Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 1:71 - Sindhi Bible

71 يعني اسان جا دشمن ۽ سڀ جيڪي اسان سان عداوت ٿا رکن، تن سڀني کان اسان کي نجات بخشي اٿس؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

71 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ ايشور اسان کي دشمنن کان بچائي. هائو، انهن سڀني جي هٿان ڇڏائي، جيڪي اسان کان نفرت ڪن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

71 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ خدا اسان کي دشمنن کان بچائي. هائو، انهن سڀني جي هٿان ڇڏائي، جيڪي اسان کان نفرت ڪن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

71 के उहो असां खे दुश्मनन खां बचाईंदो ऐं सबनिन वेर रखण वारन जे हथन मां छडा॒ईंदो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

71 تہ ھو اسان کي دشمنن کان بچائي ۽ انھن جي ھٿان ڇڏائي، جيڪي اسان کان نفرت ڪن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 1:71
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اوهين خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄجو؛ ۽ اهو اوهان کي اوهانجن سڀني دشمنن جي هٿان ڇڏائيندو.


هن انهن کي عداوت رکڻ واري جي هٿان بچايو، ۽ کين دشمن جي هٿان ڇڏايائين.


اي خداوند اسان جا خدا اسان کي بچاءِ، ۽ ڌارين قومن مان اسان کي ڪڍي گڏ ڪر. تہ اسين تنهنجي پاڪ نالي جي شڪرگذاري، ۽ تنهنجي تعريف ۾ فخر ڪريون.


انهي جي ڏينهن ۾ يهوداہ بچي ويندو ۽ اسرائيل صحيح سلامت رهندو: ۽ جنهن نالي سان هو سڏبو سو هي آهي تہ خداوند اسان جي راستبازي آهي.


ڏس، تہ جن ملڪن ۾ مون هنن کي پنهنجي غصي ۽ پنهنجي ڪاوڙ ۽ پنهنجي غضب ۾ هڪالي ڪڍيو آهي، تن سڀني مان آءٌ هنن کي گڏ ڪندس؛ ۽ آءٌ هنن کي وري بہ هن هنڌ آڻيندس، ۽ هنن کي سلامتيءَ سان رهائيندس:


پوءِ هو انهيءَ ۾ سلامتيءَ سان رهندا، بلڪ هو گهر جوڙيندا ۽ ڊاک جا منهہ لڳائيندا ۽ سلامتيءَ سان پيا گهمندا؛ اُهي سڀ جي هن جي چوڌاري هن تي نفرت ٿا ڪن، تن تي آءٌ فتوائن جي تعميل ڪندس؛ تڏهن هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان.


۽ آءٌ هنن سان صلح جو عهد اقرار ڪندس، ۽ خراب جانورن کي انهي زمين مان موقوف ڪري ڇڏيندس: پوءِ هو سلامتيءَ سان بيابان ۾ رهندا ۽ ٻيلي ۾ سمهندا.


۽ هو اڳتي وري غير قومن جو شڪار نہ ٿيندا، ۽ نہ زمين جا جانور انهن کي ڳهي ويندا؛ پر هو سلامتيءَ سان رهندا ۽ ڪوبہ هنن کي نہ ڊيڄاريندو.


گهڻن ڏينهن کان پوءِ تون ياد ڪيو ويندين ۽ پوين سالن ۾ تون انهي زمين ۾ ايندين جا ترار کان ڇڏائي ويئي آهي، ۽ انهي جا ماڻهو قومن مان گڏ ڪيا ويندا، ۽ اسرائيل جي جبلن تي، جي ويران آهن، انهن تي چڙهي ايندا ۽ اُهي سڀ سلامتيءَ سان رهندا.


”سڳورو هجي خداوند اسرائيل جو خدا، ڇوتہ هن پنهنجي اُمت تي نظر ڪري اُن کي نجات ڏني آهي.


تہ اسان کي هي عطا ڪري، تہ اسين پنهنجن دشمنن جي هٿان آزاد ٿي،


اي اسرائيل، تون مبارڪ آهين: خداوند توکي بچايو آهي، تو جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي، خداوند تنهنجي مدد جي ڍال، ۽ تنهنجيءَ وڏائيءَ جي ترار آهي! تنهنجا دشمن اچي تو وٽ پيش پوندا؛ ۽ تون اُنهن جا مٿانهان مڪان لتاڙي ڇڏيندين.


جيڪو گناهہ ٿو ڪري، سو شيطان مان آهي؛ ڇالاءِ تہ شيطان شروعات کان وٺي گناهہ ڪندو اچي. خدا جو فرزند انهي مطلب لاءِ ظاهر ٿيو تہ هو شيطان جي ڪمن کي برباد ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ