Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 13:27 - Sindhi Bible

27 ۽ هو چوندو، تہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ آئون نٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان جا آهيو؛ اوهين مڙيئي بدڪار مون وٽان ٽري وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 پر هو وري اوهان کي چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان آيا آهيو. اوهين سڀيئي بدڪار منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 پر هو وري اوهان کي چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوهين ڪٿان آيا آهيو. اوهين سڀيئي بدڪار منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

27 परअ हू तवां खे चवंदो, ‘मां तवां खे न सुञाण्यां के तवां किथां आया आयो। हे कुकर्म करण वाराओ तवां सब मुंजे सामूंअ खां हली वञो।’

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 پر ھو وري اوھان کي چوندو تہ ’آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان تہ اوھين ڪٿان آيا آھيو. اوھين مڙيئي بدڪار منھنجي اکين اڳيان ٽري وڃو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 13:27
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن وري هو کٻي پاسي وارن کي چوندو تہ اي ملعونو، مون وٽان ٽري وڃو، ۽ وڃي هميشہ جي باهہ ۾ پئو، جا شيطان ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي.


اي سڀ بدڪارو مون کان پري ٿيو؛ ڇو جو خداوند منهنجي روئڻ جو آواز ٻڌو آهي.


اي بدڪارو، مون کان پري ٿيو؛ تہ آءٌ پنهنجي خدا جي حڪمن کي مڃيندو رهان.


جڏهن هڪ دفعو گهر جو مالڪ اُٿيو ۽ در بند ڪيائين، ۽ اوهين ٻاهر بيهي در کڙڪائي چوڻ لڳندا تہ اي ڌڻي، اسان لاءِ در کول؛ ۽ هو جواب ڏيئي چوندو، تہ آئون اوهان کي نٿو سڃاڻان تہ ڪٿان جا آهيو.


ڇالاءِ جو خداوند، راستبازن جي واٽ ڄاڻي ٿو: پر بڇڙن جي واٽ نابود ٿي ويندي.


تنهن هوندي بہ خدا جو مضبوط بنياد قائم آهي، ۽ انهي تي اها مهر لڳل آهي تہ ”جيڪي خداوند جا آهن، تن کي هو سڃاڻي ٿو؛“ ۽ ”جيڪو خداوند جو نالو ٿو وٺي، تنهن کي ناراستيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.“


جيتوڻيڪ هو پنهنجا ٻار پالي وڏا ڪندا، تہ بہ آءٌ اُهي ماري ڇڏيندس، تہ ڪوبہ ماڻهو نہ بچي: جڏهن آءٌ هنن وٽان ويندس تڏهن بہ هنن جي لاءِ ويل ٿيندو.


پر جيڪي پنهنجي ڏنگيءَ واٽ ڏانهن ٿا ڦرن، تن کي خداوند خطاڪارن سان گڏ وٺي ويندو. شل اسرائيل تي سلامتي هجي.


آءٌ هر روز صبح جو ملڪ جي سڀني بڇڙن کي برباد ڪندس؛ انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي شهر مان سڀني خطاڪارن کي تباهہ ڪري ڇڏيان.


بڇڙا ۽ بدڪار ماڻهو پنهنجن پاڙيسرين سان مٺيون مٺيون ڳالهيون ٿا ڪن، پر انهن جي دلين ۾ دغا آهي: اهڙن سان گڏ مون کي ڇڪي نہ ڪڍ.


جيڪي ڪوڙ ٿا ڳالهائين، تن کي تون برباد ڪندين؛ خداوند کي خوني ۽ دغاباز ماڻهوءَ کان نفرت آهي.


يا هاڻي جڏهن اوهين خدا کان واقف ٿيا، بلڪ جڏهن خدا اوهان کي سڃاتو آهي، تڏهن وري انهن ضعيف ۽ ڪين جهڙين ابتدائي شين ڏانهن ڪيئن ٿا ڦرو، ۽ ڪيئن غلاميءَ ۾ رهڻ لاءِ وري خواهش ٿا ڪريو؟


پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا سان محبت ٿو رکي، تہ خدا هن کي سڃاڻي ٿو.


پر هن ورندي ڏيئي چيو تہ، آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ آئون اوهان کي سڃاڻان ئي ڪين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ