Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 1:76 - Sindhi Bible

76 ۽ اي ٻچا، تون خدا تعاليٰ جو نبي ڪري ڪوٺبين، ڇوتہ تون خداوند جا رستا تيار ڪرڻ لاءِ سندس اڳيان ٿي هلندين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

76 هاڻ اي منهنجا ٻچا يوحنا! تون مهان ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت سڏيو ويندين، ۽ پرڀوءَ جي اڳيان اڳيان هن لاءِ رستو تيار ڪندو هلندين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

76 هاڻ اي منهنجا ٻچا يحيٰ! تون خدا تعاليٰ جو نبي سڏيو ويندين، ۽ خداوند جي اڳيان اڳيان هن لاءِ رستو تيار ڪندو هلندين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

76 हे मुंजा पुटअ, तूं परमप्रधान परमेश्वरअ जो भविष्यवक्‍ता चवाएजंदे, तूं प्रभुअ जे अचण खां पहेरयों, हुन जे लाए रस्तो तैयार कंदे,

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

76 تون، اي منھنجا ٻچا! خدا تعاليٰ جو نبي سڏيو ويندين. تون خداوند جي آڏو ھلندين تہ انھيءَ لاءِ رستو تيار ڪرين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 1:76
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ صيون بابت چيو ويندو تہ هي ۽ هو ماڻهو اتي ڄائو هو؛ ۽ خدا تعاليٰ پاڻ انهي کي قائم ڪندو.


ڏسو آءٌ پنهنجو پيغمبر موڪليندس، ۽ هو منهنجي اڳيان راهہ تيار ڪندو: ۽ خداوند، جنهن جا اوهين طالب آهيو، سو اوچتو پنهنجي هيڪل ۾ ايندو؛ ڏسو، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ عهد جو پيغمبر، جنهن جا اوهين خواهشمند آهيو، اُهو ايندو.


ڏسو، خداوند جي عظيم ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ کان اڳي آءٌ ايلياہ نبيءَ کي اوهان وٽ موڪليندس.


سو هيروديس جي مرضي هئي تہ مارائي وجهانس، پر ماڻهن جو ڊپ ٿيس، ڇالاءِ جو هو انهي کي نبي ڪري ڄاڻندا هئا.


پر جي ٿا چئون تہ ماڻهن کان، تہ اسين خلق کان ٿا ڊڄون؛ ڇالاءِ جو سڀ يوحنا کي نبي ڪري ٿا سمجهن.


آئون تہ اوهان کي توبهہ جي لاءِ پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، مگر اُهو جو منهنجي پٺيان ٿو اچي، سو مون کان وڌيڪ طاقت وارو آهي، جنهن جي جُتيءَ کڻڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان: اُهو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو.


هيءُ اُهو آهي جنهن جي بابت يسعياهہ نبيءَ ذڪر ڪيو هو، تہ ”رڻ پٽ ۾ هڪڙي پڪارڻ واري جو آواز ٿو اچي، تہ اوهين خداوند جو رستو تيار ڪريو، ۽ سندس واٽون سنئيون ڪريو“.


پر جي ٿا چئون تہ ماڻهن کان، تہ خلق کان ڊنا ٿي، ڇالاءِ تہ سڀني يوحنا کي سچ پچ نبي ڪري ٿي سمجهيو.


هو بزرگ ٿيندو، ۽ خدا تعاليٰ جو فرزند ڪري سڏبو، ۽ خداوند خدا کيس سندس پيءُ دائود جو تخت ڏيندو.


تنهن تي ملائڪ وراڻي ڏيئي چيس، تہ پاڪ روح توتي نازل ٿيندو، ۽ خدا تعاليٰ جي قدرت توتي ڇانوَ ڪندي: تنهنڪري اُهو پاڪ جو ڄمندو سو خدا جو فرزند ڪوٺبو.


پر اوهين پنهنجن دشمنن کي پيار ڪريو، ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو، اُڌارو ڏيو ۽ نااُميد نہ ٿيو، تہ اوهان جو اجر وڏو ٿيندو ۽ اوهين خدا تعاليٰ جا فرزند ٿيندا: ڇوتہ هو بي شڪرن ۽ برن تي مهربان آهي.


هن چيو تہ آئون انهي جو آواز آهيان جو رڻ پٽ ۾ منادي ڪري ٿو چوي، تہ ”خداوند جي واٽ سنئين ڪريو،“ جهڙيءَ طرح يسعياہ نبيءَ چيو آهي.


اُهو ئي آهي جو منهنجي پٺيان ٿو اچي، جنهن جي جُتيءَ جي ڌاڳن ڇوڙڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان.


اوهين پاڻ منهنجا شاهد آهيو جو مون چيو تہ آئون مسيح نہ آهيان، پر هن کان اڳ ۾ موڪليل آهيان.


۽ اُها پولس ۽ اسان جي پٺيان اچي واڪا ڪري چوڻ لڳي، تہ هي ماڻهو خدا تعاليٰ جا بندا آهن، جي اوهان کي نجات جي واٽ ٿا ڏيکارين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ