Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 12:4 - Sindhi Bible

4 ۽ آئون اوهان پنهنجن دوستن کي چوان ٿو، تہ جيڪي بدن کي قتل ٿا ڪن، ۽ تنهن کانپوءِ ڪي بہ ڪري نٿا سگهن، تن کان متان ڊنا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 ”اوهين جيڪي منهنجا دوست آهيو، تن کي آءٌ چوان ٿو تہ جيڪي شرير کي قتل ٿا ڪن، تن کان نہ ڊڄو. هو ان کان وڌيڪ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿا سگھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 ”اوهين جيڪي منهنجا دوست آهيو، تن کي آءٌ چوان ٿو تہ جيڪي بدن کي قتل ٿا ڪن، تن کان نہ ڊڄو. هو ان کان وڌيڪ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿا سگھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

4 “मुंजा दोस्तओ मां तवां खे तो चवां, उनन खां न ड॒को जेके सिर्फ शरीरअ खे ता मारे सग॒न परअ उन जे अलावा बि॒यो कुछ बी नथा करे सग॒न।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 ”آءٌ اوھان پنھنجن دوستن کي چوان ٿو تہ جيڪي جسماني طور ٿا مارين، تن کان نہ ڊڄو. ھو ان کان وڌيڪ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿا سگھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 12:4
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ماڻهوءَ جو ڊپ هڪڙو ڦانڌو آڻي ٿو، پر جيڪو پنهنجو ڀروسو خداوند تي ٿو رکي سو سلامت رهندو.


اي منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڪنوار، آءٌ پنهنجي باغ ۾ آيو آهيان: مون پنهنجي مر پنهنجي مصالحہ سميت گڏ ڪئي آهي؛ مون پنهنجو مانارو پنهنجي ماکيءَ سميت کاڌو آهي؛ مون پنهنجو شراب پنهنجي کير سان پيتو آهي. اي دوستو کائو؛ هائو، اي محبوب پيءُ، بي انداز پيءُ.


هن جو وات تمام مٺو آهي؛ هائو هو بلڪل وڻندڙ آهي: اي يروشلم جون ڌيئون، اهو آهي منهنجو محبوب، ۽ اهو آهي منهنجو دوست.


پر اي منهنجا بندا اسرائيل! اي منهنجا چونڊيل يعقوب! تون منهنجي دوست ابرهام جي نسل مان آهين.


تنهن ڪري تون پنهنجي ڪمر ٻڌ ۽ اُٿ ۽ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان اهو انهن کي ٻڌاءِ: انهن کي ڏسي ڊڄ نہ، متان انهن جي اڳيان آءٌ توکي حيران پريشان ڪري ڇڏيان.


هنن جي ڪري ڊڄ نہ: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي ڇڏائڻ جي لاءِ آءٌ تو سان آهيان.


ڇالاءِ جو ڪسدين جي سبب هنن کي ڊپ هو، جو اسماعيل بن نتنياہ، جدلياہ بن اخيقام کي قتل ڪيو هو، جنهن کي بابل جي بادشاهہ انهيءَ زمين تي حاڪم مقرر ڪيو هو.


۽ اي آدمزاد، تون انهن کان نہ ڊڄ ۽ نہ انهن جي ڳالهين کان ڊڄ؛ جيتوڻيڪ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا توسان هجن ۽ تون وڇن منجهہ رهندو هجين تہ بہ انهن جي ڳالهين کان نہ ڊڄ، ۽ نہ انهن جي شڪلين کان ڊڄ، جيتوڻيڪ هو باغي گهراڻو آهي.


۽ جيڪي بدن کي ماري ٿا وجهن، پر روح کي ماري نٿا سگهن، تن کان نہ ڊڄو، پر اُنهي کان ڊڄو جو روح ۽ بدن ٻنهي کي جهنم ۾ وجهي برباد ڪري ٿو سگهي.


هن کان مٿي ڪو پيار ڪونهي، جو ماڻهو پنهنجن دوستن لاءِ جان ڏئي.


پر مون کي پنهنجي جان جو فڪر ڪونهي، نڪي اُنهيءَ سان اهڙي دل اٿم، فقط اِهو فڪر اٿم تہ آئون پنهنجو دور پورو ڪريان، ۽ جيڪا خدمت خداوند يسوع کان مون کي ملي آهي، سا پوري ڪريان؛ يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


هاڻي جڏهن هنن پطرس ۽ يوحنا جي همت ڏٺي، ۽ خبر پين تہ هو اڻ پڙهيل ۽ بي علم ماڻهو آهن، تڏهن عجب لڳن؛ ۽ کين سڃاتائون تہ هو يسوع ساڻ هوندا هئا.


۽ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ مخالفن کان نٿا ڊڄو: اها ڳالهہ هنن جي لاءِ برباديءَ جي صاف نشاني آهي، مگر اوهان جي نجات جي، ۽ اُها خدا جي پاران آهي،


۽ جيڪي پاڪ لکيت ۾ چيل آهي سو پورو ٿيو تہ ”ابراهيم خدا تي ايمان آندو ۽ اهو سندس حق ۾ راستبازي ليکيو ويو؛ ۽ هو خدا جو دوست سڏيو ويو.“


پر جي راستبازيءَ جي ڪري اوهين کڻي ڏک سهو تہ بہ اوهين مبارڪ آهيو: ۽ انهن جي ڌمڪين کان نہ ڊڄو، نڪي مونجهاري ۾ پئو؛


جيڪي ڏک توکي سَهڻا آهن تن کان نہ ڊڄ: ڏس، شيطان اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجهڻ وارو آهي تہ اوهان جي آزمائش ٿئي؛ ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان تي مصيبت رهندي. تون مرڻ تائين ايماندار رهہ ۽ آئون توکي زندگيءَ جو تاج ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ