Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 10:30 - Sindhi Bible

30 يسوع وراڻي ڏيئي چيس، تہ هڪڙو ماڻهو يروشلم کان يريحو ڏانهن پئي ويو؛ ۽ ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، جن ڪپڙا بہ لاٿس، ۽ مار بہ ڏنائونس، ۽ اڌ مُئو ڪري ڇڏي ويس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 يسوع وراڻيو تہ ”هڪڙو ماڻهو يروشلم کان يريحو شهر ڏانهن پئي ويو تہ ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، جن ڪپڙا بہ لاهي ورتس ۽ سخت مار ڏيئي اڌ مئو ڪري ڇڏي ويس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 عيسيٰ وراڻيو تہ ”هڪڙو ماڻهو يروشلم کان يريحو شهر ڏانهن پئي ويو تہ ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، جن ڪپڙا بہ لاهي ورتس ۽ سخت مار ڏيئي اڌ مئو ڪري ڇڏي ويس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

30 येशुअ उन खे इन जो जवाब हिक मिसाल ड॒ई करे चयईं, “हिक मांणू यरूशलेम शहेरअ खां यरीहो नगरअ डा॒ं वञी रयो हो, त रस्ते में डाकुन उन खे घेरे छड॒यो ऐं संदस जा कपड़ा लाए छड॒यऊं ऐं उन खे मारे-कुटे अधमुअल करे छडे॒ व्यस।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھڪڙو ماڻھو يروشلم کان يريحو شھر ڏانھن پئي ويو تہ ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، جن ڪپڙا بہ لاھي ورتس ۽ مار بہ ڏنائونس ۽ اڌ مئو ڪري ڇڏي ويس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 10:30
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ انهن جي شمار ۾ ٿو ليکجان جيڪي قبر ۾ ٿا پون؛ آءٌ انهي ماڻهوءَ وانگي آهيان جنهن جو ڪو چاڙهو ڪونهي:


تنهن ڪري ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اُن جي اُڪريلن مورتن تي فتويٰ جاري ڪندس؛ ۽ اُن جي ساري زمين ۾ ڦٽيلن جي ڪنجهڪار پئجي ويندي.


جڏهن هو ڦٽيلن وانگر شهر جي رستن تي بيهوش ٿا ٿين، ۽ جڏهن هنن جو ساهہ سندن مائن جي جهوليءَ ۾ نڪري ٿو، تڏهن هو پنهنجي مائن کي ٿا چون تہ ان ۽ شراب ڪٿي آهي؟


آءٌ بابل جي بادشاهہ جون ٻانهون مضبوط ڪندس، ۽ پنهنجي ترار سندس هٿ ۾ ڏيندس؛ پر آءٌ فرعون جون ٻانهون ڀڃندس، ۽ هو انهي جي اڳيان اهڙيون ڪنجهڪارون ڪندو، جهڙيون سخت ڦٽيل ماڻهو ڪندا آهن.


۽ اتفاقاَ هڪڙو ڪاهن انهي رستي کان پئي ويو، ۽ جڏهن هن کي ڏٺائين تہ پاسو ڪري هليو ويو.


۽ هن ٻارهن ئي کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ ڏسو، اسين يروشلم ڏانهن هلون ٿا، ۽ جيڪي ڳالهيون ابن آدم جي بابت نبي لکي ويا آهن، سي سڀيئي پوريون ٿينديون.


۽ جڏهن ائين چئي چڪو، تڏهن هو اڳتي وڌي يروشلم ڏانهن وڃڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ