Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 13:17 - Sindhi Bible

17 هن جون هي ڳالهيون ٻُڌي جيڪي بہ سندس برخلاف هئا، سي سڀيئي ڦڪا ٿيا: ۽ جيڪي جلالي ڪم هن پئي ڪيا، تن جي ڪري ساري خلق سرهي پئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 يسوع جو جواب ٻڌي سڀيئي مخالف لڄي ٿيا، جڏهن تہ هن جيڪي عجيب وَ غريب ڪم پئي ڪيا تن جي ڪري سڄي خلق خوش پئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 عيسيٰ جو جواب ٻڌي سڀيئي مخالف لڄي ٿيا، جڏهن تہ هن جيڪي عجيب وَ غريب ڪم پئي ڪيا تن جي ڪري سڄي خلق خوش پئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

17 येशुअ जूं इहे गा॒ल्यूं बु॒धी करे हुन जा सब विरोधी शर्मसार थी वया परअ बाकी सजी॒ भीड़अ हुन जे अजबन जे कमन खे डि॒सी करे ख़ुश थी।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 عيسيٰ جو جواب ٻڌي سڀيئي مخالف لڄي ٿيا، جڏھن تہ ھن جيڪي عجيب وَ غريب ڪم پئي ڪيا تن جي ڪري ساري خلق خوش پئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 13:17
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل منهنجا دشمن بي عزتيءَ جي پوشاڪ پائين، ۽ پنهنجيءَ شرمندگيءَ کي چادر وانگي ڍڪين.


هن جا ڪم شان ۽ شوڪت وارا آهن ۽ سندس راستبازي هميشہ تائين قائم آهي.


آءٌ هن جي دشمنن کي شرم جي پوشاڪ ڍڪائيندس: پر هن تي سندس تاج رونق افروز ٿيندو.


جيڪي منهنجيءَ جان کي برباد ڪرڻ ٿا چاهين سي سڀ شرمندا ٿين ۽ منجهي پون: جيڪي منهنجي نقصان ۾ راضي آهن سي هٽي وڃن ۽ بدنام ٿين.


اي خداوند معبودن ۾ تو جهڙو ڪوبہ ڪونهي: تو وانگر پاڪيزگيءَ ۾ جلال وارو، صفتن ۾ هيبت وارو، ۽ معجزا ڪندڙ، ٻيو ڪير آهي؟


انهي ڏينهن جيڪي اسرائيل مان ڀڄي نڪتا هوندا تن لاءِ خداوند جي ٽاري سهڻي ۽ شاندار ٿيندي، ۽ زمين جي اُپت انهن جي لاءِ تمام عمدي ۽ وڻندڙ ٿيندي.


هرڪو مون بابت چوندو تہ رڳو خداوند ۾ راستبازي ۽ طاقت آهي: انهي وٽ ئي ماڻهو ايندا، ۽ جيڪي کانئس ناراض هئا، سي سڀ شرمندا ٿيندا.


اوهين جي خداوند جي ڪلام کان ڏڪو ٿا، سي هن جو ڪلام ٻڌو: اوهان جا ڀائر جي اوهان سان نفرت ٿا ڪن، ۽ منهنجي نالي جي ڪري اوهان کي هڪالي ڪڍيو اٿن، تن چيو آهي تہ ڀلي تہ خداوند جو جلال ظاهر ٿئي تہ اسين اوهان جي خوشي ڏسون؛ پر اهي شرمندا ٿيندا.


پر وري بہ اُنهن ڳالهين جو کانئن جواب ڪونہ اُڪليو.


۽ يڪدم هو ڏسڻ وائسڻ لڳو، ۽ خدا جي وڏائي ڪندو هن جي پٺيان هلڻ لڳو: ۽ سڀيئي ماڻهو هي ڏسي خدا جي تعريف ڪرڻ لڳا.


پر وس ڪونہ ٿي پُڳن؛ ڇالاءِ جو ماڻهو هن جي ڳالهين ٻُڌڻ لاءِ آتا هئا.


ڇالاءِ تہ هنن کي همت ئي ڪانہ ٿي، جو کانئس وڌيڪ سوال کڻي پڇن.


۽ هنن وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنن؛ ڇالاءِ جو ماڻهن جي سببان کين سُجهيو ئي ڪين ٿي تہ ڪهڙيءَ طرح سزا ڏيون؛ جو جيڪي ٿي گذريو هو، تنهن جي ڪري سڀني ماڻهن خدا جي وڏائي پئي ڪئي.


پر هو اڳتي وڌي ڪين سگهندا: ڇالاءِ جو سندن بي عقلي سڀني ماڻهن تي ظاهر ٿيندي؛ جيئن هنن جي بہ ٿي هئي.


۽ اهڙي صحيح تعليم ڏي، جا ملامت جوڳي نہ هجي؛ تان تہ مخالف ڌر شرمندي ٿئي، ۽ اسان جي برخلاف ڪابہ ڳالهہ ڪري نہ سگهي.


۽ نيت بہ نيڪ رکو تہ جن ڳالهين جي نسبت ۾ اوهان جي گلا ٿي ٿئي، تن ۾ جيڪي اوهان جي مسيحي چڱي هلت چلت جي بدگوئي ٿا ڪن، سي شرمندا ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ