Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 15:6 - Sindhi Bible

6 ۽ گهر اچڻ سان پنهنجا دوست ۽ پاڙيسري سڏي ٿو چوين تہ مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇالاءِ جو رڍ جا گم ٿي ويئي هيم سا لڌي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 هو جڏهن گھر پهچي ٿو تہ سڀني دوستن ۽ پاڙيسرين کي سڏي چوي ٿو تہ ’مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ مون پنهنجي وڃايل رڍ لڌي آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 هو جڏهن گھر پهچي ٿو تہ سڀني دوستن ۽ پاڙيسرين کي سڏي چوي ٿو تہ ’مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ مون پنهنجي وڃايل رڍ لڌي آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

6 ऐं पांजे घर वञी दोस्तन ऐं पाड़ेवारन खे इकट्ठो करे चहे तो, त ‘मुसां गड॒ आनंद मनायो, छोके मुंजी गुम थ्यल रिढअ मुखे वापस मिली वई आहे।’

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 ھو جڏھن گھر پھچي ٿو تہ سڀني دوستن ۽ پاڙيسرين کي سڏي چوي ٿو تہ ’مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇالاءِ⁠جو مون پنھنجي وڃايل رڍ لڌي آھي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 15:6
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ گم ٿيل رڍ وانگي گمراهہ ٿي ويو آهيان؛ تون پنهنجي بندي کي ڳولي لهہ؛ ڇو جو آءٌ تنهنجن حڪمن کي نٿو وساريان.


۽ جڏهن سندس پاڙي وارين ۽ مٽن مائٽن ٻڌو تہ خداوند مٿس ڏاڍي ٻاجهہ ڪئي آهي؛ تڏهن ساڻس گڏجي خوشي ڪيائون.


ساڳيءَ ريت آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هڪڙو گنهگار جو توبهہ ٿو ڪري، تنهن لاءِ خدا جي ملائڪن ۾ خوشي ٿي ٿئي.


ڇالاءِ جو هيءُ منهنجو پٽ، جو مري ويو هو، سو وري جيئرو ٿيو آهي؛ گم ٿي ويو هو، سو لڌو آهي. ۽ اُهي خوشيون ڪرڻ لڳا.


پوءِ جڏهن لڀيس ٿي، تڏهن خوشيءَ وچان کنيو ڪلهن تي چاڙهيس،


آئون اوهان کي چوان ٿو تہ ساڳيءَ طرح نوانوي سچار ماڻهو، جن کي توبهہ درڪار نہ آهي، تنهن کان هڪڙو گنهگار جو توبهہ ٿو ڪري، تنهن لاءِ آسمان ۾ وڌيڪ خوشي ٿيندي.


جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي جيڪڏهن هلندا تہ منهنجا دوست آهيو.


جنهن جي ڪنوار آهي، سو ئي گهوٽ آهي: پر گهوٽ جو دوست، جو بيٺو سندس ٻُڌي، سو گهوٽ جي آواز تي ڏاڍو سرهو ٿو ٿئي: سو اُها منهنجي سرهائي پوري ٿي.


۽ جڏهن هو اُتي آيو، تڏهن خداوند جو فضل ڏسي خوش ٿيو؛ ۽ هنن سڀني کي سمجهايائين تہ دليون جانيون خداوند ۾ وفادار رهو:


تنهنڪري ڪليسيا کين روانو ڪيو، ۽ هو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگهي، واٽ تي ٻُڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومون خدا ڏانهن ڦري آيون آهن. اهو ٻُڌي ڀائرن کي نهايت خوشي ٿي.


۽ پنهنجي سڀ ڪنهن دعا ۾ هميشہ خوشيءَ سان اوهان سڀني جي لاءِ دعا گهُرندو ٿو رهان،


پر جيڪڏهن اوهان جي ايمان جي خدمت ۽ قربانيءَ تي مون کي پنهنجو رت بہ وهائڻو پوي، تہ بہ آئون خوش ٿيندس، ۽ اوهان سڀني سان گڏجي خوشيون ڪندس؛


تنهنڪري، اي منهنجا پيارا ڀائرو، جن جو آئون مشتاق آهيان ۽ جي منهنجي خوشي ۽ تاج آهيو، خداوند ۾ انهي طرح قائم رهو.


ڀلا اسان جي خداوند يسوع جي اڳيان سندس اچڻ وقت اُميد ۽ خوشي ۽ فخر جو تاج اوهين نہ ٿيندا تہ ٻيو ڪير ٿيندو؟


جو اڳي اوهين ڪابہ اُمت نہ هئا، پر هاڻي اوهين خدا جي اُمت آهيو: اڳي اوهان تي رحم ڪونہ ٿيو هو، پر هاڻي اوهان تي رحم ٿيو آهي.


ڇالاءِ جو پهرين اوهين رڍن وانگر رُلي ويا هئا؛ پر هاڻي پنهنجن روحن جي ڌنار ۽ نگهبان (بشپ) وٽ موٽي آيا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ