Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 11:32 - Sindhi Bible

32 نينواهہ جا ماڻهو هن زماني جي ماڻهن سان گڏ عدالت ۾ اُٿي بيهندا، ۽ اُنهن کي ڏوهاري ٺهرائيندا، ڇالاءِ جو اُنهن يوناہ جي مناديءَ تي توبهہ ڪئي؛ ۽ ڏسو، هتي هڪڙو آهي جو يوناہ کان بہ وڏو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 نينواہ جا ماڻهو قيامت جي ڏينهن اُٿي بيهندا ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ انهن پاڻ يوناہ جي پرچار تي ئي پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو يوناہ کان بہ مهان آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 نينواہ جا ماڻهو قيامت جي ڏينهن اُٿي بيهندا ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ انهن پاڻ يونس جي تبليغ تي ئي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو يونس کان بہ عظيم آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

32 न्याय जे डी॒ंहं ते नीनवे जा मांणू इन पीढ़ीअ जे मांणुन सां गड॒ बीह करे उनन खे डो॒ही ठहेराईंदा; छोके उनन योना भविष्यवक्‍ता जो प्रचार बु॒धी करे पांजे पापन खां तौबां कयऊं ऐं डि॒सो हिते उहो आहे जेको योना खां बी महान आहे। ”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 نينواہ جا ماڻھو آخرت جي ڏينھن اٿي بيھندا ۽ ھن زماني جي ماڻھن کي ڏوھاري ٺھرائيندا، ڇالاءِ⁠جو انھن يونس جي تبليغ تي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪئي ھئي. پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو آھي جو يونس کان بہ وڏو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 11:32
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يوناہ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي شهر ۾ گهڙيو ۽ پڪاري چوڻ لڳو تہ چاليهن ڏينهن کانپوءِ نينوہ تباهہ ٿي ويندو.


۽ نينوہ جي ماڻهن خدا تي ويساهہ آندو؛ ۽ هنن هڪڙي روزي جو اشتهار ڪيو، ۽ تمام وڏي کان وٺي تمام ننڍي تائين کٿو ڍڪيائون.


۽ يوناہ خدا کي چيو تہ ڪدوءَ جي ول لاءِ تنهنجو ڪاوڙجڻ مناسب آهي ڇا؟ ۽ هن چيو، تہ مرڻ تائين ڪاوڙجڻ منهنجي لاءِ مناسب آهي.


پر هن جواب ڏيئي چين، تہ هن زماني جا خراب ۽ زناڪار ماڻهو نشاني ٿا گهُرن؛ ۽ اُنهن کي يوناہ نبيءَ جي نشانيءَ ڌاران ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏني ويندي:


۽ نينوہ جا ماڻهو هن زماني جي ماڻهن سان گڏ عدالت جي ڏينهن اُٿي بيهندا، ۽ کين ڏوهاري ٺهرائيندا: ڇالاءِ جو اُنهن يوناہ جي مناديءَ تي توبهہ ڪئي، ۽ ڏسو، هتي هڪڙو آهي جو يوناہ کان بہ وڏو آهي.


ڏکڻ جي ملڪہ هن زماني جي ماڻهن سان گڏ عدالت ۾ اُٿي بيهندي، ۽ اُنهن کي ڏوهاري ٺهرائيندي، ڇالاءِ جو هوءَ ڏورانهين ملڪ کان سليمان جي سياڻپ ٻُڌڻ لاءِ آئي؛ ۽ ڏسو، هتي هڪڙو آهي جو سليمان کان بہ وڏو آهي.


ڇالاءِ جو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گهُرج هئي، جو پاڪ، بي ريا، بي عيب، گنهگارن کان ڌار ۽ آسمانن کان بہ مٿي ڪيو ويو هجي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ