Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 1:8 - Sindhi Bible

8 پوءِ هيئن ٿيو جو جڏهن هن خدا جي حضور ۾، پنهنجي فرقي جي واري تي، ڪاهن جو ڪم پئي ڪيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 هڪ دفعي جڏهن زڪرياہ پنهنجي ٽولي جي واري تي ايشور جي شرڻ ۾ ڪاهن جا فرض ادا ڪري رهيو هو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 هڪ دفعي جڏهن زڪرياہ پنهنجي ٽولي جي واري تي خدا جي حضور ۾ ڪاهن جا فرض ادا ڪري رهيو هو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

8 हिक डी॒ंह जड॒ऐं जकरयाह पांजी टोलीअ जी वारीअ ते मंदरअ में परमेश्वरअ जी हुज़ुरीअ में याजकअ जो कम प्यो करे,

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 ھڪ دفعي ذڪريا پنھنجي فرقي جي واري تي خدا جي حضور ۾ ڪم پئي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 1:8
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو انهن جي خدمت جي ترتيب جو نمونو هو، تہ هو خداوند جي گهر ۾، جيئن کين هارون سندن پيءُ جو قانون ٻڌل هو، جو خداوند اسرائيل جي خدا کيس حڪم ڏنو هو.


پر ندب ۽ ابيهو پنهنجي پيءُ کان اڳي مري ويا ۽ ڪوبہ اولاد ڪونہ هون. تنهنڪري اليعزر ۽ اتمر ڪهانت جو ڪم ڪيو.


ڇالاءِ جو لاوي پنهنجا ٻهراڙيءَ جا ڳوٺ، ۽ پنهنجي ملڪيت ڇڏي يهوداہ ۽ يروشلم ۾ آيا: جو يربعام ۽ سندس پٽن هنن کي ڪڍي ڇڏيو هو تہ هو خداوند جي لاءِ ڪهانت جو عهدو نہ هلائين:


هارون جي پٽن يعني ڪاهنن لاءِ بہ، جي سڀ ڪنهن وڏي شهر ۾، پنهنجن شهرن جي ٻهراڙين وارين ٻنين ۾ رهندا هئا، ڪي ماڻهو مقرر ڪيا ويا، جي ناليوار ظاهر ڪيا ويا هئا، انهيءَ لاءِ تہ ڪاهنن مان جيڪي مرد ماڻهو هئا ۽ جيڪي لاوين مان نسب نامي موجب شمار ڪيا ويا هئا، تن سڀني کي سندن حصا پهچائي ڏين.


۽ حزقياہ ڪاهنن ۽ لاوين جا واري موجب سندن حصا مقرر ڪيا، جنهنڪري ڪاهنن توڙي لاوين مان هر ڪنهن ماڻهو کي پنهنجي پنهنجي خدمت موجب سوختني قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهڻيون هيون، ۽ خدمت ڪرڻي هئي، ۽ شڪرگذاري ڪرڻي هئي، ۽ خداوند جي منزلگاهہ جي درن وٽ تعريف ڪرڻي هئي.


۽ پنهنجي پيءُ دائود جي حڪم موجب ڪاهنن جا حصا واري سان خدمت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائين، ۽ لاوين کي پنهنجي فرضي ڪمن تي رکيائين تہ تعريف ڪن، ۽ ڪاهنن جي اڳيان خدمت چاڪري ڪن، جيئن ڪ روزمرہ جو دستور هو: دربانن کي بہ سڀني درن تي دستور موجب مقرر ڪيائين: ڇالاءِ جو خدا جي مرد دائود ائين حڪم ڪيو هو.


۽ هنن ڪاهنن کي، پنهنجي پنهنجي حصي ۾، لاوين کي پنهنجي پنهنجي واري تي، يروشلم ۾ خدا جي خدمت لاءِ مقرر ڪيو؛ جيئن ڪ موسيٰ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي.


۽ تون بني اسرائيل مان پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن کي پاڻ وٽ سڏاءِ تہ اُهي، يعني هارون، ۽ سندس پٽ ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر، منهنجي لاءِ ڪاهن ٿين.


۽ تون اهي پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ ساڻس گڏ سندس پٽن کي پهرائج، ۽ انهن کي مسح ڪري، مخصوص ۽ پاڪ ڪج، تہ اهي منهنجي حضور ۾ ڪهانت جي عهدي تي رهي خدمت ڪن.


۽ منهنجي حضور ۾ ڪهانت جي خدمت ڪرڻ واسطي هنن کي مخصوص ڪرڻ لاءِ تون هيئن ڪج: تون هڪڙو وهڙو ۽ ٻہ بي عيب گهٽا وٺج،


آءٌ جماعت واري تنبوءَ ۽ قربانگاهہ کي پاڪ ڪندس، ۽ آءٌ هارون ۽ سندس پٽن کي بہ پاڪ ڪندس، تہ منهنجي خدمت ڪرڻ لاءِ ڪاهن ٿين.


۽ تون انهن کي، يعني هارون ۽ سندس پٽن کي، چيلهہ تي ڪمربند ٻڌج، ۽ ٽوپيون پهرائج؛ تہ کين هميشہ جي قانون موجب ڪهانت جو حق حاصل ٿئي: ائين تون هارون ۽ سندس پٽن کي مخصوص ڪج.


۽ تون هارون ۽ سندس پٽن کي مسح ڪري پاڪ ڪج، تہ هو منهنجي لاءِ ڪهانت جي خدمت ڪن.


پر تون ۽ تو سان گڏ تنهنجا پٽ، قربانگاهہ ۽ پردي جي اندر جي سڀ ڪم ڪار لاءِ، پنهنجي ڪهانت قائم رکجو، ۽ خدمت ڪجو: آءٌ ڪهانت جي خدمت اوهان کي بخشش طور ٿو ڏيان، ۽ جيڪو ڌاريو ماڻهو ويجهو ايندو سو ماريو ويندو.


يهوديہ جي بادشاهہ هيروديس جي ڏينهن ۾، ابياہ جي فرقي مان، زڪرياہ نالي هڪڙو ڪاهن هو، ۽ سندس زال اليشبع هارون جي ڌيئرن مان هئي.


پر کين اولاد ڪونہ هو، ڇو جو اليشبع سنڍ هئي، ۽ ٻئي عمر جا وڏا ٿي ويا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ