Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 1:66 - Sindhi Bible

66 ۽ جن اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تن سڀني اُهي دل ۾ رکي چيو، تہ هيءُ ڪهڙو ٻار ٿيندو؟ ڇالاءِ جو خداوند جو هٿ مٿس هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

66 جن بہ اهي ڳالهيون ٻڌيون سي دل ۾ انهن تي غور ويچار ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اهو ٻار ڪيڏو نہ مهان ٿيندو!“ ڇاڪاڻ تہ صاف ظاهر هو تہ انهيءَ ٻار تي پرميشور جو هٿ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

66 جن بہ اهي ڳالهيون ٻڌيون سي دل ۾ انهن تي غور ويچار ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اهو ٻار ڪيڏو نہ عظيم ٿيندو!“ ڇاڪاڻ تہ صاف ظاهر هو تہ انهيءَ ٻار تي خداوند جو هٿ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

66 जिन बी इयो बु॒धो, उहे पांजे दिल में विचार करे चवण लगा॒, “हे बा॒र वडो॒ थी करे, छा ठवंदो?” छोके प्रभुअ जो सामर्थ उन सां गड॒ आहे।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

66 جن بہ اھي ڳالھيون ٻڌيون تن انھن تي دل ۾ ويچار ڪيو ۽ چوڻ لڳا تہ ”اھو ٻار ڪيڏو نہ عظيم ٿيندو!“ اھو سڀ انھيءَ ڪري ٿيو جو انھيءَ ٻار ساڻ خداوند جي قدرت صاف ظاھر ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 1:66
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڪري سندس ڀائر ساڻس حسد ڪرڻ لڳا؛ پر سندس پيءُ اها ڳالهہ دل ۾ رکي.


۽ خداوند يوسف سان هو، ۽ هو اقبال مند ٿيو: ۽ پنهنجي مصري مالڪ جي گهر ۾ رهڻ لڳو.


۽ خداوند جو هٿ ايلياہ تي هو: ۽ هن اُٿي پنهنجي ڪمر ٻڌي، ۽ اخي آب جي اڳيان ڊوڙندو يزرعيل جي دروازي تائين ويو.


مون تنهنجو ڪلام پنهنجيءَ دل ۾ رکيو آهي، تہ آءٌ تنهنجي برخلاف گناهہ نہ ڪريان.


جو ماڻهو تنهنجي ساڄي هٿ آهي، يعني ابن آدم جنهن کي تو پنهنجي لاءِ مضبوط ڪيو آهي، تنهن تي هٿ رک.


منهنجو هٿ سدائين مٿس رهندو؛ ۽ منهنجي ٻانهن کيس طاقت بخشيندي.


۽ اُهو ٻار وڌندو، ۽ روح ۾ زور وٺندو ويو، ۽ جيستائين اسرائيل ۾ پاڻ پڌرو نہ ڪيائين، تيستائين رڻ پٽ ۾ رهندو هو.


پر مريم اهي سڀ ڳالهيون دل ۾ سانڍي انهن تي خيال ڪندي رهي.


۽ اُهو ٻار اُسرندو ويو، ۽ زور وٺندو ۽ سياڻپ سان ڀرپور ٿيندو ويو، ۽ خدا جو فضل مٿس هو.


پوءِ هو ساڻن گڏجي ناصرت ۾ آيو؛ ۽ سندن چئي ۾ رهيو: ۽ سندس ماءُ اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي دل ۾ سانڍي رکيون.


هي ڳالهيون پنهنجين دلين ۾ ڄمائي ڇڏيو، تہ ابن آدم ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو.


۽ خداوند جو هٿ مٿن هو: ۽ گهڻائي جن ايمان آندو سي خداوند ڏانهن ڦريا.


انهيءَ اُميد جي ڪري جا اوهان جي لاءِ آسمان ۾ رکيل آهي. ۽ جنهن جو ذڪر اوهان اڳيئي انهيءَ خوشخبريءَ جي سچي ڪلام ۾ ٻُڌو آهي،


تڏهن انهن جوان ماڻهن مان هڪڙي ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، مون بيت لحم واري يسي جو پٽ ڏٺو آهي جو وڄائڻ ۾ ڏاڍو ڀڙ آهي، ۽ زور ڀريو ۽ همٿ وارو ماڻهو آهي، ۽ جنگي جوان، ۽ ڳالهائڻ جو خبردار، ۽ خوبصورت شخص آهي، ۽ خداوند هن ساڻ آهي.


پر سموئيل ٻار هو، ۽ سڻيءَ جي ڪپڙي جو اُفود چيلهہ سان ٻڌي خداوند جي خدمت ڪندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ