Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 13:14 - Sindhi Bible

14 ۽ عبادتخاني جي سردار کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي جو يسوع سبت جي ڏينهن بيمار کي ڇُٽايو؛ تنهن جواب ڏيئي ميڙاڪي کي چيو، تہ ڇهہ ڏينهن آهن جنهن ۾ ماڻهن کي ڪم ڪرڻ روا آهي، تنهنڪري اُنهن ڏينهن تي اچي شفا پايو، ۽ نہ سبت جي ڏينهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 اهو ڏسي ڀڳتيءَ واري جاءِ جي اڳواڻ کي ڪاوڙ لڳي، ڇاڪاڻ تہ يسوع سبت جي ڏينهن بيمار کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو. تنهنڪري هو ماڻهن کي چوڻ لڳو تہ ”هفتي ۾ ڇهہ ڏينهن آهن جن ۾ ڪم ڪار ڪرڻ جائز آهي. سو انهن ڏينهن تي ڀلي اچو ۽ ڇٽي چڱا ڀلا ٿيو، پر سبت جي ڏينهن تي نہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 اهو ڏسي عبادت‌خاني جي اڳواڻ کي ڪاوڙ لڳي، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ سبت جي ڏينهن بيمار کي شفا بخشي هئي. تنهنڪري هو ماڻهن کي چوڻ لڳو تہ ”هفتي ۾ ڇهہ ڏينهن آهن جن ۾ ڪم ڪار ڪرڻ جائز آهي. سو انهن ڏينهن تي ڀلي اچو ۽ شفا پايو، پر سبت جي ڏينهن تي نہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

14 इन ते प्रार्थना-घरअ जे सरदारअ खे गुस्सो लगु॒स, छो त येशुअ सबधअ जे डीं॒हं ते उन स्त्रीअ खे ठीक कयो वईं। उहो सरदार मांणुन खे चवण लगो॒, “छः डीं॒ंहं आइन, कम करण जे लाए। सो उनन डीं॒हन में हीं ठीक थ्यण जे लाए अचो, सबधअ जे डी॒ंहं ते न।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 پر عبادت⁠گاھہ جي اڳواڻ کي ڪاوڙ لڳي، ڇاڪاڻ⁠تہ عيسيٰ سبت جي ڏينھن بيمار کي شفا بخشي ھئي. تنھنڪري ھو ماڻھن کي چوڻ لڳو تہ ”ڇھہ ڏينھن آھن جن ۾ ڪم ڪرڻ روا آھي. انھن ڏينھن تي اچو ۽ شفا پايو پر سبت جي ڏينھن نہ اچو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 13:14
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇهہ ڏينهن تون محنت ڪري پنهنجو سڀ ڪاروبار ڪر:


ڇهہ ڏينهن تون پنهنجو ڪم ڪار ڪج، ۽ ستين ڏينهن آرام وٺج، انهي لاءِ تہ تنهنجا ڏاند ۽ تنهنجا گڏهہ بہ آرام وٺن، ۽ تنهنجيءَ ٻانهيءَ جو پٽ ۽ مسافر بہ آرام وٺي تازا ٿين.


تنهن کانسواءِ مون هنن کي پنهنجا سبت بہ ڏنا، تہ منهنجي ۽ سندن وچ ۾ هڪڙي نشاني رهي، انهي لاءِ تہ هو ڄاڻن تہ آءٌ خداوند آهيان جو هنن کي پاڪ ٿو ڪريان.


ڇالاءِ جو اوهين پنهنجي پاسي ۽ پنهنجي ڪلهي سان ڌڪيو ٿا، ۽ سڀني بيمارن کي پنهنجن سڱن سان ٿيلها ٿا ڏيو، ۽ انهن کي پري پري پکيڙي ڇڏيو اٿوَ؛


ڇهہ ڏينهن ڪم ڪار ڪيو وڃي: پر ستون ڏينهن پوري آرام جي لاءِ سبت آهي، جنهن تي پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ اوهين ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو: اهو اوهان جي سڀني گهرن ۾ خداوند جو سبت آهي.


پر جڏهن فريسين اهو حال ڏٺو، تڏهن هن کي چيائون، تہ ڏس، تنهنجا شاگرد جيڪي ڪن ٿا سو سبت جي ڏينهن ڪرڻ روا ناهي.


۽ عبادتخاني جي سردارن مان هڪڙو يائرس نالي آيو؛ ۽ کيس ڏسي پيرين پيس،


پر هو ڄڻ ڇتا ٿي پيا، ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ يسوع سان ڇا ڪجي؟


فقيهن ۽ فريسين ويٺي نهاريس تہ ڏسون تہ سبت جي ڏينهن ڇُٽائي ٿو يا نہ، تہ مٿس تهمت آڻڻ جو وجهہ مليئون.


۽ ڏسو، يائرس نالي هڪڙو ماڻهو جو عبادتخاني جو سردار هو، سو آيو، ۽ يسوع کي پيرين پئي عرض ڪيائينس تہ منهنجي گهر هل؛


۽ جڏهن توريت ۽ نبين جو ڪتاب پڙهي رهيا، تڏهن عبادتخاني جي سردارن سڏائي چين تہ اي ڀائرو، جيڪڏهن اوهان کي ڪا نصيحت جي ڳالهہ ماڻهن کي ٻُڌائڻي هجي تہ ٻُڌايو.


پوءِ هنن سڀني عبادتخاني جي سردار سوسٿنيس کي پڪڙي عدالت جي اڳيان مارڪٽ ڪئي. ۽ گليو کي انهن ڳالهين جي ڪابہ پرواهہ ڪانہ هئي.


۽ عبادتخاني جي سردار ڪرسپس، توڙي سندس خاندان، خدا تي ايمان آندو؛ ۽ ڪيترن ئي ڪرنٿين بہ پولس جي ڳالهہ ٻُڌي ايمان آندو ۽ بپتسما ورتائون.


ڇالاءِ جو آئون هنن لاءِ اها شاهدي ٿو ڀريان، تہ انهن کي خدا جي لاءِ جوش تہ آهي، پر سمجهہ موجب نہ.


ڇهہ ڏينهن تون محنت ڪر، ۽ پنهنجو سڀ ڪم ڪار ڪر:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ