Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 13:4 - Sindhi Bible

4 يا اوهين ڀانئيو ٿا ڇا تہ اُهي ارڙهن ڄڻا جن تي شيلوخ منجهہ ٺلهہ ڪِري پيو، ۽ دٻجي مُئا، سي يروشلم جي سڀني رهاڪن کان وڌيڪ ڏوهاري هئا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 يا وري اوهين ائين سمجھو ٿا ڇا تہ اهي ارڙهن ڄڻا، جن تي شيلوخ وارو منارو ڪريو ۽ دٻجي مري ويا، سي يروشلم جي سڀني رهاڪن کان وڌيڪ پاپي هئا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 يا وري اوهين ائين سمجھو ٿا ڇا تہ اهي ارڙهن ڄڻا، جن تي شيلوخ وارو منارو ڪريو ۽ دٻجي مري ويا، سي يروشلم جي سڀني رهاڪن کان وڌيڪ گنهگار هئا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

4 यां, तवां छाता समझो के उहे अरणां ज॒णा जेके शीलोह जी मिनारअ किरण सां दब॒जी मरी वया उहे सबनिन यरूशलेमअ में रवण वारन खां वधीकअ पापी हुवा?

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 يا اوھين ائين سمجھو ٿا تہ اھي ارڙھن ڄڻا، جن تي سيلوم شھر ۾ منارو ڪريو ۽ دٻجي مري ويا، سي يروشلم جي سڀني رھاڪن کان وڌيڪ گنھگار ھئا ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 13:4
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر باقي جيڪي بچيا هئا سي افيق ڏي اُٿي ڀڳا، ۽ وڃي شهر ۾ لڪا؛ ۽ ستاويهہ هزار ماڻهو، جي باقي بچيا هئا، تن تي ڀِت ڪِري پيئي. ۽ بن هدد ڀڄي ويو ۽ شهر ۾ اچي هڪڙي اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ لڪو.


۽ حوض واري دروازي جي مرمت سلوم بن ڪل حوزہ ڪئي، جو مصفاہ جي ضلعي جو حاڪم هو؛ انهيءَ اهو جوڙايو ۽ ڍڪيو، ۽ انهيءَ جا طاق، ۽ انهيءَ جون تاڙيون، ۽ انهيءَ جا گز بيهاريائين، ۽ شيلوخ جي ڍنڍ جي ڀت، جا بادشاهہ جي باغ جي ڀرسان آهي، ۽ انهيءَ ڏاڪڻ تائين جا دائود جي شهر کان هيٺ لهي ٿي وڃي سا جوڙيائين.


تہ ڏس بيابان جي پاسي کان سخت واءُ آيو، ۽ گهر جي چئني ڪنڊن کي اهڙو لڳو جو اهو انهن جوانن تي ڪري پيو ۽ اهي مري ويا؛ ۽ رڳو آءٌ بچي نڪتو آهيان جو توکي اچي خبر ڏني اٿم.


شيلوخ جو پاڻي جو آهستي پيو وهي تنهن کي هن قوم رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اُهي رضين ۽ رملياہ جي پٽ تي فخر ٿا ڪن؛


۽ جڏهن هنن سان ليکو لاهڻ لڳو، تڏهن وٽس هڪڙو ماڻهو وٺي آيا، جنهن ڏانهن سندس ڏهہ هزار قنطار هئا.


اسان جا قرض اسان کي معاف ڪر، جيئن اسان بہ پنهنجن قرضين کي معاف ڪيو آهي.


۽ اسان جا گناهہ اسان کي معاف ڪر؛ ڇالاءِ تہ جيڪي اسان جا قرضدار آهن، تن کي اسين معاف ٿا ڪريون، ۽ اسان کي آزمائش ۾ نہ آڻ.


آئون اوهان کي چوان ٿو تہ نہ: پر جيڪڏهن اوهين توبهہ نہ ڪندا تہ اوهين مڙيئي ساڳيءَ ريت چٽ ٿيندا.


آئون اوهان کي چوان ٿو تہ نہ: پر جيڪڏهن اوهين توبهہ نہ ڪندا تہ اوهين مڙيئي اُنهن وانگر چٽ ٿي ويندا.


هن جواب ڏنو تہ اُهو شخص، جنهن کي يسوع ٿا ڪوٺين، تنهن مٽي ڳوهي منهنجين اکين تي لاتي، ۽ چيائينم تہ شيلوخ ۾ وڃي ڌوءُ: پوءِ آئون ويس، ۽ وڃي ڌوتم، ۽ ڏسڻ وائسڻ لڳس.


۽ چيائينس اُنهي تلاءَ ۾ وڃي ڌوءُ، جنهن جو نالو آهي شيلوخ (يعني موڪليل). پوءِ هو ويو، ۽ وڃي ڌوتائين، ۽ ڏسندو وائسندو آيو.


جڏهن جهنگلين اها بلا هن جي هٿ مان لڙڪندي ڏٺي، تڏهن هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ بيشڪ هيءُ ماڻهو خوني آهي، ۽ جيتوڻيڪ سمنڊ کان بچي نڪتو آهي، تہ بہ انصاف هن کي جيئرو رهڻ نٿو ڏئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ