Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 12:7 - Sindhi Bible

7 بلڪ اوهان جي مٿي جا وار بہ سڀ ڳڻيا پيا آهن. متان ڊنا آهيو: اوهان جو ملهہ تہ گهڻين جهرڪين کان مٿي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 جڏهن تہ اوهين ڪيترين ئي جھرڪين کان وڌيڪ قيمتي آهيو، ايتري قدر جو اوهان جي مٿي جا تہ وار بہ ڳڻيل آهن. تنهنڪري اوهين ايشور کان سواءِ ڪنهن کان نہ ڊڄو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 جڏهن تہ اوهين ڪيترين ئي جھرڪين کان وڌيڪ قيمتي آهيو، ايتري قدر جو اوهان جي مٿي جا تہ وار بہ ڳڻيل آهن. تنهنڪري اوهين خدا کان سواءِ ڪنهن کان نہ ڊڄو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

7 सचअ में, तवां जे मथे जा वारअ बी ग॒णयल आइन। ड॒को न। तवां परमेश्वरअ जे लाए केत्रन ही झिड़क्युन खां बी वधीकअ कीमती आयो।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 پر اوھان جي مٿي جا تہ وار بہ ڳڻيل آھن، سو متان ڊڄو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جي قيمت ڪيترين ئي جھرڪين کان وڌيڪ آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 12:7
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن زال چيو تہ آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ بادشاهہ خداوند پنهنجي خدا کي ياد ڪري تہ خون جي بدلي وٺڻ وارو وري ڪنهن کي نہ ماري، متان منهنجي پٽ کي ناس ڪري ڇڏين. ۽ هن چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ تنهنجي پٽ جو هڪڙو وار بہ زمين تي نہ ڪرندو.


جو اسان کي زمين جي جانورن کان وڌيڪ تعليم ڏئي ٿو، ۽ اسان کي هوا جي پکين کان زيادہ عقل عطا ڪري ٿو؟


تو هن کي پنهنجي ڪاريگريءَ تي حڪومت بخشي آهي ۽ سڀ شيون سندس پيرن هيٺ ڪيون اٿيئي.


تڏهن رڍ کان ماڻهوءَ جو قدر ڪيترو نہ وڌيڪ آهي! تنهنڪري سبت جي ڏينهن نيڪي ڪرڻ روا آهي.


آسمان جا پکي ڏسو، جو اُهي نہ پوکين ۽ نہ لڻن، ۽ نڪي ڪي ڀانڊن ۾ گڏ ڪري رکن ٿا؛ تہ بہ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو هنن کي کارائي ٿو. اوهين هنن کان گهڻو وڌيڪ نہ آهيو ڇا؟


پر اوهان جي مٿي جو هڪ وار بہ ونگو نہ ٿيندو.


تنهنڪري آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ ڪجهہ کائو، ڇالاءِ تہ انهي ۾ اوهان جو بچاءُ آهي: ڇو جو اوهان مان ڪنهن جي مٿي جو هڪڙو وار بہ ونگو نہ ٿيندو.


۽ ماڻهن سائول کي چيو تہ يونتن، جنهن اسرائيل ۾ هي وڏو ڇوٽڪاري جو ڪم ڪيو آهي، ماريو ويندو ڇا؟ شل خدا ائين نہ ڪري. خداوند جيئري جو قسم آهي تہ هن جي مٿي جو هڪڙو وار بہ زمين تي ڪونہ ڪرندو؛ ڇالاءِ جو هن اڄ خدا سان گڏجي ڪم ڪيو آهي. انهي طرح ماڻهن يونتن کي ڇڏايو جنهنڪري هو ڪين مئو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ