Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 10:24 - Sindhi Bible

24 ڇوتہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ گهڻن نبين ۽ بادشاهن جي خواهش هئي، تہ جيڪي اوهين ٿا ڏسو، سو ڏسن، پر نہ ڏٺائون، ۽ جيڪي اوهين ٿا ٻُڌو سو ٻُڌن، پر نہ ٻُڌائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ڪيترن ئي سنتن ۽ راجائن جي اها خواهش هئي تہ جيڪي اوهين ٿا ڏسو سو هو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوهين ٿا ٻڌو، سو اهي بہ ٻڌن پر نہ ٻڌائون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪيترن ئي نبين ۽ بادشاهن جي اها خواهش هئي تہ جيڪي اوهين ٿا ڏسو سو هو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوهين ٿا ٻڌو سو اهي بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

24 छोके मां तवां खे चवां तो, के डा॒ढन हीं भविष्यवक्‍ताउन ऐं राजाहुन इहे सब गा॒ल्यूं डि॒सण चायूं जेके तवां डि॒सो ता परअ उहे न डि॒सी सग॒या ऐं जेकी गा॒ल्यूं तवां बु॒धो ता उहे बी बु॒धन परअ उहे न बु॒धी सग॒या।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 ڇوتہ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪيترن ئي نبين ۽ بادشاھن جي اھا خواھش ھئي تہ جيڪي اوھين ٿا ڏسو، سو ھو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوھين ٿا ٻڌو، سو اھي بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 10:24
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر مبارڪ آهن اوهان جون اکيون، ڇالاءِ جو اُهي ڏسن ٿيون، ۽ مبارڪ آهن اوهان جا ڪَن، ڇالاءِ جو اُهي ٻُڌن ٿا.


۽ شاگردن ڏانهن منهن ڪري انهن کي پنهنجيءَ پر ۾ چيائين، تہ مبارڪ آهن اُهي اکيون جي اِهو ٿيون ڏسن جيڪي اوهين پيا ڏسو:


۽ ڏسو، هڪڙو شريعت جو اُستاد اُٿي بيٺو، ۽ کيس آزمائڻ لاءِ چيائين، تہ اي اُستاد، آئون ڇا ڪريان جو هميشہ جي زندگيءَ جو وارث ٿيان؟


اوهان جو ابو ابراهيم منهنجي ڏينهن ڏسڻ جي اُميد تي ڏاڍو خوش هو؛ ۽ هن اُهو ڏٺو، ۽ سرهو ٿيو.


اهي سڄي عمر ايمان تي قائم هئا، ۽ جيتوڻيڪ واعدي جون شيون نہ ملين، مگر پري کان انهن کي ڏسي انهن جي مرحبا ڪيائون، ۽ قبول ڪيائون تہ اسين زمين تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.


۽ جيتوڻيڪ انهن سڀني جي نسبت ۾ ايمان جي ڪري شاهدي ڏني ويئي هئي، تہ بہ واعدي واري نعمت حاصل ڪانہ ٿين،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ