Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 13:11 - Sindhi Bible

11 ۽ ڏسو، هڪڙي زال هئي جنهن ۾ ارڙهن ورهين کان هڪڙو ڀوت هو، جنهن جي ڪري هوءَ ڪمزور ٿيندي ويئي، ۽ ڪُٻي ٿي پيئي هئي، ۽ پُٺي سنئين ٿي نٿي سگهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 اتي هڪڙي ناري هئي جنهن ۾ ارڙهن سالن کان هڪڙو ڀوت هو، جنهن ڪري هوءَ ڏاڍي ڪمزور ٿي ڪُٻي ٿي ويئي هئي. هوءَ بلڪل سڌي ٿي نہ سگھندي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اتي هڪڙي عورت هئي جنهن ۾ ارڙهن سالن کان هڪڙو ڀوت هو، جنهن ڪري هوءَ ڏاڍي ڪمزور ٿي ڪُٻي ٿي ويئي هئي. هوءَ بلڪل سڌي ٿي نہ سگھندي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

11 उते हिकड़ी स्त्री हुई जेमें अरणन सालन खां दुष्‍टआत्मा हुई। दुष्‍टआत्मा उन स्त्रीअ खे कमजोर ऐं कुब॒ड़ी करे छड॒यो हुयईंस ऐं उहा कें बी तरीके सां सिधी न पई थी सगे॒।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 اتي ھڪڙي عورت ھئي جنھن ۾ ارڙھن ورھين کان ھڪڙو ڀوت ھو، جنھن جي ڪري ھوءَ ڪمزور رھندي ھئي. تنھنڪري ھوءَ ڪُٻي ٿي ويئي ھئي ۽ بلڪل سڌي ٿي نہ سگھندي ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 13:11
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن شيطان خداوند جي حضور مان نڪري هليو ويو، ۽ ايوب کي پيرن جي ترين کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين سخت ڦرڙين جي تڪليف ڏنائين.


خداوند انهن سڀني کي جيڪي ڪرن ٿا سنڀالي ٿو، ۽ جيڪي جهڪي ٿا پون تن سڀني کي اُٿاري کڙو ٿو ڪري.


خداوند انڌن جون اکيون ٿو کولي، خداوند جهڪيلن کي اُٿاري کڙو ٿو ڪري خداوند راستبازن کي پيار ٿو ڪري.


آءٌ ڏکي آهيان، ۽ ڏاڍو جهڪي پيو آهيان؛ ۽ سڄو ڏينهن روئندو وتان.


اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون مون ۾ اهڙي بي آرام ڇو ٿي آهين؟ خدا ۾ اُميد رک: ڇو جو هن جي نجات بخش ديدار لاءِ آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس.


اي خداوند، مون تي رحم ڪر؛ ڇو جو آءٌ هيڻو ٿي ويو آهيان: اي خداوند، مونکي چڱو ڀلو ڪر؛ ڇو جو منهنجن هڏن ۾ بي آرامي آهي.


۽ يسوع ساري گليل ۾ هنن جي عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، ۽ بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو، ۽ سڀني قسمن جي مرضن، ۽ سڀني قسمن جي بيمارين کان ماڻهن کي ڇُٽائيندو گهمندو رهيو.


۽ پڻس کان پڇيائين تہ ڪيترن ڏينهن کان هن جو هي حال آهي؟ هن چيو تہ ننڍي هوندي کان وٺي.


يسوع جڏهن هن کي ڏٺو، تڏهن سڏي چيائينس، تہ اي مائي، تون پنهنجي ڪمزوريءَ کان ڇُٽينءَ


تڏهن هيءَ زال جا ابراهيم جي ڌيءَ آهي، جنهن کي شيطان ارڙهن سالن کان ٻَڌي قابو ڪيو هو، تنهن کي سبت جي ڏينهن اُنهي بند کان ڇڏائڻ روا نہ هو ڇا؟


پر جڏهن اُهي ڳالهيون ٿيڻ لڳن، تڏهن سنوان ٿي ڪنڌ مٿي ڪجو، ڇالاءِ جو اوهان جو ڇوٽڪارو ويجهو آيو آهي.


۽ ڪي زالون جي ڀوتن ۽ مرضن کان ڇُٽي چڱيون ڀليون ٿيون هيون، تن ۾ مريم، جا مگدليني ڪري سڏبي هئي، ۽ جنهن مان ست ڀوت نڪتا هئا سا،


۽ جڏهن هو سڪيءَ تي آيو، تڏهن اُنهي شهر جو هڪڙو ماڻهو گڏيس، جنهن ۾ ڀوت هئا؛ ۽ هو ڪيترن ڏينهن کان نڪي ڪپڙو ڪندو هو، نڪي گهر ۾ رهندو هو، پر قبرستان ۾ گذران ڪندو هو.


۽ اُتي هڪڙي زال هئي، جنهن کي ٻارهن ورهين کان رت پوندو هو، ۽ جنهن پنهنجي سڄي موڙي طبيبن پٺيان وڃائي هئي، پر ڪوبہ ڇُٽائي نہ سگهيو هوس،


۽ هڪڙو ماڻهو جو ڄائي ڄم کان منڊو هو، تنهن کي ڏهاڙي هيڪل جي اندر در وٽ، جو سهڻو ڪري سڏبو هو، آڻي رکندا هئا؛ انهي لاءِ تہ جيڪي هيڪل ۾ اچن، تن کان خيرات گهُري.


ڇالاءِ تہ جو ماڻهو هن معجزي ڪري چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن جي عمر چاليهن ورهين کان بہ مٿي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ