Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 13:6 - Sindhi Bible

6 ۽ هيءُ مثال ڏنائين، تہ هڪڙي ماڻهوءَ جي ڊاک جي باغ ۾ انجير جو وڻ لڳل هو، سو آيو تہ ڏسان تہ منجهس ڪو ڦل آهي يا نہ، پر نہ مليس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 يسوع ماڻهن کي هي مثال ڏيندي ٻڌايو تہ ”هڪڙي ماڻهوءَ کي انگورن جو باغ هو جنهن ۾ انجير جو وڻ پوکيل هو. هڪ ڏينهن هو آيو ۽ ان ۾ انجيرن لاءِ واجھايائين پر هن هڪ بہ نہ لڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 عيسيٰ ماڻهن کي هي مثال ڏيندي ٻڌايو تہ ”هڪڙي ماڻهوءَ کي انگورن جو باغ هو جنهن ۾ انجير جو وڻ پوکيل هو. هڪ ڏينهن هو آيو ۽ ان ۾ انجيرن لاءِ واجھايائين پر هن هڪ بہ نہ لڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

6 पो येशुअ मांणुन खे हिकअ मिसालअ डीं॒दे चयईं, “हिकड़े मांणूअ जे अंगूरअ जे बाग़॒अ में अंजीरअ जो वण लग॒ल हो। उहो उन में फल गो॒लण आयो परअ संदस खे हिक बी फल न मिल्यो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 عيسيٰ انھن کي ھي مثال ڏيندي ٻڌايو تہ ”ھڪڙي ماڻھوءَ کي انگورن جو باغ ھو جنھن ۾ انجير جو وڻ پوکيل ھو. سو ھو آيو ۽ ان ۾ انجيرن لاءِ واجھايائين پر ھن ھڪ بہ نہ لڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 13:6
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هوندي بہ مون توکي عمدي ڊاک بلڪ چڱو ٻج ڪري پوکيو. تڏهن ڪيئن تون منهنجي لاءِ ڌاري قسم جي ڊاک جو خسيس ٿڏو ٿي پئين؟


خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ هنن کي بلڪل چٽ ڪري ڇڏيندس: ڊاک جي وڻ تي ڊاک نہ ٿيندي، ۽ انجير جي وڻ تي انجير نہ ٿيندا، ۽ پن بہ سڪي سڙي ويندا؛ ۽ جيڪي شيون مون هنن کي ڏنيون آهن سي هنن وٽان هليون وينديون.


آئون اوهان کي چوان ٿو تہ نہ: پر جيڪڏهن اوهين توبهہ نہ ڪندا تہ اوهين مڙيئي اُنهن وانگر چٽ ٿي ويندا.


بلڪ هينئر ئي وڻن جي پاڙ تي ڪهاڙي رکي ويئي آهي، تنهنڪري جيڪو وڻ چڱو ڦل نٿو ڏئي، تنهن کي وڍي باهہ ۾ وجهبو.


اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، پر مون اوهان کي چونڊيو آهي، ۽ انهي لاءِ اوهان کي مقرر ڪيو اٿم تہ اوهين وڃي ڦل پيدا ڪريو، ۽ اوهان جو ڦل قائم رهي: تہ جيڪي بہ اوهين پيءُ کان منهنجي نالي گهُرو، سو هو اوهان کي ڏئي.


پر روح جو ڦل آهي محبت، خوشي، اطمينان، صبر، مهرباني، نيڪي، ايمانداري،


ائين نہ آهي تہ آئون بخشش ٿو گهُران؛ پر آئون اُهو ڦل ٿو گهُران جو اوهان جي بِلي وڌندو وڃي.


پر انجير جي وڻ چين تہ آءٌ پنهنجو مٺاڻ ۽ پنهنجو چڱو ڦر ڇڏي ڏيان ڇا، ۽ وڃي ٻين وڻن تي هيڏي هوڏي لُڏان؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ