.


۽ کين موڪليائين تہ وڃي خدا جي بادشاهت جي منادي ڪريو، ۽ بيمارن کي چڱو ڀلو ڪريو.


فلپس نتن ايل کي وڃي ڳولي لڌو، ۽ چيائينس تہ جنهن جو ذڪر موسيٰ توريت ۾، ۽ نبين پڻ ڪيو آهي، سو اسان لڌو آهي، يعني يوسف جو پٽ يسوع ناصري.


جي اسين ائين ئي ڇڏي ڏينداسونس تہ سڀ ماڻهو وڃي مٿس ايمان آڻيندا: پوءِ تہ رومي اچي اسان جي جڳهہ ۽ قوم تي قبضو ڪندا.


تنهن تي فريسي پاڻ ۾ چوڻ لڳا، تہ خيال تہ ڪريو، اوهان جي ڪابہ ڪانہ ٿي هلي، ڏسو تہ سڄو جهان وڃي هن جي پٺيان لڳو آهي.


ڇالاءِ جو ڪنهن ڪنهن مهل هڪڙو ملائڪ انهي تلاءَ ۾ لهي اچي پاڻيءَ ۾ چرپر ڪندو هو، ۽ پاڻيءَ جي اُڇل کانپوءِ جيڪو انهي تلاءَ ۾ پهرين گهڙندو هو، تنهن کي جيڪا بہ بيماري هوندي هئي، تنهن کان ڇُٽي پوندو هو.)


پر جي ڳالهيون خدا پنهنجن سڀني نبين جي واتان اڳيئي ڏيکاريون هيون، تہ سندس مسيح ڏک سهندو، سي انهيءَ طرح پوريون ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ