Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 1:22 - Sindhi Bible

22 پوءِ جڏهن هو ٻاهر نڪتو تہ ساڻن ڳالهائي نہ سگهيو: تڏهن انهن سمجهيو تہ هن پاڪ جاءِ ۾ ڪا رويا ڏٺي آهي: ۽ هن هٿن جا اشارا پئي ڪين، پر ڳالهائي ڪين سگهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 جڏهن هو ٻاهر نڪتو تہ انهن سان ڳالهائي نہ ٿي سگھيو، جنهن مان ماڻهن کي سڌ پئجي ويئي تہ هن کي پوِتر جاءِ ۾ ڪو درشن ڏنو ويو آهي. هو ماڻهن کي هٿن جا اشارا ڏئي پيو پر هڪ لفظ بہ ڳالهائي نہ سگھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 جڏهن هو ٻاهر نڪتو تہ انهن سان ڳالهائي نہ ٿي سگھيو، جنهن مان ماڻهن کي خبر پئجي ويئي تہ هن مقدس جاءِ ۾ ڪا رويا ڏٺي آهي. هو ماڻهن کي هٿن جا اشارا ڏئي پيو پر هڪ لفظ بہ ڳالهائي نہ سگھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

22 जड॒ऐं उहो बा॒हिर आयो त, उहो उनन सां कुछ गा॒लाए न सग॒यो, सो उहे समझी वया के उन ज़रूर मंदरअ में कोई दर्शन डि॒ठो आहे; उहो उनन खे इशारा कंदो रयो परअ हिक अख़र बी गा॒लाए न सग॒यो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 جڏھن ھو ٻاھر نڪتو تہ انھن سان ڳالھائي نہ ٿي سگھيو، جنھن مان ماڻھن کي خبر پئجي ويئي تہ ھن مقدس جاءِ ۾ رويا ڏٺي آھي. ھو ھڪ لفظ بہ نہ ٿي ڳالھائي سگھيو، سو انھن کي ھٿن جا اشارا ڏئي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 1:22
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تنهنجي زبان تنهنجي تارونءَ سان چنبڙائي ڇڏيندس، جنهنڪري تون گونگو ٿيندين، ۽ هنن کي نصيحت ڪري نہ سگهندين: ڇالاءِ جو اُهو باغي گهراڻو آهي.


۽ ماڻهو زڪرياہ لاءِ اکيون پائي ويٺا هئا، ۽ اهوئي عجب هون تہ هن پاڪ جاءِ ۾ هيتري دير ڇو لاتي آهي.


۽ هيئن ٿيو جو جڏهن سندس خدمت ڪرڻ جا ڏينهن اچي پورا ٿيا، تڏهن هو پنهنجي گهر هليو ويو.


تڏهن پڻس کي اشارا ڪيائون تہ تون ڪهڙو نالو رکڻ ٿو گهرينس؟


تڏهن شمعون پطرس اشارو ڏيئي چيس تہ اسان کي ٻُڌاءِ تہ ڪنهن جي بابت ٿو چوي.


پر هن هٿ سان اشارو ڏيئي چين تہ ماٺ ڪريو، پوءِ ٻُڌايائين تہ ڪيئن خداوند کيس قيدخاني مان ڇڏايو. ۽ چيائين تہ هن ڳالهہ جي يعقوب ۽ ٻين ڀائرن کي خبر ڏجو. پوءِ پاڻ نڪري ٻئي هنڌ هليو ويو.


پوءِ سڪندر، جنهن کي يهودي گوڙ مان ڪڍي آيا، تنهن کي کڻي اڳواڻ ڪيائون. ۽ سڪندر هٿ سان اشارو ڏنو، ۽ مرضي هيس تہ ماڻهن جي اڳيان بچاءُ ڏيان.


جڏهن هن موڪل ڏنس، تڏهن پولس ڏاڪڻ تي بيهي ماڻهن کي هٿ سان اشارو ڏنو؛ ۽ جڏهن ڏاڍي ماٺ ٿي ويئي، تڏهن عبراني ٻوليءَ ۾ هنن کي هيئن چوڻ لڳو تہ،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ