Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 10:40 - Sindhi Bible

40 پر مارٿا گهڻو ڪم ڪار ڪري ٿڪجي پيئي، ۽ وٽس اچي چيائين، تہ اي خداوند، توکي خيال ڪونہ ٿو پوي تہ منهنجي ڀيڻ مون کي ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ اڪيلو کڻي ڇڏيو آهي؟ هاڻي چئينس تہ اچي منهنجي مدد ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

40 مارٿا گھڻي ڪم ڪار ڪرڻ ڪري ٿڪجي پيئي، سو اچي يسوع کي چيائين تہ ”اي سوامي! اوهان کي خيال نہ ٿو ٿئي تہ منهنجي ڀيڻ مون کي ڪم ڪار ۾ اڪيلو کڻي ڇڏي ڏنو آهي؟ هاڻي چئوس تہ هلي منهنجي مدد ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

40 مارٿا گھڻي ڪم ڪار ڪرڻ ڪري ٿڪجي پيئي، سو اچي عيسيٰ کي چيائين تہ ”اي سائين! اوهان کي خيال نہ ٿو ٿئي تہ منهنجي ڀيڻ مون کي ڪم ڪار ۾ اڪيلو کڻي ڇڏي ڏنو آهي؟ هاڻي چئوس تہ هلي منهنجي مدد ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

40 परअ मार्था कम कंदे-कंदे हैरान थी वई, सो इन करे उहा येशुअ वट अची करे चवण लगी॒, “ हे प्रभु छा तोखे कुछ बी चिंता कोने के मुंजी भेण मुखे सेवा करण जे लाए अकेलो छडे॒ डि॒नो आहे? इनलाए उन खे चओ के मुंजी मदद करे।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

40 مارٿا گھڻي ڪم ڪار ڪرڻ ڪري ٿڪجي پيئي ۽ اچي عيسيٰ کي چيائين تہ ”اي خداوند! اوھان کي خيال نہ ٿو ٿئي تہ منھنجي ڀيڻ مون کي ڪم ڪار ۾ اڪيلو کڻي ڇڏي ڏنو آھي؟ ھاڻي چئوس تہ منھنجي مدد ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 10:40
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن سانجهي ٿي تڏهن شاگرد وٽس آيا ۽ چيائونس، تہ هيءُ هنڌ ويران آهي، ۽ ويل بہ ٽري ويئي آهي؛ سو ماڻهن کي موڪل ڏي تہ ڳوٺن ۾ وڃي پنهنجي لاءِ کاڌو خريد ڪن.


۽ پطرس هن کي پاسي تي وٺي ڇينڀي چوڻ لڳو تہ اي خداوند، خدا خير ڪري، تو سان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو.


۽ جڏهن سندس عزيزن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن کيس هٿ ڪرڻ لاءِ نڪتا: ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هي هوش کان ٻاهر آهي.


هاڻي جڏهن هو پنهنجو رستو وٺي پئي ويا، تہ هو هڪڙي ڳوٺ ۾ ويو، ۽ اُتي مارٿا نالي هڪڙي زال هن کي پنهنجي گهر آڻي ٽڪايو.


پر خداوند وراڻي ڏيئي چيس، تہ اي مارٿا، اي مارٿا، تون گهڻين ڳالهين جي فڪر ۽ هلاکيءَ ۾ آهين.


۽ اها تلاش نہ ڪريو، تہ ڇا کائينداسين ۽ ڇا پيئنداسين؟ نڪي دل هڻو.


پر هن ڦري جهڻڪين. (۽ چيائين تہ اوهين نٿا ڄاڻو تہ ڪهڙي روح جا آهيو.


هاڻي لعزر نالي هڪڙو شخص، مريم ۽ سنديس ڀيڻ مارٿا جي ڳوٺ بيت عنياہ جو ويٺل، بيمار ٿي پيو.


هاڻي يسوع جو مارٿا ۽ سنديس ڀيڻ ۽ لعزر تي پيار هو.


تنهنڪري اُتي سندس رات جي ماني ڪيائون: ۽ مارٿا خدمت ڪرڻ تي بيٺي هئي، ۽ مهمان جيڪي ساڻس هئا، تن مان لعزر بہ هڪڙو هو.


جيڪو کاڄ فاني آهي، تنهن لاءِ محنت نہ ڪريو، پر اُنهي کاڄ لاءِ، جو هميشہ جي زندگيءَ تائين هلي ٿو، جو ابن آدم اوهان کي ڏيندو: ڇالاءِ تہ پيءُ يعني خدا، هن تي ئي مهر هنئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ