Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 10:7 - Sindhi Bible

7 پوءِ اُنهي گهر ۾ ٽڪي پئجو، ۽ جيڪي ڪي اوهان کي ڏين، سو کائيندا پيئندا رهجو، ڇوتہ مزور پنهنجيءَ مزوريءَ جو حقدار آهي. گهر گهر نہ گهُمجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 پوءِ انهيءَ ئي گھر ۾ ايستائين رهي پئجو جيستائين انهيءَ شهر مان روانا نہ ٿيو. رهڻ لاءِ گھر گھر نہ ڦرندا رهجو. هو جيڪي ڪجھہ اوهان کي ڏين سو کائجو ۽ پيئجو، ڇو تہ مزدور پنهنجي مزدوريءَ جو حقدار آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ انهيءَ ئي گھر ۾ ايستائين رهي پئجو جيستائين انهيءَ شهر مان روانا نہ ٿيو. رهڻ لاءِ گھر گھر نہ ڦرندا رهجو. هو جيڪي ڪجھہ اوهان کي ڏين سو کائجو ۽ پيئجو، ڇو تہ مزدور پنهنجي مزدوريءَ جو حقدار آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

7 ऐं घर-घर न घुमजो परअ उन हीं घरअ में रहेजो ऐं उते जेको कुछ मिलेवअ उहो ही खाएजो-पीजो, छोके मज़ूरअ खे पांजी मज़ूरी मिलण खपे।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 پوءِ انھيءَ ئي گھر ۾ ٽڪي پئجو، گھر گھر نہ ڦرجو. ھو جيڪي ڪجھہ اوھان کي ڏين سو کائجو ۽ پيئجو، ڇوتہ مزور پنھنجي مزوريءَ جو حقدار آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 10:7
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اها اوهين، ۽ اوهان جا گهراڻا هر ڪنهن هنڌ ڀلي کائين: ڇالاءِ جو اُها اوهان جي انهي خدمت جي عيوض ۾ انعام ڏنل آهي، جا اوهين جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪريو ٿا.


۽ چيائين تہ جتي ڪنهن گهر ۾ وڃو، تہ جيسين وري اُتان نڪرو تيسين اُتي ئي ٽڪيا پيا هجو.


جيڪڏهن اُتي ڪو سلامتيءَ جو فرزند هوندو، تہ اوهان جو سلام مٿس رهندو، نہ تہ موٽي اوهان وٽ ايندو.


۽ جنهن گهر ۾ وڃو، اُتي ئي ٽڪي پئجو، ۽ اُتان ئي روانا ٿجو.


۽ جڏهن انهيءَ، توڙي سندس گهر جي سڀني ڀاتين بپتسما ورتي، تڏهن اسان کي منٿ ڪري چوڻ لڳي تہ جيڪڏهن اوهين مون کي خداوند جي ايماندار بندي ڪري ٿا سمجهو، تہ منهنجي گهر هلي رهو. ۽ زور ڪري اسان کي وٺي ويئي.


۽ هنن کي پنهنجي گهر آڻي سندن اڳيان ماني رکيائين، ۽ پاڻ ۽ سندس سارو گهراڻو، جن خدا تي ايمان آندو هو، سي ڏاڍو خوش ٿيا.


۽ هو قيدخاني مان نڪري لديہ جي گهر آيا: ۽ ڀائرن سان گڏجي کين تسلي ڏيئي پوءِ روانا ٿيا.


پر جنهن کي ڪلام جي تعليم ٿي ملي، تنهن کي گهرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ شريڪ ڪري.


۽ اوهين، ۽ اوهان جا پٽ، ۽ اوهان جون ڌيون، ۽ اوهان جا غلام، ۽ اوهان جون ٻانهيون، ۽ لاوي، جن کي اوهان سان گڏ حصو يا ورثو نہ ملڻ ڪري، اوهان جي گهرن ۾ رهندا هجن، سي سڀ گڏجي خوشيون ڪجو.


انهن کي کائڻ لاءِ هڪ جيترو حصو ملندو، ۽ جيڪي هن جي اباڻي ملڪيت جي وڪري مان پيدا ٿئي، سو بہ ملندس.


۽ تنهن کانسواءِ هو سست ۽ گهر گهر رُلن ٿيون؛ ۽ نہ رڳو سست ٿيون رهن، پر اجائي بَڪ ڪرڻ، ۽ ٻين جي ڪمن ۾ ٽپي پوڻ ۽ ناشائستيون ڳالهيون ڪرڻ بہ ٿيون سکن.


هاري بہ جيڪو پورهيو ڪري ٿو، تنهن کي سڀ کان اڳي پيدائش مان حصو ملڻ گهرجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ