Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 1:72 - Sindhi Bible

72 انهي لاءِ تہ اسان جن ابن ڏاڏن تي رحم آڻي، پنهنجو پاڪ عهد ياد فرمائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

72 هن اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيل وچن موجب، اسان تي ديا ڪندي پنهنجو ٻڌل پوِتر وچن پورو ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

72 هن اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيل واعدي موجب، اسان تي رحم ڪندي پنهنجو پاڪ عهد پورو ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

72 उहो असां जे अबन-डा॒ड॒न सां कयल पवित्र वाचा खे याद कंदो ऐं उनन जे मथां रहेम कंदो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

72 ھن پنھنجي واعدي موجب، اسان جي ابن ڏاڏن تي رحم ڪيو آھي ۽ پنھنجو پاڪ عھد ياد ڪيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 1:72
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي توکي مبارڪ چوندا، تن کي آءٌ برڪت ڏيندس، ۽ جيڪي توکي پِٽيندا تن تي آءٌ لعنت ڪندس. تو کان زمين جي سڀني قبيلن کي برڪت ملندي.


تنهنجي نسل جي وسيلي زمين جي سڀني قومن کي برڪت ملندي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجو چوڻ مڃيو آهي.


آءٌ تنهنجو اولاد آسمان جي تارن وانگر وڌائيندس ۽ هي سڀ ملڪ تنهنجي اولاد کي ڏيندس؛ ۽ تنهنجي نسل مان زمين جي سڀني قومن کي برڪت ملندي؛


۽ تنهنجو اولاد زمين جي واريءَ جيترو ٿيندو، ۽ تون الهندي ڏانهن، ۽ اڀرندي ڏانهن، ۽ اُتر ڏانهن ۽ ڏکڻ ڏانهن پکڙجي ويندين، ۽ تنهنجي، ۽ تنهنجي نسل جي ڪري زمين جي سڀني قبيلن کي برڪت ملندي.


اُهو عهد اقرار جو هن ابرهام سان ڪيو، ۽ جو قسم هن اسحاق سان کنيو؛


ڇالاءِ تہ جيڪو پاڪ قول پنهنجي بندي ابرهام سان ڪيو هئائين، تنهن کي ياد ڪيائين.


۽ انهن جي لاءِ پنهنجي عهد کي ياد ڪيائين. ۽ پنهنجي بيحد رحم جي ڪري پنهنجو ارادو ڦيرايائين.


جيڪي کانئس ڊڄن ٿا تن کي هو کاڌو ٿو ڏئي: هو پنهنجي عهد کي هميشہ ياد رکندو.


هن اسرائيل جي گهراڻي لاءِ پنهنجو رحم ۽ پنهنجي وفاداري ياد ڪئي آهي: ۽ زمين جي سڀني ڇيڙن اسان جي خدا جي نجات ڏٺي آهي.


اُنهي هوندي بہ تنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ جيڪو عهد اقرار مون توسان ڪيو هو سو آءٌ ياد ڪندس. ۽ توسان هميشہ جو عهد اقرار قائم ڪندس.


هاڻي جڏهن آءٌ تو وٽان لنگهيس ۽ توتي منهنجي نظر پيئي، تڏهن تنهنجو وقت محبت پيدا ٿيڻ جو وقت هو؛ ۽ مون پنهنجو دامن توتي پکيڙيو، ۽ تنهنجي اوگهڙ ڍڪيم: هائو، خداوند ٿو فرمائي، تہ مون توسان قسم کنيو ۽ توسان عهد اقرار ڪيم، ۽ تون منهنجي ٿئينءَ.


تڏهن آءٌ پنهنجو عهد ياد ڪندس، جيڪو عهد يعقوب سان، ۽ اسحاق سان، ۽ ابرهام سان، ڪيو هوم؛ سو ياد ڪندس، ۽ انهي ملڪ کي بہ ياد ڪندس.


تون يعقوب کي سچائي ڏيندين، ۽ ابرهام کي رحم بخشيندين، جيئن تو قديم وقت کان وٺي اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي.


سو انجيل جي نسبت هو اوهان جي خاطر دشمن آهن: پر چونڊ جي نسبت هو بزرگن جي خاطر پيارا آهن.


اُهي اسرائيلي آهن، ۽ گود جي اولاد ٿيڻ جو حق، ۽ جلال، ۽ عهد، ۽ شريعت، ۽ خدا جي عبادت، ۽ واعدا انهن ئي جا آهن، ۽ قوم جا ابا ڏاڏا بہ انهن جا آهن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ