Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 15:7 - Sindhi Bible

7 آئون اوهان کي چوان ٿو تہ ساڳيءَ طرح نوانوي سچار ماڻهو، جن کي توبهہ درڪار نہ آهي، تنهن کان هڪڙو گنهگار جو توبهہ ٿو ڪري، تنهن لاءِ آسمان ۾ وڌيڪ خوشي ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ساڳيءَ طرح هڪ پاپي جيڪو توبهہ ٿو ڪري، ان لاءِ آڪاش تي وڌيڪ خوشي ٿيندي بنسبت انهن نوانوي نيڪن جي، جن کي توبهہ جي ضرورت نہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ساڳيءَ طرح هڪ گنهگار جيڪو توبهہ ٿو ڪري، ان لاءِ آسمان تي وڌيڪ خوشي ٿيندي بنسبت انهن نوانوي نيڪن جي، جن کي توبهہ جي ضرورت نہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

7 मां तवां खे चवां तो, के इंय ही हिकअ पापीअ जे बारे में बी आहे जेको पांजे पापन खां तौबां तो करे उन जे लाए स्वर्ग॒अ में वधीकअ आनंद मनायो वेंदो परअ उनन नवानवे धर्मिन जे लाए न जेंखे पांजे पापन खां तौबां करण जी ज़रूरत नथी लगे॒।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ساڳيءَ طرح ھڪ گنھگار جيڪو توبھہ ٿو ڪري، ان لاءِ بھشت ۾ وڌيڪ خوشي ٿيندي بنسبت انھن نوانوي نيڪن جي، جن کي توبھہ جي ضرورت نہ آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 15:7
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪا پيڙهي اهڙي آهي جا پنهنجي نظر ۾ پاڪ آهي، تڏهن بہ پنهنجي گندگي کان ڌوپي صاف نہ ٿي آهي.


۽ جي لڀي پيس، تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ نوانوي جيڪي گم نہ ٿيون آهن، تن کان وڌيڪ هو انهيءَ لاءِ خوشي ڪندو.


تنهن ڪري اهڙا ڦل پيدا ڪريو جي توبهہ جي لائق هجن:


ساڳيءَ ريت آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هڪڙو گنهگار جو توبهہ ٿو ڪري، تنهن لاءِ خدا جي ملائڪن ۾ خوشي ٿي ٿئي.


پر هن جواب ڏيئي پيءُ کي چيو، تہ ڏس، هيترا سال آئون تنهنجي خدمت ۾ رهيو آهيان، ۽ ڪڏهن تنهنجي چئي کان ٻاهر نہ ويو آهيان: تہ بہ تو مون کي هڪڙو ڇيلو بہ نہ ڏنو، تہ آئون پنهنجن سنگتين سان وڃي خوشي ڪريان:


پر واجب هو تہ اسين شادماني ڪريون، ۽ خوشي ملهايون، ڇوتہ هيءُ تنهنجو ڀاءُ جو مري ويو هو، سو وري جيئرو ٿيو آهي؛ گم ٿي ويو هو، سو لڌو آهي.


۽ گهر اچڻ سان پنهنجا دوست ۽ پاڙيسري سڏي ٿو چوين تہ مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇالاءِ جو رڍ جا گم ٿي ويئي هيم سا لڌي آهي.


يا اُها ڪهڙي زال آهي، جنهن کي ڏهہ روپيا هجن، ۽ جي هڪڙو وڃيس هليو، تہ ڏيئو ٻاري ۽ گهر ٻُهاري، اُنهي کي چڱيءَ طرح نہ ڳولي، جيسين ڪ لڀيس؟


تن کي چيائين تہ اوهين اُنهن مان آهيو جي ماڻهن اڳيان پاڻ کي راستباز ٿا ٺهرائين، پر خدا اوهان جي دلين کي ڄاڻي ٿو؛ ڇالاءِ تہ جيڪي ماڻهن جي ليکي چڱو آهي، سو خدا جي اڳيان ڪراهت جهڙو آهي.


آئون سچارن کي نہ پر گنهگارن کي توبهہ جي لاءِ سڏڻ آيو آهيان.


۽ ڪنهن زماني ۾ آئون شريعت کانسواءِ جيئرو هوس، پر جڏهن حڪم آيو، تڏهن گناهہ جيئرو ٿيو، ۽ آئون مري ويس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ