Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 11:4 - Sindhi Bible

4 ۽ اسان جا گناهہ اسان کي معاف ڪر؛ ڇالاءِ تہ جيڪي اسان جا قرضدار آهن، تن کي اسين معاف ٿا ڪريون، ۽ اسان کي آزمائش ۾ نہ آڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 اسان جا ڏوهہ اسان کي معاف ڪر، ڇاڪاڻ تہ جيڪي اسان جا ڏوهاري آهن تن کي اسين بہ معاف ٿا ڪريون. ان کان علاوہ اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 اسان جا ڏوهہ اسان کي معاف ڪر، ڇاڪاڻ تہ جيڪي اسان جا ڏوهاري آهن تن کي اسين بہ معاف ٿا ڪريون. ان کان علاوہ اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

4 असां जे पापन खे माफ़ कर, छोके त असां बी पांजे हर हिकअ गुनेहगारन खे माफ़ कंदा आयूं, ऐं प्रलोभन अचण जे वक़्त असां खे पाप करण खां बचाए’।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 اسان جا ڏوھہ اسان کي معاف ڪر، ڇالاءِ⁠جو جيڪي اسان جا ڏوھي آھن تن کي اسين بہ معاف ٿا ڪريون. ان کان علاوہ اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 11:4
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اهو فرشتو جنهن مون کي سڀني بڇڙاين کان بچايو آهي، سو شل هنن ڇوڪرن کي برڪت ڏئي، ۽ شل هي منهنجي، ۽ منهنجي ابي ڏاڏي ابرهام، ۽ اضحاق، جي نالي سڏجن؛ شل هو ڌرتيءَ جي وچ ۾ وڌي راڄ ٿين.


تہ تون آسمان ۾ ٻڌج ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جو گناهہ معاف ڪج، ۽ جيڪا زمين تو هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏني هئي، تنهن ۾ هن کي وري آڻج.


تہ تون آسمان ۾ ٻڌج، ۽ پنهنجن ٻانهن جو، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جو گناهہ معاف ڪج، جو تون انهيءَ وقت هنن کي سيکارين ٿو تہ ڪيئن چڱي رستي تي هلن؛ ۽ جيڪا زمين تو پنهنجي قوم کي ورثو ڪري ڏني آهي تنهن تي مينهن موڪلج.


خداوند توکي سڀ ڪنهن برائيءَ کان سنڀاليندو؛ هو تنهنجي جان جي سنڀال ڪندو.


اي خداوند، پنهنجي نالي جي واسطي منهنجو ڏوهہ معاف ڪر، ڇالاءِ جو اُهو وڏو آهي.


منهنجي ڏک ۽ مصيبت ڏانهن نگاهہ ڪر؛ ۽ منهنجا سڀ گناهہ معاف ڪر.


اي خداوند، ٻڌ؛ اي خداوند، معافي ڏي؛ اي خداوند، ٻڌي عمل ڪر؛ دير نہ ڪر؛ اي منهنجا خدا، پنهنجي واسطي ائين ڪر، ڇالاءِ جو تنهنجو شهر ۽ تنهنجي قوم، تنهنجي ئي نالي پٺيان ٿا سڏجن.


تون ڪلام کڻي خداوند وٽ موٽ، ۽ انهي کي چئُہ تہ تنهنجي سڀ بڇڙائي ڪڍي وٺي، ۽ مهرباني ڪري اسان کي قبول ڪري: پوءِ اسين پنهنجي چپن جي قرباني پيش ڪنداسين.


سو جيڪڏهن اوهان مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ کي دليون جانيون معاف نہ ڪندو، تہ منهنجو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو بہ اوهان سان انهي طرح ڪندو.


جاڳندا رهو ۽ دعا گهرو، تہ آزمائش ۾ نہ پئو: بيشڪ روح تہ تيار آهي مگر جسم ضعيف آهي.


۽ اُنهن کي چيائين، تہ اوهان منجهان اُهو ڪير آهي جنهن جو ڪو دوست هجي، سو آڌيءَ رات وٽس اچي چوي، تہ اي دوست، مون کي ٽي مانيون اُڌاريون ڏي؛


يا اوهين ڀانئيو ٿا ڇا تہ اُهي ارڙهن ڄڻا جن تي شيلوخ منجهہ ٺلهہ ڪِري پيو، ۽ دٻجي مُئا، سي يروشلم جي سڀني رهاڪن کان وڌيڪ ڏوهاري هئا؟


۽ چيائين، تہ سمهيا ڇو پيا آهيو؟ اُٿي دعا گهُرو، متان آزمائش ۾ پئو.


۽ ٽڪر وارا اُهي آهن، جي جڏهن ڪلام ٻُڌن ٿا، تڏهن خوشيءَ سان مڃيو وٺن، پر پاڙ نہ هئڻ ڪري ٿوري وقت تائين ايمان آڻي، پوءِ آزمائش جي مهل ڦريو وڃن.


آئون اهو ڪونہ ٿو گهُران، تہ تون کين دنيا مان ڪڍي وٺ، پر انهي بڇڙي کان رکي وٺينِ.


اوهان تي ڪا اهڙي آزمائش ڪانہ اچي پيئي آهي جا انسان سهي نہ سگهي: پر خدا سچو آهي، ۽ جيترو اوهين سهي ٿا سگهو تنهن کان وڌيڪ آزمائش ۾ اوهان کي پوڻ ڪين ڏيندو، پر آزمائش سان گڏ بچي نڪرڻ جو رستو بہ ٺاهي ڏيندو، تہ اُها اوهين برداشت ڪري سگهو.


جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪنهن ڏانهن رنج هجي تہ انهي جي برداشت ڪريو ۽ هڪٻئي کي معاف ڪريو؛ جهڙيءَ طرح ڪ خداوند اوهان کي معاف ڪيو، تهڙيءَ طرح اوهين بہ ڪريو؛


پر خداوند سچو آهي ۽ هو اوهان کي قائم ڪندو، ۽ انهي شرير کان اوهان کي رکي وٺندو.


خداوند مون کي سڀ ڪنهن خراب ڪم کان ڇڏائيندو، ۽ مون کي پنهنجي آسماني بادشاهت ۾ صحيح سلامت پهچائيندو؛ انهي جو جلال شل هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين.


ڇالاءِ جو جنهن پاڻ رحم نہ ڪيو آهي، تنهن جو انصاف بہ رحم کانسواءِ ٿيندو: رحم انصاف تي غالب ٿو پوي.


جيڪي ڏک توکي سَهڻا آهن تن کان نہ ڊڄ: ڏس، شيطان اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجهڻ وارو آهي تہ اوهان جي آزمائش ٿئي؛ ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان تي مصيبت رهندي. تون مرڻ تائين ايماندار رهہ ۽ آئون توکي زندگيءَ جو تاج ڏيندس.


ڇالاءِ جو تو منهنجي صبر جي ڪلام تي عمل ڪيو، تنهنڪري آئون بہ توکي آزمائش جي گهڙيءَ کان بچائيندس، اُها گهڙي جا زمين تي رهڻ وارن جي آزمائش لاءِ ساري جهان تي اچڻي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ