Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 15:30 - Sindhi Bible

30 پر جڏهن هي تنهنجو پٽ آيو آهي، جنهن تنهنجي ملڪيت ڪڃرين ۾ برباد ڪري ڇڏي آهي، تڏهن اُنهي لاءِ متارو وهڙو ڪُٺو اٿيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 جڏهن تہ اوهان جو هي پٽ، جنهن وئشيائن ۾ اوهان جي ملڪيت اڏائي ڇڏي، سو هاڻي آيو آهي تہ هن لاءِ ٿلهو متارو جانور ڪٺو اٿوَ.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 جڏهن تہ اوهان جو هي پٽ، جنهن ڪسبياڻين ۾ اوهان جي ملڪيت اڏائي ڇڏي، سو هاڻي آيو آهي تہ هن لاءِ ٿلهو متارو وهڙو ڪٺو اٿوَ.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

30 परअ जीहंईं हे तुंजो पुट घर आयो, जैं तुंजी मिलक्यत वेश्याउन में उडा॒ए छडी॒, त तूं हिन जे लाए थुलो पाल्यल जानवर कटायो तई।’

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 پر اوھان جو ھي پٽ، جنھن رنڊين ۾ اوھان جي ملڪيت اڏائي ڇڏي، سو ھاڻي آيو آھي تہ ھن لاءِ ٿلھو متارو وھڙو ڪٺو اٿوَ.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 15:30
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن موسيٰ خداوند پنهنجي خدا کي عرض ڪري چيو تہ اي خداوند، ڇو تنهنجي ڪاوڙ تنهنجيءَ اُمت تي ڀڙڪو کائي، جنهن کي تو پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ زور سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي؟


تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ هيٺ لهي وڃ، ڇالاءِ جو تنهنجا ماڻهو، جن کي تون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهين، تن پاڻ کي خراب ڪيو آهي؛


جنهن جي ڏاهپ سان محبت آهي سو پنهنجي پيءُ کي خوش ڪري ٿو، پر جيڪو ڪسبياڻين سان سنگت ٿو رکي سو پنهنجو مال ملڪيت ضايع ڪري ٿو.


ڇالاءِ جو هنن وٽ جيڪي گهرج کان وڌيڪ هو، تنهن مان هن ۾ وڌو اٿن؛ پر هن پنهنجي تنگ حال هوندي بہ جيڪي هڙ ۾ هوس، سو سڀ کڻي وڌائين، بلڪ پنهنجي سموري ڪمائي.


پر هن جواب ڏيئي پيءُ کي چيو، تہ ڏس، هيترا سال آئون تنهنجي خدمت ۾ رهيو آهيان، ۽ ڪڏهن تنهنجي چئي کان ٻاهر نہ ويو آهيان: تہ بہ تو مون کي هڪڙو ڇيلو بہ نہ ڏنو، تہ آئون پنهنجن سنگتين سان وڃي خوشي ڪريان:


تنهن تي هن چيس، تہ پٽ، تون تہ هميشہ مون ساڻ آهين، ۽ جيڪي منهنجو آهي، سو سڀوئي تنهنجو آهي.


پر واجب هو تہ اسين شادماني ڪريون، ۽ خوشي ملهايون، ڇوتہ هيءُ تنهنجو ڀاءُ جو مري ويو هو، سو وري جيئرو ٿيو آهي؛ گم ٿي ويو هو، سو لڌو آهي.


فريسي بيهي پنهنجي دل ۾ هيئن دعا گهرڻ لڳو، تہ اي خداوند، آئون تنهنجا شڪرانا ٿو ڪريان تہ آئون ٻين ماڻهن جهڙو ڦورو، يا بي انصاف، يا زناڪار ڪين آهيان، نڪي وري هن محصولي ٺيڪيدار جهڙو آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ