Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 13:19 - Sindhi Bible

19 اُها آهر جي داڻي وانگر آهي، جو ڪنهن شخص کڻي وڃي پنهنجي باغ ۾ پوکيو، ۽ اُهو وڌي وڻ ٿيو، ۽ آسمان جا پکي سندس ٽارين ۾ اچي رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 اهو سرنهن جي داڻي مثل آهي، جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کڻي پنهنجي باغ ۾ پوکيو تہ اهو وڌي وڻ وانگر ٿي پيو ۽ سندس ٽارين ۾ پکين واهيرا ڪيا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 اها سرنهن جي داڻي مثل آهي، جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کڻي پنهنجي باغ ۾ پوکيو تہ اهو وڌي وڻ وانگر ٿي پيو ۽ سندس ٽارين ۾ پکين واهيرا ڪيا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

19 उहो राईअ जे हिकअ बि॒जअ वांगुर आहे, जेंखे कें मांणूअ खणी पांजे बाग़॒अ में पोख्यो ऐं उहो वधी करे वण थी वयो ऐं आकाशअ जा पखी अची उन जी टारियुन ते घोसलो ठाहे रवण लगा॒।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 اھا سرنھن جي داڻي مثل آھي، جو ڪنھن ماڻھوءَ کڻي پنھنجي باغ ۾ پوکيو تہ اھو وڌي وڻ ٿي پيو ۽ سندس ٽارين ۾ پکين واھيرا ڪيا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 13:19
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڪنوار، بند ٿيل باغ، يا بند ٿيل چشمو يا مهر ٿيل حوض آهي.


اي اُتر جا واءُ، جاڳ؛ ۽ اي ڏکڻ، تون اچ؛ منهنجي باغ تي لڳ تہ اُن جي مصالحن جي خوشبوءِ ٻاهر نڪري، ڀلي تہ منهنجو محبوب پنهنجي باغ ۾ اچي ۽ پنهنجا قيمتي ميوا کائي.


منهنجو محبوب پنهنجي باغ ڏانهن، مصالحن جي چمن ڏانهن ويو آهي، تہ باغن ۾ مال چاري، ۽ سوسن گڏ ڪري.


تون جو باغن ۾ رهين ٿو تنهن جو آواز سنگتي ٻڌن ٿا: مون کي بہ اهو ٻڌاءِ.


جيڪو پيغام اسان کي مليو آهي، تنهن تي ڪنهن ايمان آندو آهي؟ ڪنهن تي خداوند جي ٻانهن ظاهر ٿي آهي؟


انهي هوندي بہ خداوند جي مرضي ٿي تہ هن کي چٿي؛ انهيءَ هن کي ڏکي ڪيو: جڏهن هن جي جان گناهہ جي لاءِ قربان ڪئي ويندي، تڏهن هو پنهنجو نسل ڏسندو ۽ هن جي عمر وڏي ٿيندي، ۽ خداوند جي مرضي هن جي هٿان پوري ٿيندي.


۽ خداوند هميشہ تنهنجي رهنمائي ڪندو، ۽ ويران جاين ۾ تنهنجي جان کي ڍاول رکندو، ۽ تنهنجن هڏن کي مضبوط ڪندو؛ ۽ تون پاڻي ڏنل باغ وانگي، ۽ انهي چشمي وانگي ٿيندين جنهن جو پاڻي نٿو کٽي.


ڇالاءِ تہ جيئن زمين پنهنجا سلا ڪڍي ٿي، ۽ جيئن باغ ۾ جيڪي پوکجي ٿو تنهن کي اهو ٻاهر ٿو ڪڍي؛ تيئن خداوند بہ راستبازيءَ ۽ تعريف کي سڀني قومن تي ظاهر ڪندو.


انهيءَ جي بادشاهيءَ جي اقبالمندي ۽ سلامتيءَ جي حد ئي ڪانہ ٿيندي، ۽ هو دائود جي تخت تي ۽ ان جي بادشاهيءَ تي هن وقت کان وٺي هميشہ تائين قائم رهندو؛ ۽ انصاف ۽ سچائيءَ سان انهيءَ کي قائم ڪندو. لشڪرن جي خداوند جي غيرت ائين ڪندي.


۽ هو ايندا ۽ صيون جي چوٽيءَ تي ڳائيندا، ۽ گڏجي خداوند جي چڱائيءَ ڏي اُٿي هلندا، يعني اناج ڏي ۽ مئي ڏي، ۽ تيل ڏي، ۽ ڌڻ ڏي، ۽ ڌڻ ۽ گلي جي ٻچن ڏي: ۽ هنن جو روح پاڻي ڏنل باغ جهڙو ٿيندو، ۽ هو وري ڪڏهن بہ ڏک نہ ڪندا،


هوا جي سڀني پکين ان جي ڏارن ۾ پنهنجا آکيرا جوڙيا، ۽ ان جي ٽارين هيٺ جهنگ جي سڀني جانورن پنهنجا ٻچا ڄڻيا، ۽ ان جي ڇانوَ ۾ سڀ وڏيون قومون رهنديون هيون.


انهي جا پن سهڻا هئا، ۽ انهي جو ڦر گهڻو هو، ۽ انهي مان سڀني کي کاڌو ٿي مليو: جهنگ جا جانور انهي جي ڇانوَ ۾ پناهہ وٺندا هئا، ۽ هوا جا پکي ان جي ٽارين ۾ رهندا هئا، ۽ ڪل بشر انهي تي گذران ڪندا هئا.


جنهن جا پن سهڻا هئا، ۽ جنهن جو ڦر گهڻو هو، ۽ سڀني جو قوت انهي ۾ هو، جنهن جي هيٺان جهنگ جا جانور ٿي رهيا، ۽ جنهن جي ٽارين تي پکين جا آکيرا هئا؛


۽ اُنهيءَ ڏينهن گهڻيون ئي قومون خداوند سان شامل ٿينديون، ۽ منهنجي قوم ٿينديون: ۽ آءٌ تنهنجي وچ ۾ رهندس، ۽ توکي معلوم ٿيندو تہ لشڪرن جي خداوند مون کي تو وٽ موڪليو آهي.


۽ هن چين تہ اوهان جي ٿوري ايمان ڪري: ڇالاءِ جو آئون سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان کي اهر جي داڻي جيترو ايمان هوندو تہ جي اوهين هن جبل کي چوندا تہ هتان هٽي وڃ، تہ هو هٽي ويندو، ۽ ڪابہ ڳالهہ اوهان لاءِ اڻ ٿيڻي نہ هوندي.


۽ چيائين تہ خدا جي بادشاهت کي ڇا سان ڀيٽ ڪريون؟


خداوند چيو، تہ جيڪڏهن اوهان کي آهر جي داڻي جيترو ايمان هجي، تہ هن توت جي وڻ کي چئو تہ هتان پَٽجي وڃي سمنڊ ۾ لڳ، تہ هوند اُهو بہ اوهان جي مڃيندو.


تنهن تي جن هن جي ڳالهہ مڃي، تن کي بپتسما ملي: ۽ انهي ڏينهن اٽڪل ٽي هزار ماڻهو اچي ساڻن شامل ٿيا.


۽ جڏهن انهن اهو ٻُڌو، تڏهن خدا جي تعريف ڪرڻ لڳا، ۽ چيائونس، تہ ادا، توکي خبر آهي تہ يهودين منجهان ڪيترائي هزار آهن جن ايمان آندو آهي؛ ۽ اهي سڀ شريعت بابت ڏاڍا جوشيلا آهن:


پر منجهانئن گهڻا، جن اهو ڪلام ٻُڌو، تن ايمان آندو، ۽ ماڻهن جو تعداد اٽڪل پنج هزار اچي ٿيو.


يعني اُهي ڳالهيون جي نشانين ۽ معجزن جي طاقت سان، ۽ پاڪ روح جي قدرت سان ظاهر ٿيون؛ ايتري قدر جو مون يروشلم کان وٺي چئني پاسي اِلرڪم تائين مسيح جي خوشخبريءَ جي پوريءَ طرح منادي ڪئي آهي.


۽ ستين ملائڪ تري وڄائي، تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٿيڻ لڳا، ۽ انهن چيو تہ دنيا جي بادشاهت اسان جي خداوند ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي: ۽ اُهو هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ